اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ انٽيليجنس آپريشنز جو دائرو وڌائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي ۽ اندروني سلامتيءَ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي مختلف شعبن ۾ هينئر تائين ڪيل قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ خيبر پختونخوا جي 12 ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، ذريعن موجب اي آر ڊي سي جي هينئر تائين ڪارڪردگي پڻ غور هيٺ آئي.وزيراعظم وفاقي، صوبائي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ رابطن ۽ سهڪار کي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاق پاران خيبر پختونخوا لاءِ 160 ارب رپين جي پيڪيج تي عملدرآمد جو پڻ جائزو ورتو ويو.










