ننگرپارڪر: (ن س) گذريل ڏينهن ڏيپلو ڀرسان پوليس هٿان قتل ٿيل نوجوان جي وارثن لاش ٿر ڪول روڊ باس تي رکي ڌرڻو هڻي ڇڏيو جڏهن ته ٿرپارڪر پوليس ايڇ او ڏيپلو کي بچائڻ ۾ رڌل،گذريل ڏينهن ڏيپلو ڀرسان قتل ٿيل نوجوان رمضان کوسو جو قتل سنگين رخ اختيار ڪري ويو، جسم ۾ يارنهن گولين جا نشان ملڻ باوجود ايس ايڇ او سميت ڪنهن به اهلڪار خلاف ايف آءِ آر داخل نه ٿي سگهي، مقتول نوجوان جي وارثن نوجوان جو لاش مٺي بائي پاس تي رکي ڌرڻو ڏئي ٿرڪول روڊ مڪمل طور بند ڪري ڇڏيو.وارثن الزام هڻندي چيو ته پوليس اهلڪارن نشانو بڻائي اسان جي نوجوان کي قتل ڪيوآهي ايس ايڇ او اڳ ئي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون هيون، ايس ايڇ او ۽ ٻين ملوث پوليس اهلڪارن مٿان ايف آءِ آر داخل ٿيڻ تائين اسان جو ڌرڻو جاري رهندو.وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي نوجوان کي بيگناهه ايس ايڇ او ڏيپلو حسين بخش راڄڙ قتل ڪيو آهي، ايس ايڇ او ۽ ٻين ملوث اهلڪارن خلاف ايف آئي آر داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.










