متحده وارا سنڌ ورهائڻ لاءِ شطرنج جا مهرا بڻيل آهن، ناصر شاهه

متحده وارا سنڌ ورهائڻ لاءِ شطرنج جا مهرا بڻيل آهن، ناصر شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)مڪاني ادارن جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه متحده قومي موومينٽ پاران سنڌ جي ورهاڱي واري مطالبي ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي جي سنڌ بابت بيان تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته متحده جا اڳواڻ سنڌ جي ورهاڱي واري معاملي تي سياسي شطرنج جا مهرا بڻيل آهن، متحده جي قيادت جي پوئتي پيل سياسي سوچ ئي ان جي عوامي حمايت ۾ گهٽتائي جو بنيادي سبب آهي، سنڌ جو عوام پاڪستان پيپلز پارٽي سان گڏ بيٺل آهن ۽ متحده کي ان ڳالهه جي تڪليف آهي. سنڌ هڪ تاريخي، تهذيبي ۽ ناقابلِ تقسيم وحدت آهي، جنهن جي سڃاڻپ، وحدت ۽ خودمختياري تي ڪو به ٺاهه نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ڪراچي جو عوام جون سياسي ترجيحون تبديل ٿي چڪيون آهن، شهري هاڻي لساني ورهاست ۽ نفرت بدران امن، محبت، روزگار، بنيادي سهولتن ۽ ترقي چاهين ٿا. هن چيو ته مراد علي شاهه جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت سنڌ ۾ وڏا ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ عالمي ادارن جي سهڪار سان اهم منصوبن تي ڪم جاري آهي، ورلڊ بينڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ سميت عالمي ادارن جو سنڌ حڪومت ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي قيادت تي اعتماد سندس بهتر حڪمت عملي، محنت ۽ منصوبابندي جو ثبوت آهي. ناصر شاهه چيو ته محمود خان اچڪزئي کي اهڙو بيان ڏيڻ کان اڳ خيبرپختونخوا جي عوام کان به پڇڻ گهرجي ها ته کين ڪهڙا مسئلا درپيش آهن ۽ صوبي جي موجوده صورتحال ڪهڙي آهي. هن چيو ته صوبن جي حالتن جو تعين سياسي بيانن ۽ پوائنٽ اسڪورنگ سان نه پر زميني حقيقتن، حڪومتي ڪارڪردگي ۽ عوام کي فراهم ٿيندڙ سهولتن سان ٿيندو آهي. سنڌ جي عوام پنهنجي سياسي فيصلن ذريعي بار بار واضح ڪيو آهي ته هو نفرت ۽ ورهاڱي بدران اتحاد، ترقي ۽ جمهوري تسلسل جا حامي آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو