پاڪستان آمريڪا سان سيڪيورٽي پارٽنرشپ وڌائيندو، آمريڪا

پاڪستان آمريڪا سان سيڪيورٽي پارٽنرشپ وڌائيندو، آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته ڀارتي حڪومت تي واضح ڪيو ويو آهي ته سک اڳواڻ گرپتون سنگهه پنو جي قتل جي مڪمل جاچ ڏسڻ چاهيون ٿا. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان سک اڳواڻ جي قتل جي معاملي تي واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران چيو ته ڀارت طرفان سک اڳواڻ جي قتل بابت جاچ جي نتيجن جو انتظار ڪري رهيا آهيون. آمريڪي ترجمان چيو ته ان ڳالهه تي ڪيترائي ڀيرا ڳالهايو ويو آهي ته آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سيڪيورٽي پارٽنرشپ کي هٿي وٺرائڻ اسان جي ترجيح رهي آهي ۽ اڳتي به رهندي.گڏيل قومن طرفان طالبان کي امداد ڏيڻ واري معاملي تي آمريڪي ترجمان ميٿيو ملر چيو ته ڀائيوارن کي چيو ويو آهي ته اها ڳالهه يقيني بڻائين ته امداد انهن تائين پهچي، جن کي ضرورت آهي، اسان ان جي نگراني جاري رکون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو