غزه (ويب ڊيسڪ)غزه تي اسرائيلي فوج جي بمباري جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 3900 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 13500 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.آمريڪي ٽي وي موجب اسرائيل جي زميني فوجن کي غزه ۾ ڪارروائي لاءِ گرين سگنل ڏنو ويو آهي، جنهن کانپوءِ حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه عرب ۽ مسلم دنيا کي اپيل ڪئي ته هو اسرائيل طرف مارچ ڪن ته جيئن مظلوم فلسطينين کي صهيوني جارحيت کان نجات ڏياري وڃي.ٻئي طرف اسرائيلي فوج رفح ۾ گهرن تي بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 33 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته اسرائيلي جهازن الزيتون جي علائقي ۾ آرٿوڊوڪس چرچ کي به ميزائلن سان نشانو بڻايو، جتي سوين ماڻهن پناهه ورتي آهي، هي چرچ ڀرسان ئي واقع آهي. اسپتال جتي اسرائيلي فوج 500 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو.ٻئي طرف ويسٽ بئنڪ ۾ نور الشمس پناهگيرن جي ڪيمپ تي حملي ۾ 12 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته خان يونس واري علائقي ۾ بمباري ۾ 7 فلسطيني شهيد ٿي ويا.جبليا پناهگيرن جي ڪيمپ تي بمباري خميس تي به جاري رهي، غزه جي ڪراما ۾ 14 منزله الندلس ٽاور ۽ الزهرا شهر ۾ ٽي بلند عمارتون ملبي بڻجي ويون.فلسطيني اختيارين جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾ 1500 کان وڌيڪ ٻار، 1000 عورتون ۽ 120 بزرگ شامل آهن، جڏهن ته تباهه ٿيل عمارتن جو انگ ايترو ته وڌيڪ آهي جو رضاڪارن لاءِ ملبي هيٺان دٻيل سمورن ماڻهن کي ڪڍڻ ممڪن نه هو.










