ننگرپارڪر: (ن س) ننگرپارڪر ڀرسان ڳوٺ ڏان ڌانڌل ۾ ٽن نوجوانن جا وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيا آهن جنهن کان پوءِ علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آهي.ننگرپارڪر ڀرسان ڳوٺ ڏانو ڌانڌل ۾ ٽن نوجوانن جا هڪ ئي وڻ مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيا آهن. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاشن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. جتي فوتي نوجوانن جي سڃاڻپ 22 ورهين جو ڌنجي پُٽ پرتاب ڪولهي، 19 ورهين جو گوتم پُٽ شنڪر ڪولهي، 15 ورهين جي جيرام پُٽ ڀاڳچند ڪولهي طور ٿي آهي.علائقي واسين جو چوڻ آهي ته گذريل ڪجهه مهينن دوران آپگهات جا واقعا وڌي رهيا آهن، جنهن سبب شهر ۾ پريشاني ۽ خوف جو ماحول پيدا ٿي ويو آهي. سماجي تنظيمن ۽ شهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ذهني صحت، نوجوانن جي نفسياتي مدد، ۽ معاشي مسئلن بابت فوري ۽ مؤثر قدم کنيا وڃن، جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪي سگهجي.ٽنهي نوجوانن جا لاش سوندر روڊ لڳ ڪنڊي جي وڻن سان ٽنگيل حالت ۾ ڏٺا ويا جن کي ڏسي علائقي ۾ ڏهڪاءُ ۽ سوڳ جي لهر ڇائنجي وئي. اهڙي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيا. جتي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو شروعاتي طور تي آپگهات جو لڳي رهيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.










