لاهور: ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر، مرد ۽ عورت فوت

لاهور: ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر، مرد ۽ عورت فوت

لاهور)ويب ڊيسڪ) ڪينال روڊ تي ٺوڪر فلاءِ اوور ڀرسان افسوسناڪ حادثي جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار مرد ۽ عورت فوت ٿي ويا ٽريڪٽر جو اڳيون ٽائر ڦاٽڻ سبب ٽريڪٽر ٽرالي بي قابو ٿي موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار مرد ۽ عورت سخت زخمي ٿي. حادثي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون. زخمين کي فوري طور جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ٻنهي زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. فوتين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. سي ٽي او لاهور سيد عبدالرحيم شيرازي واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي صدر کان تفصيلي جاچ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.ٽريفڪ پوليس جي ترجمان موجب ٽريڪٽر ٽرالي جي ڊرائيور محمد نويد کي حراست ۾ وٺي نواب ٽائون ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو