دالبندين (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي دالبندين علائقي ۾ جوابدارن سان فائرنگ جي تبادلي ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.ايس پي عثمان سدوزئي موجب جوابدارن جي فائرنگ ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ ڊي ايس پي محمد عابد زخمي ٿي پيو.ايس پي چيو ته پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو ۽ ٻئي جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.ايس پي عثمان سدوزئي موجب زخمي ڊي ايس پي کي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ کان پوءِ ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو آهي.










