سکر جي سڀني ڪچين آبادين کي ريگولرائيز ڪرڻ جو فيصلو

سکر جي سڀني ڪچين آبادين کي ريگولرائيز ڪرڻ جو فيصلو

سکر (بيورو رپورٽ) ميئر سکر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ چيو آهي ته چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي رهنمائي ۽ ويزن مطابق سکر شهر جي سمورين ڪچي آبادين کي ريگيولرائز ڪرڻ ۽ اتي آباد شهرين کي شفاف ۽ منظم طريقيڪار تحت مالڪاڻا حق فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ جامع ۽ مضبوط عمل شروع ڪيو پيو وڃي، جنهن جو بنيادي مقصد سالن کان آباد شهرين کي سندن جائز حقن جي فراهمي ۽ سندن مسئلن جو مستقل حل يقيني بڻائڻ آهي.
وڊيو پيغام ۾ بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ چيو ته هن اهم عوامي قدم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن، بلدياتي نمائندن، سياسي ۽ سماجي شخصيتن ۽ شهرين کي هڪ پليٽ فارم تي متحد ٿيڻو پوندو. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ميئر، ٽائون چيئرمينز، وائيس چيئرمينز، يونين ڪميٽين جي چيئرمينز، وائيس چيئرمينز، ڪائونسلرز، محلا ڪميٽين جي ميمبرن، صلاحڪارن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سمورين تنظيمن کي هن عمل ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي آهي.
هن واضح ڪيو ته هي هڪ غير سياسي ۽ خالصتاً عوامي ڀلائي جو عمل آهي، جنهن ۾ ڪنهن به سياسي وابستگي يا جماعتي فرق جي ڪا به گنجائش ناهي. مسلم ليگ (ن)، مسلم ليگ (ق)، جي ڊي اي، جمعيت علماءِ اسلام، جماعت اسلامي، پاڪستان تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم سميت سمورين سياسي جماعتن ۽ ٻين سياسي توڙي سماجي حلقن کي هن قومي ۽ شهري ذميواري ۾ ڀرپور سهڪار ڪرڻ جي دعوت ڏجي ٿي. ان کان سواء اين جي اوز، ڪاروباري برادري، ڊاڪٽرن، وڪيلن، واپاري برادري، عورتن، بزرگ شهرين ۽ خاص طور تي سکر جي صحافتي ۽ ميڊيا حلقن کي به اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي هن عوامي مشن جو حصو بڻجن.
بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ ٻڌايو ته سکر شهر جي ڪچي آبادين بابت هڪ جامع پروفارما تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي مختلف آبادين جي قانوني ۽ انتظامي حيثيت جو تعين ڪيو ويندو. ڪجهه آباديون سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي دائري اختيار ۾ اچن ٿيون، ڪجهه سنڌ ڪچي آبادي اٿارٽي جي تحت آهن، ڪجهه نوٽيفائيڊ آهن جڏهن ته ڪجهه جي نوٽيفڪيشن جو عمل مڪمل ٿيڻ باقي آهي. اهڙي طرح ڪيترن ئي هنڌن تي ملڪيت جي منتقلي (انتقالِ ملڪيت) جا معاملا التوا هيٺ آهن، جڏهن ته ڪجهه آبادين جا اين او سيز وفاقي ۽ صوبائي کاتن، پاڪستان ريلوي، آبپاشي کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن وٽ التوا هيٺ آهن. ان کان علاوه اهڙين آبادين جي به نشاندهي ڪئي ويندي جيڪي ڪچي آبادي قرار ڏيڻ جا قانوني ۽ انتظامي گهرجون پوريون ڪن ٿيون، پر اڃا تائين انهن جي حوالي سان باقاعده ڪارروائي شروع ناهي ٿي سگهي.
هن چيو ته هن سموري عمل جو مقصد هر ڪچي آبادي جي اصل صورتحال جو جائزو وٺي لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۽ گڏيل سهڪار ذريعي قانوني گهرجن کي پورو ڪرڻ ۽ شهرين جي مالڪاڻن حقن جي راهه ۾ ايندڙ رنڊڪن کي دور ڪرڻ آهي.
ميئر سکر وڌيڪ چيو ته هن سڄي منصوبي جي هو پاڻ ذاتي طور تي نگراني ڪندو. ان سلسلي ۾ ڪچي آبادي بورڊ جي چيئرمين ۽ ايڊوائيزر نجمي عالم صاحب سان به مشاورت ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي. هن ٻڌايو ته ميئر سکر جي حيثيت سان هو پاڻ ڪچي آبادي بورڊ جو وائيس چيئرمين پڻ آهي، تنهنڪري لاڳاپيل ادارن سان گڏجي هن عمل کي نتيجي خيز بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وينديون.
بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ ان ڳالهه تي خاص زور ڏنو ته هن سموري عمل ۾ شفافيت، ايمانداري ۽ ميرٽ تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو