ڀٽائيء جي ڪلام ۾ روزو ۽ اصلاح نفس

اعجاز ممنائي
رمضان المُبارڪ جي مهيني جون بيشمار ۽ بي حساب فضيلتون آهن، هن ڀلاري مهيني کي الله تعاليٰ پنهنجو مهينو سڏيو آهي. هن مهيني کي غمخواري، همدرديءَ صبر، رحمت ۽ مغفرت وارو مهينو سمجهيو وڃي ٿو. هن مُبارڪ مهيني ۾ الله تعاليٰ سمورا آسماني ڪتاب نازل ڪيا ايتري تائين جو پنهنجي پياري محبوب حضرت مُحمّد مصطفيٰ، احمد مجتبيٰ صلي الله عليه و آله وسلم جن تي آخري آسماني ڪتاب ”قرآن شريف“ نازل فرمايو. هي اهڙو پاڪ ڪتاب آھي، جيڪو نه صرف مذهبي نقطن سان مالا مال آهي پر ان جي ”نزول“ دنيا وارن کي حق و باطل جو فرق ڪرڻ سيکاريو ۽ دنيا کي امن و سلامتي ۽ آزاديءَ ۽ جمهوريت جو پيغام ڏنو. قرآني تعليم تي عمل ڪري، انسان ديني ۽ دنياوي حاصلات ماڻي ٿو ۽ الله تعاليٰ جي آڏو سرخرو ٿئي ٿو، پوءِ اسان لاءِ ايمان ۽ مسرت جو ٻيو ڪهڙو ڏينهن ٿي سگهي ٿو، جيڪو رمضان مهيني کان علاوه هوندو. رمضان المُبارڪ جي فضيلت ۽ عظمت ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ٿيندي جو هن مهيني ۾ قرآن مجيد نازل ٿيو ۽ رب تعاليٰ هن مهيني کي پنهنجو مهينو سڏيو۔ هن ئي مهيني ۾ ”عبادت صوم“ يعني روزي کي الله تعاليٰ پنهنجن بندن تي فرض بڻايو، جنهن ۾ آسمان ۽ جنت جا دروازا کوليا وڃن ٿا. هر نيڪيءَ جي عيوض ڏهوڻو ثواب ملي ٿو. روزيدار جو هلڻ چلڻ، اُٿڻ ويهڻ ۽ کائڻ پيئڻ سبب ڪجهه ”عبادت“ ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ هيءُ ئي اهو بابرڪت مهينو آهي. جنهن ۾ هڪ رات اهڙي ته فضيلت ۽ بزرگيءَ واري اچي ٿي. جنهن ۾ عبادت ڪرڻ هڪ هزار مهينن جي عبادت کان بهتر ۽ افضل ليکي وڃي ٿي ان رات ملائڪن جو نزول عرش کان فرش تائين ٿيندو رهي ٿو. ايڏيون وڏيون عظمتون ڏسندي منهنجو مرشد لطيف ڪيئن ٿو خاموش رهي سگهي .
بُکَ وِڌائُون بُگِرِيين، جوڳِي ڪندا جُڃَ؛
طَلَبَ نَہ رَکَنِ طَعامَ جِي، اوتِيو پِيَنِ اُڃَ؛
لاهُوتِيُنِ، لَطِيفُ چئي، مَنُ ماري ڪيو مُڃَ؛
سامِي جهاڳي سُڃَ، وَسَنئُن کي ويجها ٿِيا. (سر رامڪلي)
جوڳين پنھنجين گودڙين ۾ بک وڌي. (سندن گودڙيون، سيڌي پاڌي کان خالي آهن ۽ کين دائمي (روزو) آهي ) جوڳي ائين ئي جشن ڪندا وتن. ھو طعام جي تمنا نه ٿا رکن ۽ اڃ پيئو پيا پيئن. (يعني نه کين کاڌي جي گهرج آهي، نه پيئڻ جي ڪا پياس آھي ) جوڳين پنھنجو من ماري مات ڪري ڇڏيو. سامي، سڃ جو سفر لتاڙي وڃي وسنديءَ کي ويجها ٿيا.
جيئن بتن جي روايت هجي ته کائڻو پيئڻو ڪجهه ناهي۔ تيئن آديسين لاءِ بک ۽ اڃ ۾ رند ئي رهي سگهن ٿا
يعني: آديسين ڪجهه ناهي کاڌو پيتو اسان کي اهڙي بک ۽ اڃ سان عشق آهي.اسان کائڻ پيئڻ حرام سمجهون ٿا. اها اڃ ۽ بک آديسين لاءِ روزو آهي.
اهو روزو کائڻ وارو ناهي جو افطار ڪجي ۽ نه ئي اهو روزو عيد ڪرڻ لاءِ رکيو وڃي ٿو . بلڪه اهو رند آديسين جي عشق ۾ رڱجي ( آديسي، جوڳي ۽ سنياسي) بڻجي محبت نڀائڻ جو نالو آهي
اهڙي بک ۽ اڃ سان محبت رندن کي ان ڪري آهي جو آديسي جا پيٽ خالي هوندا.
بکايل ۽ اڃايل آديسين سان محبت ۾ رندن جو بک تي رهڻ جو اقرار روزو آهي
لطيف چئي ٿو ته
جا بَرادَ بُتَنِ جِي، سا اُڃَ بُکَ آديسيَنِ؛
روزا رِندَ رَکنِ، عيدَ نه اوڏا ڪاپَـڙِي.
حضرت محمدمصطفيٰ ﷺ جن پنهنجي ڪردار ذريعي اسلام کي پکيڙيو ۽ ڦهلايو. ڀائيچاري، احساس، همددي ،ٻين جو ڏک محسوس ڪرڻ ،هڪٻئي جي ڏکي سکي ۾ مدد ڪرڻ ،بيمارن جي پرگهور لهڻ ،پاڙيسرين سان سٺو سلوڪ ڪرڻ ،انسان ذات جي تعظيم و تڪريم ڪرڻ،والدين جي خدمت ڪرڻ انهن کي مان ڏيڻ سميت بندن جا حق ادا ڪرڻ بعد عبادات جو درجو نصيب ٿئي ٿو .اسلام سلامتي جو دين آهي. اسانجي افعالن جي ڪري اسانجا پنهنجا مسلمان ڀائر محفوظ ناهن .علم کان ڀٽڪيل ۽ پري هجڻ ڪري دين جي اصل تعليمات کان پري هٽي ويا آهيون.نتيجتن هر ماڻهو آڱر کنيو بيٺو آهي.
جي ڀانئِين ڄوڳِي ٿِيان تہ طَمَعَ ڇَڏِ تَمامُ
گولا جي گولن جا، تَنِ جو ٿِيءُ غُلامُ
صَبُرَ جِي شَمشِيرَ سان ڪَرِ ڪيني کي قَتِلامُ
تہ نانگا تُنهنجو نامُ، لِکِجي لاهُوتَ ۾.
سمجهاڻي: جيڪڏهن تون (سچو پچو) جوڳي ٿيڻ جو خواهشمند آهين ته پهرين هر قسم جي طمع لالچ (لوڀ) کي ڪڍي ڇڏ. ٻيو تون ايڏي هيٺانهين ۽ نوڙت اختيار ڪر جو غلامن جون به غلام ٿِي ڏيکار. ٽيون تون حسد دشمنِيءَ واري جذبي کي صبر ۽ استقامت سان نهوڙي ناس ڪر ياڪپي ٽُڪرا ٽُڪرا ڪري ڇڏ. جڏهن تون ائين ڪندي ته اي نانگا جوڳِي تُنهنجو شُمار لاهُوت وارن ۾ ٿيندو.(جيڪا صوفين جي وڏي ۽ آخري منزل آهي)
(سر رامڪَلِي بيت 3 داستان ٻيون)
عبادات جي ڪري جيڪڏهن اصلاح نفس نه ٿي ٿئي ته منهنجي خيال ۾ اهي عبادتون ورزش ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه به نه آهن .انسانذات جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ دين جو اصل مقصد آهي۔
جي ڀائين جوڳي ٿيان پر ڪلمي جي پار
پورو لهه پنجن سين آيا ٽيهه م ٽار
تڏهن ڌاڳا ڌار، جڏهن راهه سڃاڻي رب جي.
جوڳي عام طور نانگن پالڻ واري کي چيو ويندو آهي، پر ادبي اصطلاح ۾ ’جوڳي‘، ”جوڳ“ (يا يوڳ)، رياضت يا تپسيا ڪندڙ، تن کي تسيا ڏيندڙ هڪ اعليٰ انسان کي چيو ويندو آهي.شاهه لطيف جوڳي لفظ عام جام ڪتب آندو آهي سر رامڪليءَ ۾ ’جوڳي‘، مرشد، ڪامل انسان، رهبر، حق جي رستي تي هلندڙن کي چيو ويو آهي.جيڪو پنهنجو ڌيان ڌڻيءَ سان ملائي) جوڳ پَچائيندڙ. هندو فقيرن جو گروهه (جن جو اصول زهد ۽ تَپسِيا ذريعي خدا سان ملڻ جو هوندو آهي).هاڻي جيڪڏهن جوڳي يا سامي ٿيڻ چاهين ٿو ته
جي ڀانـئِين جوڳِي ٿِيان، ته پَرُ ڪَلِمي جي پارِ.
پَنجنِ ساڻ پورو رِھُ ، آيا ٽِيهه مَ ٽارِ.
تَڏهن ڌاڳا ڌارِ، جڏهن راھِ سُڃاڻِين رَبُّ جي.
سمجهاڻي : شاهه صاحب هڪ سچي مسلمان سان مخاطب ٿيندي فرمائي ٿو ته جيڪڏهن تون پاڻ کي مسلمان سمجهين ٿو ته ڪلمي طيبه جو ورد ڪر. پنجن وقتن جي نماز پوري ريت ادا ڪر ۽ رمضان شريف جا روزا پابندي سان رکندو ڪر.اي انسان! بزرگن جو لباس تڏهن اختيار ڪر جڏهن راھِ رستو سُڃاڻِين رَبُّ جو.
“ڪَشي ساڻُ ڪَشَنِ، ڏِيلَ ڪَيائُون ڏُٻِرا،
پيٽ نه ھيرِيائُون پانھِنجا، چوري ساڻُ چَسَنِ،
اَھِڙيءَ راهَ رَسَنِ، ڪاپَڙِي ڪابُولَ کي”.
(سُر رامڪلي – بيت 4 – داستان ستون)
سمجهاڻي: پنھنجي جسم کي، چم جي پٽن سان سوگھو ٻڌي، نٻل ڪيائون. ھنن پنھنجا پيٽ چشن تي نہ ھيريا. اَھڙي طريقي سان ئي جوڳي پنھنجي آتمڪ منزل تي پھچن ٿا.
وچينء ويٺا رهن , سانجهيء رهن سمهي
بُک مَرندي بُکِيا, ڪنهن کان ڪِينَ گُهرَن
پَيٽ نہ ھَيريائون پنهنجا چوري ساڻ چَسن
ڦَڪِي فقيرن، ماڳِيَان پِني ماٺ جي۔
يا وري فرمايائين
ڪَشَي چيلهه ڪَشا, ڏِيلَ ڪيائُون ڏُٻرا
لاهُوتِي لطيف چئي , تَنَ کي ڏِينَ تَسَا
گُروءَ جي گَسَا , پاسي ڪن نه پاڻ کي۔
آخر ۾ مرشد لطيف جي هن بيت سان پنهنجي موضوع جو اختتام ڪندس۔
جانِبَ تون جيڏو آهِين شانَ شُعُورَ سِين
مُون تي ڪِج مُنهنجا پِرينِ توھُ تُسِي تيڏو
اِيءُ ڪامِلَ ڪَمُ ڪيڏو جِئن نَوازِيمِ نِگاھَ سِين
سمجهاڻي: اي منهنجا محبوب سائين ! جيڏو تون وڏو آھين ۽ جيترو تنهنجو شان ۽ شعور وڏو آھي . مون تي پنهنجِي مهرباني ۽ عنايت به اوترِي گهڻِي ڪرِ . اي ڪامل . تنهنجو مون تي وڏو احسان ٿيندو جو تون مون کي پنهنجِي ٻاجھ واريءَ نظر سان نوازي چڏين .
سُر بَروو سنڌِي داستان پهريون بيت 3)
دعا آهي ته رب العالمين اسان سڀني کي رمضان مهيني جي برڪتن جي صدقي نيڪ هدايت نصيب ڪري ۽ صراط المستقيم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ تزڪيه نفس ڪرڻ جي توفيق فرمائي ته جيئن دنيا وآخرت سنواري سگهجي (آمين)

پهنجو تبصرو موڪليو