ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)شگر ملز جي مالڪن نومبر جو اڌ مهينو گذرڻ باوجود ڪمند جي پيڙائي شروع ناهي ڪئي جنهن سبب آبادگار پريشان آهن.
قانون موجب شگر ملز وارن کي دير ۾ دير آڪٽوبر ۾ ڪمند جي پيڙائي لازمي شروع ڪرڻي هوندي آهي. هن ڀيري به ماضي جيان سنڌ ۽ پنجاب جي حڪومتين جي واضح هدايتن جي باوجود شگر ملز جي مالڪن پيڙائي شروع ناهي ڪئي.
ملز مالڪن جي ايسوسيئيشن موجب، هڪ ڏينهن جي نوٽيس تي ملون نٿيون هلائي سگهجن. شوگر مل هلائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 15 ڏينهن گهربل هوندا آهن، جڏهن ته درآمد ٿيل کنڊ موجود هجڻ سبب ملون هلائڻ ڏکيو آهي.
ٻئي پاسي، ڪين ڪمشنر ملز مالڪن جي ايسوسيئيشن جو موقف رد ڪندي چيو آهي ته سڀاڻي کان شوگر ملز جي نگراني شروع ڪئي ويندي. آبادگارن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو. ملز مالڪن کي 15 ڏينهن اڳ ئي آگاهه ڪيو ويو هو.










