عالمي مارڪيٽن ۾ شين جي قيمتن ۾ 23 سيڪڙو واڌ جي اڳڪٿي

عالمي مارڪيٽن ۾ شين جي قيمتن ۾ 23 سيڪڙو واڌ جي اڳڪٿي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) عالمي بئنڪ چيو آهي ته عالمي مارڪيٽن ۾ شين جي قيمتن ۾ هلندڙ سال 23 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي. عالمي ميڊيا جي رپورٽ موجب، عالمي بئنڪ وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار، توانائيءَ جي فراهميءَ ۾ رڪاوٽن ۽ غذائي شين جي پهچ متاثر ٿيڻ سبب 2026ع دوران عالمي مارڪيٽن ۾ شين جي قيمتن ۾ 23 سيڪڙو واڌ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. توانائيءَ جي قيمتن ۾ 32 سيڪڙو ۽ غذائي شين جي قيمتن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه عالمي بئنڪ جي تازي ڪموڊٽي مارڪيٽس آئوٽ لُڪ رپورٽ ۾ ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب، برينٽ خام تيل جي سراسري قيمت 2025ع ۾ 69 ڊالر في بيرل مان وڌي 2026ع ۾ 91 ڊالر في بيرل ٿيڻ جي اميد آهي، جڏهن ته 2027ع ۾ اها قيمت گهٽجي 79 ڊالر في بيرل رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عالمي سطح تي تيل جي پيداوار ۾ هلندڙ سال 5.2 سيڪڙو گهٽتائي متوقع آهي، جيڪا 2020ع جي عالمي معاشي کساد بازاريءَ کانسواءِ چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي دوران وڏي گهٽتائي هوندي. ڀاڻ جي قيمتن ۾ 14 سيڪڙو، ڌاتن جي قيمتن ۾ 25 سيڪڙو، جڏهن ته قيمتي ڌاتن جي قيمتن ۾ 40 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي. عالمي بئنڪ موجب، وچ اوڀر ۾ تڪرار جي شدت وڌڻ، تيل جي فراهمي متاثر ٿيڻ ۽ ڪاري سمنڊ واري رستي اناج جي پهچ ۾ رڪاوٽن سبب توانائي ۽ غذائي شين جون قيمتون وڌيڪ وڌي سگهن ٿيون، جنهن سان عالمي مهانگائي ۽ غذائي عدم تحفظ ۾ اضافو ٿيڻ سان گڏ وڌيڪ ماڻهن جي انتهائي غربت جو شڪار ٿيڻ جو خدشو آهي. عالمي بئنڪ قيمتن ۾ واڌ جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي موجوده مالي وسيلن تحت 50 کان 60 ارب ڊالرن جي مالي مدد فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ 25 ارب ڊالرن جي اڳواٽ طئي ٿيل مالي مدد پڻ شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو