ڪرغستان ۾ پرڏيهي شاگردن تي حملن وارو معاملو

اعجاز ممنائي
1991ع ۾ جڏهن ڪرغستان روس کان الڳ ٿيو ته اتان جي مشھور اديب چنگيز آتماتوف کي ملڪ جو صدر ٿيڻ جي آڇ ٿي جيڪا ھن رد ڪري ڇڏي ۽ چيائين ته جيڪو سياسي اڳواڻ هجي اھو صدر ٿئي۔ڪرغستان لاء چيو وڃي ٿو ته اسٽيم تعليم ۽ شعور جي حوصلا افزائي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مکيه عنصر آهي. سائنس جي تعليم کي فروغ ڏيڻ سان برادرين کي فائدو پهچائي ، روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ ، صحت ۽ ٽيڪنالاجي جي آگاهي کي هلائڻ ، ۽ موجوده ثقافتي دنيائن سان وڙهڻ ۾ سندن اهم ڪردار آهي .جيتوڻيڪ اسٽيم تعليم دنيا کي فائدو ڏئي ٿي ، خاص طور تي ترقي پذير ملڪن لاءِ انتهائي نازڪ آهي. اسٽيم تعليم جي واڌاري ڪميونٽيز جي تعمير ۾ مدد ڪري سگھي ٿي۔
شاگرد مستقبل جا اڳواڻ آھن. شاگردن کي پنھنجي سائنسي تجسس کي شامل ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ ۽ اسٽيم تعليم جي مدد ڪرڻ دنيا کي ڪيترن ئي طريقن سان تبديل ڪري سگهي ٿو. صنف اسٽريٽائپ ڪلاس ۾ ڇوڪرين لاءِ سخت چئلينج پيدا ڪري ٿي ، اڪيلو اسٽيم جي مطابق هڪ مطالعي دنيا جي ڪجھ وڏين معيشتن ۾ ، فزڪس ، ڪمپيوٽر سائنسز ، ۽ انجنيئرنگ ۾ عورتن جي شموليت جي شرح 30 سيڪڙو يا گهٽ آهي. اسٽيم دريافت ڪرڻ لاءِ عورتن جي حوصلا افزائي ڪئي جيئن هڪ سنگين پيشي جي حيثيت صنف تعصب کي منهن ڏيڻ شروع ڪري ، ۽ دنيا جي سڀني برادرين کي برابري جي حيثيت ڏئي اسٽيم کي ترقي ڏيڻ آسان روزگار جي اجازت ڏئي ٿو. ڪيترائي مطالعو ڏيکاريا آهن عالمي رجحان هڪ واڌارو اسٽيم سان لاڳاپيل مقامن ۽ اهو ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ ساڳيو آهي. شاگردن کي افرادي قوت ۾ داخل ڪرڻ جي تياري ترقي پذير برادرين جي حمايت لاءِ ضروري آهي ، ۽ شاگردن کي اسٽيم تعليم سان گڏ مهيا ڪرڻ سندن روزگار جي موقعن کي وسيع ڪري ٿو ۽ انهن جي پيشه ور افق کي وڌايو آهي. وڌيڪ برابري ، وڌيڪ تعليم ، ۽ محنتي روزگار سان ، تعليم يافته ماڻهو پنهنجي برادرين کي هڪ وقت ۾ هڪ شخص بلند ڪري سگهن ٿو. اھي وڌيڪ پنھنجي گھر وارن کي مالي طور تي مدد ڏيڻ جي قابل آھن ، ۽ تعليم ، روزگار ، برابري ۽ آخرڪار ترقيءَ وارو چڪر قائم ڪري سگھن ٿا ۽ آخرڪار سڀني لاءِ ھڪ وڌيڪ صحتمند ، محفوظ ڪالون ٺاھيندا. گذريل ڏينهن ڪرغستان ۾ پاڪستانين سميت سمورن پرڏيهين کي نيڪاليء جو حڪم صادر ٿيو آهي ان جو سبب اهو ٻڌايو پيو وڃي ته ميڊيڪل شاگردن تي مقامي شدت پسند ماڻهن پاران حملا ڪري ڪيترن ئي نوجوانن کي زخمي ڪيو ويو جڏهن ته ٽن نوجوانن کي قتل ڪري شاگردياڻين جي عزت لٽي وئي جيڪا نهايت ئي ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي۔ ياد رهي ته ڪرغستان ۾ 10,000 شاگردن ۽ شاگردياڻين جي جان , مال ۽ عزت کي شدید خطرو لاحق آهي ڇوته ڪرغستان جي راڄڌاني بشڪڪ ۾ مقامي ماڻهن جي مڇريل هجومن جا پاڪستانين سميت پرڏيهي شاگردن تي حملا، 5 پاڪستاني شاگرد مارجي وڃڻ جا اطلاع مليا آهن۔ مڇريل مقامي ماڻهن بشڪڪ جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي هاسٽلز ۽ نجي رهائشگاهن تي چڙهائي ڪري پاڪستاني ۽ ٻين پرڏيهي شاگردن تي حملا ڪيا، ڪيترائي پاڪستاني شاگرد ۽ شاگردياڻيون هاسٽلز جي ڪمرن ۽ نجي رهائشگاهن ۾ محصور بڻيل، ڪرغز پوليس پاران صورتحال تي ضابطي جون ڪوششون ته ڪيون ويون پر وڳوڙين تي تاحال ضابطو نه آڻي سگهي آهي جنهنڪري صورتحال ڳنڀير ٿيندي پئي وڃي۔ پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين جي پنهنجي والدين ۽ سرڪار سان رابطو ڪرڻ کانپوء پاڪستاني سرڪار جاڳي پئي ۽ اتي موجود سفير حسن علي ضيغم شاگردن جي مارجي وڃڻ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ڪجهه پاڪستاني شاگرد زخمي ٿيا آهن، پاڪستاني سفير پاران شاگردن کي رهائشگاهن تائين محدود رهڻ جي هدايت ڪئي وئي۔ حسن ضيغم جو چوڻ آهي ته پاڪستاني شاگردن جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ ڪرغز اختيارين سان رابطي ۾ آهيون، بشڪڪ ۾ ڦاٿل پاڪستانين پاران حڪومت کي بشڪڪ مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ مدد جون اپيلون ٿينديون رهيون آهن ۽ احتجاج به ٿيندا رهيا آهن جنهن کان پوء وزيراعظم شهباز شريف پاران بشڪڪ ۾ پاڪستاني شاگردن تي حملن جي واقعن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو ۽ پاڪستاني سفير کي شاگردن کي گهربل هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڪندي چيو آهي ته بشڪڪ ۾ پاڪستاني سفير حسن علي ضيغم سان رابطي ۾ آهيون۔ حسن علي ضيغم وزيراعظم کي فون تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته حملن جي واقعن ۾ ڪوبه پاڪستاني شاگرد مارجي نه ويو آهي، سفارتخانو زخمي ۽ ڦاٿل شاگردن جي مدد ڪري رهيو آهي، وزيراعظم بشڪڪ ۾ ڦاٿل شاگردن جي والدين کي به بروقت معلومات فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي وزيراعظم چيو ته جيڪي زخمي پاڪستاني شاگرد واپس اچڻ چاهين ٿا انهن کي وطن آڻڻ جو فوري بندوبست ڪيو وڃي. ان بعد پاڪستاني سفير اتي وڃي 30 شاگردن کي ريسڪيو ڪيو آهي جن ۾ نوشهرو فيروز جو فرحان علي سمون۔ غلام مرتضي بالادي۔عاصم علي جوکيو۔ سوهانا جوکيو۔عريشا تاشفه۔مريم اصغر۔وقار حسين۔نجم الدين وڳڻ۔عبدالسميع عزير احمد سولنگي ۽ سميرا سميع شامل آهن جڏهن ته اڃان سنڌ جا 200 کان وڌيڪ شاگرد ڦاٿل آهن جن جي بازيابيء لاء ڪوششون جاري آهن۔ڪرغستان جي صورتحال تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار بشڪيڪ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪرغستان مان پاڪستانين جي واپسي جي معاملي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار متحرڪ ٿي ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسحاق ڊار صبح جو بشڪيڪ روانو ٿيندو. هوڏانهن پاڪستاني شاگردن کي کڻي پهرين اڏام سڀاڻي 10 وڳي لاهور پهتي، جنهن ۾ 180 شاگرد موجود آهن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪرغستان ۾ پيدا ٿيل صورتحال ڳڻتيءَ جوڳي آهي، پاڪستاني شاگردن کي سفارتخاني طرفان مدد فراهم ڪئي وڃي. ائين 30 شاگردن سان وزير داخلا لاھور ايئرپورٽ تي ملاقات ڪندي چيو انشاء الله سڀني کي ريسڪيو ڪيو ويندو۔هاڻي سوال اهو آهي ته آخر ڪرغستان سرڪار ڪنهنجي چوڻ تي پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ جو حڪم صادر ڪيو آهي۔ پرڏيهين جي جان مال ۽ عزت آبرو جي حفاظت ڪرڻ سندن زميواري ۾ شامل آهي ته اهي پنهنجي مقامي ماڻهن کي اهڙي ڇڙواڳي ڇو ڏني آهي جو اهي مهمان شاگردن ۽ شاگردياڻين مٿان حملا ٿا ڪن۔ هر ملڪ ۾ شدت پسند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هوندا آهن جيڪي ملڪ جي امن و امان ۾ رخنو وجهندا آهن تن خلاف ڪاروائي ڪرڻ حڪومت جي زميوارين ۾ شامل هجي ٿي جيڪڏهن بدامنيء جا فضا قائم ٿيندي ته اهو ملڪ يا رياست تباهه ٿي ويندي ۽ پوري دنيا ان سان پنهنجا تعلقات ٽوڙي ڇڏيندي۔ پاڪستان سميت پوري دنيا مان شاگرد توڙي شاگردياڻيون علم جي حصول لاء ڪرغستان وڃن ٿا ۔ جيڪڏهن موٽ ۾ کين رسوائي ملندي ۽ اهي نفرت جو سبق پرائي ايندا ڇوته جهيڙو تباهيء کان سواء ڪجهه ناهي ڏيندو۔ انڪري ڪرغستان جي بيشڪڪ شهر ۾ ميٽروپوليٽن ميڊيڪل يونيورسٽي، آء ايڇ ايم ايس يونيورسٽي، روئيل ميڊيڪل يونيورسٽي جا ڪيترائي پاڪستاني شهري شاگرد ڦاٿل آهن جن کي فوري طور تحفظ فراهم ڪيو وڃي۔

پهنجو تبصرو موڪليو