ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پبلڪ پارڪس ۽ اسپورٽس گرائونڊز ۾ داخلا فيس وصولي ڪيس ۾ ڊي جي پارڪس کي طلب ڪري ورتو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ پبلڪ پارڪن ۽ راندين جي ميدانن ۾ داخلا فيس وٺڻ واري ڪيس ۾ لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.عدالت پنهنجي حڪم ۾ پڇاڻو ڪيو ته ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) وٽ ڪيترا پارڪ ۽ اسپورٽس فيلڊ آهن؟عدالتي حڪم ۾ چيو ويو ته ڊي جي پارڪس چيو هو ته ڪي ايم سي جي پارڪن ۾ پارڪنگ فيس نه ورتي ويندي، عدالت 15 ڏينهن ۾ ان تي عملدرآمد رپورٽ طلب ڪئي هئي پر 6 مهينا گذرڻ باوجود عملدرآمد رپورٽ پيش نه ڪئي وئي،سنڌ هاءِ ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي جي پارڪس کي طلب ڪندي ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










