واٽس اپ ۾ پاسڪيز جو فيچر متعارف

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)واٽس اپ تازو سالن ۾ اڪائونٽ سيڪيورٽي ۽ رازداري لاءِ ڪيترائي فيچر متعارف ڪرايا آهن.ميٽا جي ملڪيت واري ايپ ۾ هڪ ٻيو بهترين فيچر شامل ڪيو پيو وڃي جيڪو اڪائونٽ سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر بڻائيندو.واٽس اپ اينڊرائيڊ صارفين لاءِ پاسڪيز جو فيچر متعارف ڪرايو آهي.ڪمپني اعلان ڪيو ته اينڊرائيڊ صارفين کي هاڻي ڊگھا پاس ورڊ ياد رکڻ جي ضرورت ناهي.پاس ڪيز بنيادي طور تي ڊجيٽل ڪنجيون آهن جيڪي استعمال ڪرڻ آسان آهن جڏهن ته وڌيڪ محفوظ آهن ڇو ته اهي ويب سرور تي محفوظ نه آهن.ڊگھي پاس ورڊ جي بدران، هي ٽيڪنالاجي لاگ ان ڪرڻ لاءِ 4 عددي پن ڪوڊ يا بائيو ميٽرڪ تفصيل استعمال ڪري ٿي، مطلب ته ايس ايم ايس جي بنياد تي 2 فيڪٽر جي تصديق ختم ڪئي ويندي.واٽس اپ کان اڳ گوگل پڻ پاسڪيز کي سڀني اڪائونٽن لاءِ ڊفالٽ سائن ان طريقو ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو،ڪمپني موجب پاسڪيز فيچر اينڊرائيڊ صارفين لاءِ رول آئوٽ ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ ايندڙ هفتي يا مهينن ۾ سمورا صارف ان کي استعمال ڪري سگهندا.هن فيچر کي ڪافي عرصي کان بيٽا ورزن ۾ آزمايو پيو وڃي ۽ هاڻي ان کي باضابطه طور تي متعارف ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته هي فيچر اڃا تائين آئي او ايس ڊوائيسز لاءِ دستياب ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو