ٽرائيل 2 سالن تائين مڪمل نه ٿيو ته جوابدار ضمانت جو حقدار آهي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته ٽرائيل 2 سالن تائين مڪمل نه ٿيو ته جوابدار ضمانت جو حقدار آهي.ضمانت جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ۾ عدالت سڳوري اهم فيصلو جاري ڪيو آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ضابطه فوجداري قانون جي تحت جيڪڏهن ٽرائيل 2 سالن تائين مڪمل نه ٿيو ته جوابدار ضمانت جو حقدار آهي.جسٽس اطهر من الله طرفان جاري ڪيل فيصلي موجب ضابطه فوجداري قانون ۾ ٽرائيل ۾ دير سان حوصله شڪني ڪئي وئي آهي. جنهن قانوني سببن جي بنياد تي ضمانت جي درخواست رد ٿئي، انهن سببن کي بنياد بنائي ٻيهر ضمانت نٿي ڏئي سگهجي ۽ جيڪڏهن ڪنهن گرائونڊ تي عدالت ۾ ڏنل ضمانت جي درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي رد ڪئي وڃي، اهڙي گرائونڊ تي ٻيهر ضمانت جي درخواست نٿي ڏئي سگهجي.سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته ٽرائيل ۾ دير جي بنياد تي ضمانت ڏئي سگهجي ٿي. جنهن کان پوءِ عدالت قتل جي واقعي ۾ گرفتار جوابدار محمد عثمان جي 2 لک روپين جي مچلڪن عيوض ضمانت جي درخواست منظور ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو