جيڪو9 مئي تي ٿيو ۽ ڀارت ڪيو انهي ۾ خاص فرق ناهي، مريم

جيڪو9 مئي تي ٿيو ۽ ڀارت ڪيو انهي ۾ خاص فرق ناهي، مريم

سرگودها: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته جيڪو ڪجهه 9 مئي تي ٿيو ۽ جيڪو ڪجهه ڀارت ڪيو انهي ۾ وڌيڪ فرق ناهي.سرگودها ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته جهڙي طرح ليپ ٽاپ کي بچائي رکندا آهيون ته انهي ۾ ڪو وائرس نه اچي وڃي، اهڙي طرح ذهن کي به بچائي رکڻو آهي ته انهي ۾ ڪو پوليٽيڪل وائرس نه اچي وڃي.تحريڪ انصاف کي تنقيد جو نشانو بنائيندي پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته جيڪو ڪجهه 9 مئي تي ٿيو ۽ جيڪو ڪجهه ڀارت ڪيو انهي ۾ وڌيڪ فرق ناهي، شخصيت سان اختلاف ٿي سگهي ٿو پر 9 مئي تي فوجي ٺڪاڻن کي باهيون ڏنيون ويون، هنن جو به نشانو اسان جي فوج جا ٺڪاڻا هئا، انهي پارٽي اهو ڪجهه ڪيو جيڪو دشمن ڏهاڪن تائين نه ڪري سگهيو.هن چيو ته جيڪو ڪجهه 9 مئي تي هڪ پارٽي ڪيو ۽ ڪجهه ماڻهن ڀڙڪائڻ تي ڪيو ساڳيو ڪم دهشتگرد ڪندا آهن. انهي سياسي شخصيت جو ٽارگيٽ به اسان جي هٿياربند فوج هئي، جن ٺڪاڻن کي باهون ڏنيون ويون هيون انهي فضائيه دشمن جي 5 جهازن کي تباهه ڪيو.پنجاب جي وزيراعليٰ وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا نوجوان ڪڏهن به فتني يا فساد جو تيل نه بڻجن، ڪڏهن پنهنجي ملڪ جي خلاف زبان استعمال نه ڪن، نقصان نه پهچائين، ڌرتي ماءَ جي خلاف قدم نه کڻن پنهنجي ملڪ جي دفاع لاءِ هميشه جبل جيان بيهي رهو.

پهنجو تبصرو موڪليو