ڪراچي (رپورٽ باغي ساگر پنهور)ڪراچي پوليس بين الصوبائي ڏوهارين جي ٽولي جي اهم جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار ڦر قتل سميت ڪيترن سنگين نوعيت جي وارڌاتن ۾ نامزد ٿيل آهي. ويسٽ ڪراچي پوليس سرجاني سيڪٽر 51 تيسر ٽائون ۾ بين الصوبائي ڏوهارين جي ٽولي جي هڪ خطرناڪ جوابدار امداد علي منگي کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ويسٽ سهائي عزيز ٽالپور جو چوڻ آهي ته سماج دشمن ۽ ڏوهارين خلاف ڪاروايون تيز ڪيون ويون آهن،تيسر ٽائون مان امداد منگي نالي انتهائي خطرناڪ ڏوهاري کي گرفتار ڪيو آهي جيڪو اندرون سنڌ سميت مختلف علائقن ۾ ساٿين جي مدد سان رهزني ڊڪيتي جي وارداتن ۾ ملوث هو. هو21 آگسٽ 2021 تي عبدالله گبول ڳوٺ ۾ ڦر دوران مزاحمت تي دڪاندار سميع الله مهر جي قتل ۾ به ملوث آهي.










