گجر نالي متاثرن کي معاوضو هڪ مهيني ۾ ادا ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سپريم ڪورٽ ڪراچي جي نالا متاثرن کي معاوضي جي بقايا رقم هڪ مهيني ۾ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت اهو حڪم سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ وڏي وزير جي پيشي ۽ ضمانت بعد ڏنو.ٻڌڻي دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته 7 ڏينهن ۾ 6 هزار 932 متاثرين جا چيڪ تيار ٿي ويندا.عدالت ڪمشنر ڪراچي جي سربراهي ۾ متاثرن کي هڪ مهيني ۾ بقايا چيڪ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو.عدالت ڪمشنر ڪراچي کي چيڪ ورهائڻ جو عمل شفاف بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي وڏي وزير خلاف توهين عدالت جي درخواست خارج ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته نه، هي اڃا تائين ختم نه ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن ان تي عمل نه ٿيو ته پوءِ هي سياسي ماڻهو آهن. اهي پروجئشن حاصل ڪندا.”

پهنجو تبصرو موڪليو