ميرپورخاص: (ن س) ميرپورخاص پوليس ھٿان ڪوڙي مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر قتل ڪيس جو فريادي ايڊووڪيٽ ابراھيم ڪنڀر ۽ سندس وڪيل اعجاز ھاليپوٽو اڄ ڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ ميرپورخاص اچي رھيا ھئا ته عمرڪوٽ ويجھو صوفي فقير ٿاڻي جي حد ۾ مٿن اڻڄاتل ھٿياربندن فائرنگ شروع ڪري ڏني پر ھو معجزاڻي طور محفوظ رھيا.ان ڏس ۾ ڪيس جي فريادي ابراھيم ڪنڀر ھاء ڪورٽ بار ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته مٿن ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاء دٻاء وڌو پيو وڃي, اڄ ھو ڪيس جي ٻڌڻي لاء اچي رھيا ھئا ته مٿن فائرنگ ڪئي وئي. ھن چيو ته مٿن فائرنگ ڪندڙ 3 ھٿياربند موٽر سائيڪل تي سوار ھئا. ابراھيم ڪنڀر وڌيڪ چيو تھ مٿن حملو ڪرائڻ ۾ ھن ڪيس ۾ ملوث سمورا جوابدار آھن جيڪي پئسن جون لالچون ڏئي کين ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاء دٻاء وجھي رھيا آھن.










