عمران خان جي گهر لڳ فائرنگ، 4 جوابدار گرفتار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بني گالا ۾ وزيراعظم عمران خان جي رهائش گاهه ويجهو فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته فائرنگ بني گالا جي  عمران خان چوڪ تي ڪئي وئي آهي، سفيد رنگ جي ڪرولا ڪار ۾ سوار 4ڄڻن جهانزيب نثار، عبدالمعيز، مصطفيٰ حسين ۽ حسنين فائرنگ ڪئي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته فائرنگ ڪندڙ شراب جي نشي ۾ ڌت هئا، پوليس چئني جوابدارن کي گرفتار ڪري نائن ايم ايم جو پستول به برآمد ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو