ڊي آئي خان ۾ بڪتربند گاڏي ڀرسان ڌماڪو، 2 اهلڪار شهيد

ڊي آئي خان ۾ بڪتربند گاڏي ڀرسان ڌماڪو، 2 اهلڪار شهيد

ڊيره اسماعيل خان: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس جي بڪتر بند گاڏي جي ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا.رپورٽ موجب ڊيره اسماعيل خان ۾ ڌماڪي جي فوري بعد پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي ڳري نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي جن علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب ڊيره اسماعيل خان ۾ ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪو بتهاله گلوٽي روڊ تي پوليس جي بڪتر بند گاڏي جي ڀرسان ٿيو. ذريعن موجب نڪواڙه پوليس چوڪي جي بڪتربند گاڏي حسب معمول گشت تي هئي ته ڌماڪو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور ۽ ڪانسٽيبل شهيد ٿي ويا جڏهن ته ڌماڪي ۾ 3 اهلڪار زخمي به ٿيا آهن. جن کي طبي امداد جي لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. زخمي اهلڪارن ۾ حوالدار شاهد، ڪانسٽيبل محبوب عالم، آصف شامل آهن جن کي فوري طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو