اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آچر ڏينهن جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سندس خلاف ”حڪومت جي قدمن“ جي مذمت ڪئي.
ٽيليفون تي اها ڳالهه ٻولهه اهڙي وقت ٿي آهي، جڏهن گذريل هڪ مهيني کان جي يو آءِ (ف) جي سربراهه ۽ مسلم ليگ (ن) جي قيادت واري وفاقي حڪومت وچ ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي. آچر ڏينهن فضل الرحمان جي پارٽي خيبر پختونخوا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پارٽي ۽ ان جي قيادت خلاف هلندڙ ”پروپيگنڊا“ جي مذمت ۾ احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا.
پيپلز پارٽي پاران جاري ڪيل بيان موجب، بلاول ڀٽو ۽ فضل الرحمان ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
حڪمران اتحاد جي اتحادي پارٽي، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جي يو آءِ (ف) کي نشانو بڻائيندڙ ”حڪومتي قدمن ۽ سياسي انتقام“ جي مذمت ڪئي.
بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو حوالو ڏيندي چيو ويو ته ”حڪومت کي مخالف ڌر جي تنقيد برداشت ڪرڻ گهرجي.“ هن جمهوريت ۽ پارلياماني نظام ۾ مخالف ڌر جي ”انتهائي اهم ڪردار“ کي اجاگر ڪيو.
فضل الرحمان سان ڳالهائيندي بلاول چيو ته ”حڪومت کي اهڙن قدمن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جيڪي جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي ڪمزور ڪن.“
پيپلز پارٽي جو چيئرمين تازو ئي ملڪ ۾ سياسي اتحاد ۽ اتفاق راءِ تي زور ڏيندو رهيو آهي. هن وزيراعظم تي زور ڏنو آهي ته حڪومت جي اتحادين ۽ مخالف ڌر سان اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.
10 نومبر تي هن چيو هو ته ”هن نئين شروعات ذريعي سياسي پارٽين کي هڪ ٻئي سان وڙهڻ بدران گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.“ ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ هن وفاقي حڪومت تي زور ڏنو هو ته مولانا فضل الرحمان سميت سڀني سياسي ۽ سماجي ڌرين سان رابطن ۾ اچي، نه ڪي ”هر ڪنهن سان وڙهندي رهي.“
گذريل هڪ مهيني دوران فضل الرحمان ۽ وفاقي وزيرن وچ ۾ سخت بيانن جي ڏي وٺ ٿيندي رهي آهي. ان کان اڳ جي يو آءِ (ف) جي سربراهه وفاق تي الزام لڳايو هو ته اهو صوبن کي سندن حقن کان محروم ڪري رهيو آهي.
اهي واقعا ان وقت سامهون آيا، جڏهن فضل الرحمان پي ٽي آءِ جي حڪومت واري خيبر پختونخوا ۾ وفاق پاران گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ واري فيصلي تي تنقيد ڪندڙ مخالف ڌر سان گڏ بيٺو هو. هن وفاق تي پنهنجا واعدا ٽوڙڻ جو الزام پڻ لڳايو هو، جڏهن ته هو وفاقي ۽ خيبر پختونخوا حڪومتن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ٽياڪڙي جون ڪوششون ڪري رهيو هو.
ٻئي پاسي، وفاقي حڪومت پنهنجي فيصلي جو جواز پيش ڪندي بار بار خيبر پختونخوا حڪومت تي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ”ڄاڻي واڻي لاتعلقي اختيار ڪرڻ“ جو الزام لڳايو آهي. ان فيصلي کان پوءِ صوبي جي انتظامي معاملن جي سربراهي هاڻي پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ گورنر ادا ڪري رهيو آهي.
16 آڪٽوبر تي گهرو وزير محسن نقوي، ڪنهن جو نالو وٺڻ کانسواءِ، دعويٰ ڪئي هئي ته هڪ ”پارٽي سربراهه“ خيبر پختونخوا جي نئين انتظامي سيٽ اپ ۾ ڪردار نه ملڻ ۽ گورنر نه بڻجڻ تي ”سخت ناراض“ آهي.
ٻئي ڏينهن دفاع واري وزير خواجا آصف ۽ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري سڌيءَ ريت فضل الرحمان تي تنقيد ڪئي هئي. بعد ۾ فضل الرحمان وضاحت ڪئي هئي ته سندس تنقيد رياستي ادارن بدران پاليسين خلاف هئي.
اهو تڪرار پارليامينٽ ۾ به سامهون آيو، جتي فضل الرحمان مَڪا معاهدي ۾ شامل ملڪن ۽ ايران جي تهران ۾ ٿيل اجلاس ۾ خواجا آصف جي غيرحاضري ۽ محسن نقوي جي موجودگيءَ تي سوال اٿاريا هئا.
ٻئي ڏينهن پنهنجي جواب ۾ گهرو وزير اجلاس ۾ شرڪت جو سبب بيان ڪيو ۽ جي يو آءِ (ف) تي تنقيد ڪندي الزام لڳايو ته اها ”مسلسل حدون اورانگهي رهي آهي“ ۽ ”رياست مان دولت ڪڍي رهي آهي.“
جي يو آءِ (ف) پنهنجي خلاف ”بي بنياد ۽ ڪوڙي پروپيگنڊا“ جي مذمت ڪئي آهي، وفاقي حڪومت تي سستا حربا استعمال ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي ۽ خيبر پختونخوا ۾ قبضا ختم ڪرڻ واري مهم تحت کنيل قدمن تي به سوال اٿاريا آهن.
گذريل مهيني جي آخر ۾ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جي ڊائريڪٽوريٽ آف بلڊنگ ڪنٽرول (سٽي) اسلام آباد جي سيڪٽر جي-6 ۾ فضل الرحمان جي رهائشگاهه ٻاهران قائم سيڪيورٽي گارڊن جو ڪمرو 15 ڏينهن اندر هٽائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيو هو.
فضل الرحمان جي پٽ اسد محمود دعويٰ ڪئي هئي ته اهو نوٽيس انتقامي ڪارروائي آهي. هن سياسي اختلافن کي ذاتي انتقام ۾ تبديل ڪرڻ تي ڳڻتي پڻ ظاهر ڪئي هئي.
هن مهيني جي شروعات ۾ قومي احتساب بيورو (نيب) اڳوڻي وفاقي وزير مواصلات اسد محمود کي طلب ڪيو هو. مٿس 2022ع کان 2023ع تائين سندس وزارت واري دور ۾ پاڪستان پوسٽ ۾ 4 هزار 252 مقررين ۾ مبينا بي ضابطگين جو الزام آهي. محمود نيب جا ٻه طلب ڪرڻ وارا نوٽيس نظرانداز ڪيا ۽ جاچ ٽيم آڏو پيش نه ٿيو.
6 نومبر تي جي يو آءِ (ف) سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا هئا، جن ۾ پارٽي سربراهه خلاف ”منظم نموني ڪردار ڪشيءَ جي مهم“ جي مذمت ڪئي وئي هئي.
ايڪس تي روزانو جي بنياد تي مولانا ۽ حڪومت هڪٻئي خلاف ايتري تنقيد ڪن ٿا جو باقاعده ٽرينڊز هلن ٿا.










