پشاور(ويب ڊيسڪ) پشاور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 ۽ 10 مئي سانحي ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزيرن تيمور جهڳڙا ۽ ڪامران بنگش جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج جهانزيب شنواري 9 ۽ 10 مئي سانحي جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.اڳوڻو صوبائي وزير تيمور سليم جهڳڙا ۽ ڪامران بنگش عدالت ۾ پيش ٿيا عدالت ضمانت منظور ڪندي تيمور جهڳڙا ۽ ڪامران بنگش کي هڪ لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 9 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
