وجود کي وڍيندڙ روح کي رھڙيندڙ راڻيپور واقعو

گلشن سنڌو
ڪجھ عرصي کان لکڻ کان وٿي پئجي وئي ھڪ تہ ڪجھ صحت جا معاملا ھئا وري جڏھن طبيعت بھتر ٿي تہ وري اچي سستيء ورايو شاعري ڪالمنگاري ڄڻ تہ ڪنھن بس اسٽاپ تي بيھي منھنجو انتظار ڪندي نظر آيون ڪڏھن سوچيندي ھيس تہ ڪالم لکان ٿي وري چوندي ھيس تہ بعد ۾ لکنديس پر جڏھن راڻيپور وارو واقعو ٿيو تہ ڄڻ نہ زمين پيرن ھيٺان ھئي نہ آسمان سِرَ تي آءُ قلم کڻڻ لاء مجبور ٿي پيس ڇو تہ ظلم خلاف آواز اٿارڻ ،ظلم کي للڪارڻ ، ھر ان شخص تي واجب ٿئي ٿو جيڪو ھن سماج جي غليظ ناسورن کي پاڙان پٽڻ چاھي ٿو جنھن ۾ ادیب وڏو ڪردار ادا ڪندو آھي ۽ پنھنجو قلم حرڪت ۾ آڻيندي لڙڪن کي مشڪل سان ڪنٽرول ڪندي گل جھڙي فاطمہ جي واقعي تي لکڻ ويٺي آھيان تہ نون سالن جي معصوم گل جھڙي نياڻيء سان ٿيل زيادتي کي نندڻ لاء لفظ نٿا ملن سندس پوسٽ مارتم رپورٽ بابت خبر پئي تہ سڄو روح ڪانڊارجي وائيس يو آ۔ ڇا ان بگھڙ کي پنھنجي نياڻي ڪانھي….ڇا ڪارو منھن ڪندي ھن کي پنھنجي ڌيءُ جو چھرو سامھون نہ آيو… ڇا غريب جي ڪا عزت ناھي ھر ماڻھو پنھنجي ڄاين وارو آھي ھن واقعي کان پوء دل چوي ٿي تہ بس ھاڻي قيامت اچڻ گھرجي وجود وڍيندڙ ھن واقعي ھر ڪنھن جي دل تي ھڪ وزن رکي ڇڏيو آ جيڪو مجرم کي سزا ملڻ کان پوء ئي ھلڪو ٿيندو وقت جي تقاضا آھي تہ معصوم فاطمہ کي انصاف ڏيارڻ لاء سندرو ٻڌي ميدان ۾ لھڻ گھرجي
ظلم, جبر , رھزني, اڄڪلھ ايتري تہ وڌي وئي آ جو
انسان ان عمل جو عادي ٿي ويو آ ڪڏھن ڪڏھن سوچيندي آھيان تہ جڏھن اسان ننڍا ھوندا ھياسين تہ اھڙا واقعا گھٽ ٻڌڻ ۾ ايندا ھئا ڪو ھڪ اھڙو واقعو ٿيندو ھو تہ ماڻھو سالن تائين ان کي سوچيندا ھئا ان واقعي جي دھشت ۾ پريشان رھندا ھئا پر دور حاضر تي نظر ڦيرائجي تہ اھڙا واقعا روز جو معمول بڻجندا ٿا وڃن درندگيء جي واقعن ۾ اضافو ان ڪري ٿيو آھي جو مجرم آسانيء سان پاڻ ڇڏايو وڃن ٿا يعني ٻين جي نياڻين جي “عزتن تي حملو” ڪرڻ وارا وري” باعزت” بري ٿيو وڃن اھڙو ناحق ڪلور قھر شايد ئي ڪو ٻيو ھجي
نياڻيون امير جون ھجن غريب جون ھجن يا فقير جون مِٺيون ھونديون آھن تنھنڪري ڪنھن بہ ڄائيء تي ظلم ٿئي تہ اٿي کڙا ٿيو
ٻين سان ٿيندڙ ظلم تي پنھنجون اکيون بند نہ ڪري ڇڏيو اھڙن درندن کي پنھنجي انجام تي پھچائڻ تائين جنگ جاري رکڻ ئي انسانيت جي بقا آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو