رينجرز جو آپريشن، ڦر ۾ ملوث جوابدار گرفتار

رينجرز جو آپريشن، ڦر ۾ ملوث جوابدار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان رينجرز (سنڌ) لياري جي گلستان ڪالوني ۾ اسنيپ چيڪنگ آپريشن دوران هڪ شڪي کي گرفتار ڪيو، سنڌ رينجرز جي ترجمان موجب، گرفتار ٿيل شڪي جي سڃاڻپ محمد اويس قريشي ولد شفقت علي قريشي جي نالي سان ٿي آهي. شڪي جي قبضي مان هڪ موبائل فون ۽ نقد رقم به هٿ ڪئي وئي آهي.ترجمان چيو ته گرفتار ٿيل شڪي لياري جي گلستان ڪالوني ۾ ڪيترن ئي ڌاڙن ۾ ملوث رهيو آهي ۽ ڦر دوران سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿو. هو لياري يوسي 3 جو ڪائونسلر پڻ آهي. رينجرز عملدارن موجب، شڪي گرفتاري جي خوف سبب ڪجهه وقت کان پنجاب ۾ لڪيل هو، جڏهن ته هو هڪ عادي ڏوهاري آهي ۽ ان کي رينجرز ۽ پوليس اڳ ۾ گرفتار ڪري جيل موڪلي چڪي آهي.سنڌ رينجرز جي ترجمان چيو ته گرفتار ٿيل شڪي کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي ۽ هٿ ڪيل سامان به هٿ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو