گھوٽڪي تاريخ ۽ ثقافت جو تنقيدي ابياس

خاصخيلي لطيف راولاڻي
موجوده دور ۾ سنڌي ادب جو شمار دنيا جي اھم ادبي حلقن ۾ ٿئي پيو ۔ورھاڱي کان پوء ڪجھ عرصو ماٺر کان پوء ادب جي ھر صنف تي لاتعداد ڪتاب شايع ٿي رھيا آھن انھن ۾ ٻين صنفن کان علاوه تاريخ تي تمام گھڻو لکجي رھيو آھي انھي ڏس ۾ سنڌ جي ھر ننڍي وڏي شھرن جي تاريخ تي ڪتاب شايع ٿي رھيا آھن ايستائين جو ھاڻي ڪجھ اديبن ليکڪن پنھنجن ڳوٺن تي به ڪتاب لکڻ شروع ڪيا آھن ۽ اھي وڏي دلچسپي سان پڙھيا وڃن ٿا ۔اڳ ۾ ته صرف سنڌ گزيٽر لکي تاريخي طور تي ڪتاب آندو ويو پر ان جي جڳھ تي ھر مشھور ۽ تاريخي شھر جي گزيٽر لکي شايع ٿي رھي آھي جنھ ۾ خاص طور تي لاڙڪاڻو گزيٽر ۽ واره گزيٽر به شايع ٿيا آھن ۔ڳوٺن تي تازو ڪتاب پني کان نوراجا جي نگري پروفيسر سرور سيف لکي پڌرو ڪيو آھي جيڪو ان جو بنيادي ڳوٺ ھو ۔سنڌ جي مشھور ضلعن تي زير نظر ڪتاب گھوٽڪي تاريخ ۽ ثقافت جنھن جا ٻه ليکڪ آھن ۔ھڪ ناليوارو پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ ۽ استاد عبدالحق لنڊ صاحب ھنن ٻنھي گڏجي ڪري ھي تاريخي ضخيم ڪتاب لکي ادبي دنيا ۾ آندو آھي ۔ڪافي اديبن ۽ دانشورن جو خيال آھي ته ڪتاب شايع ٿي وڃي پوء ان تي تنقيدي اڀياس نه ڪيو وڃي صرف تعريفي تبصرو ڪري شايع ڪيو وڃي ته ٻئي پاسي ڏسون ٿا ته ادب ۾ تنقيد ۽ تنقيد نگاري کي وڏي اھميت حاصل آھي نقاد به چون ٿا ته ڪتاب تي تنقيدي اڀياس ٿيڻ گھرجي ٻي صورت ۾ ادبي دنيا ۾ ان جي حيثيت نه ٺھندي ان ڪري ئي اڄوڪي دور ۾ اھو تنقيدي تبصري وارو عمل جاري آھي ۔ڪتاب گھوٽڪي تاريخ ۽ ثقافت ته وڏي محنت ۽ جاکوڙ کان پوء لکيو ويو آھي ان ۾ گھوٽڪي ضلعي سان لاڳاپيل تعلقن جو به تفصيل آھي جنھن ۾ ڏھرڪي ۔اوٻاوڙو۔ميرپور ماٿيلو ۽ خانڳڙه شامل آھن جن جو تفصيل ڏنو ويو آھي ۔
ضلعي جي جوڙجڪ کان وٺي يونين ڪاونسلن تائين جو تفصيل درج آھي اتي ڪھڙا معدني وسيلا آھن قبيلا مدرسا ۽ مسجدن ۽ اسپتالن درگاھن ۽ قبيلائي سردارن جو تفصيل سان ذڪر ٿيل آھي ۔ضلعي ۽ تعلقن ۾ موجود آثار قديم جو به ذڪر ٿيل آھي ڪتاب ۾ اتي جي وڏيرن ۽ سياسي شخصيتن قبائلي سردارن جي وڏي لسٽ ڏني وئي آھي .۽ انھن جي باري ۾ ڄاڻ ڏني وئي آھي ۔ڪتاب تي تمام وڏي محنت ڪئي وئي آھي اھو به واضح ڪونھي ٿيل ته ڪتاب ڪنھن لکيو آھي ۔جو ان ۾ ڪافي خاميون به رھجي ويون آھن ۔دنيا ۾ شعوري ادب جي پنھنجي جاء تي خاص اھميت ۽ افاديت رھي آھي اسان وٽ سنڌ جي ھر ضلعي شھر ڳوٺ ۾ سجاڳ ماڻھو سماج سڌارڪ آھن جن جو ذڪر ھن ڪتب ۾ ٿيل آھي ۽ وڏي تفصيل ڏني وئي آھي انھن جي ڳوٺن جا نالا ۽ اتي رھندڙ قبائلي سردارن جي باري ۾ به روشني وڌي وئي آھي ۔ ۔ٻي خاص ۽ اھم شخصيت جيڪا سنڌ کان علاوه ھنڌ ۽ دڻيا ۾ به مشھوري ماڻي چڪي آھي جنھن جو تفصيل ڪافي ڪتابن رسالن ۾ آھي پر ھن تاريخي ڪتاب ۾ ان جو ڪٿي به ذڪر ۽ تفصيل ڪونھي اھا شخصيت آھي نالي الک جي ٻيڙو تار منھنجو جنھن جي قرباني ۽ راڳ اڃان تائين ماڻھن جي دلين ۾ گھر ڪري چڪو آھي ڪنور ڀڳت جنھن جو ڪتاب ۾ ذڪر نه ڪرڻ تمام وڏي ادبي ناانصافي آھي ۔جيڪا ھن ڪتاب ۾ ڪئي وئي آھي ھڪ نقاد جي حيثيت ۾ مون ان کي ظاھر ڪيو آھي ۔۽ ان ڳالھ جي نشاندھي ڪئي آھي ته جتي سياسي اڳواڻن جو ذڪر آھي ته اتي اھڙن فنڪارن اديبن ترقي پسنڌ شعوري ليکڪن جو ذڪر ٿيڻ گھربو ھو جئين شڪارپور ۾ ڪامريڊ برڪت آزاد ۔لاڙڪاڻي ۾ سوڀو گيانچنداڻي ,انور پيرزادو ۽ تقريبا ھر ضلعي ۾ باشعور ليکڪ ۽ اڳواڻ رھيا آھن ته ھتي گھوٽڪي ۽ ان جي لاڳاپيل تعلقن ۾ به ڪافي اھڙيون شخصيتون آھن جن پنھنجوپاڻ ملھايو آھي ۽ انھن جون ادبي خدمتون آھن پر انھن جو ذڪر ٿيل ڪونھي جيڪا سراسر ناانصافي آھي ان تي تنقيدي اڀياس ڪري سگھجي ٿو۔يا لڳي ٿو ته ليکڪ ان کان اڳ مان ڪافي ڪتاب لکي چڪو آھي اھڙين علمي ادبي شخصيتن جو ذڪر ٻئي ڪنھن ڪتاب ۾ ڪيو آھي ان مان ھڪ ڪتاب گھوٽڪي جا گھوٽ اڳ ۾ شايع ٿي چڪو آھي ان ۾ گھوٽڪي جي اديبن دانشورن ۽ ترقي پسند ڏاھن جو تفصيل ڏنل آھي زير نظر ڪتاب تازو شايع ٿيل آھي 2023 جي آخري مھيني ۾ ھي ڪتاب 552 صفحن تي مشتمل آھي ان جي قيمت 1600 روپيا رکي وئي آھي جيڪو سونھن پبليڪيشن پريالو خيرپور وارن سنڌيڪا اڪيڊمي جي طرفان پڌرو ڪيو آھي ۔ڪتاب ئي اھڙو دستاويز ۽ تاريخ آھي جيڪو ايڻدڙ نسل کي رستو ڏيکاريندو آھي ۽ انھن جي لاء مشعل راه بڻجندو آھي ان سان ئي اھل علم ڄاڻ حاصل ڪندو آھي ۽ رھنمائي وٺندو آھي ان ۾ ئي کوٽ ھوندي ۽ صرف درٻاري ادب ھوندو ته پوء ان کي صحيح دڳ ملي نه سگھندو ۽ اھو ان مقصد ۽ علم تائين پھچي نه سگھندو ۔ٻئي ڇاپي ۾ ليکڪ ۽ ان جو مددگار انھن خامين تي غور و فڪر ڪن ۽ رھيل ادبي حلقن تي روشني وجھن ته بھتر ٿيندو

پهنجو تبصرو موڪليو