واٽس ايپ ۾ اي ميل ذريعي اڪائونٽ ۾ لاگ اِن ٿيڻ وارو فيچر متعارف

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)واٽس ايپ ۾ فون نمبر سان گڏوگڏ اي ميل ذريعي اڪائونٽ ۾ لاگ اِن ٿيڻ وارو فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي.ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، فلحال اهو فيچر بيٽا ورجن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نئين فيچر ذريعي واهپيدار اي ميل ايڊريس کي واٽس ايپ اڪائونٽ سان جوڙي سگهندا.اِهو فيچر ايم ايم ايس ويريفڪيشن جي جاءِ نه والاريندو پر ان وقت واهپيدارن لاءِ مددگار ثابت ٿيندو جڏهن کين ايس ايم ايس ذريعي ڇهن اکرن تي ٻڌل ڪوڊ نه ملندو.مٿي ڄاڻايل نئون فيچر بيٽا ورجن ۾ واٽس ايپ جي اڪائونٽ سيڪشن ۾ ڏنو ويو آهي.اي ميل ويريفڪيشن فيچر ان وقت تمام گهڻو ڪارائتو ثابت ٿيندو جڏهن ته اوهان ڪنهن اهڙي جاءِ تي ڊيوائس تي واٽس ايپ اڪائونٽ تي سائن اِن ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا جتي موبائيل نيٽ ورڪ دستياب نه هوندو يا ڪنهن نئين فون ۾ سِم لڳائڻ کانسواءِ پنهنجو واٽس ايپ اڪائونٽ استعمال ڪرڻ جا خواهشمند هوندا.ان فيچر تي واٽس ايپ انتظاميا ڪيئي مهينن کان ڪم ڪري رهي آهي ۽ هاڻ اِهو بيٽا ورجن ۾ محدود واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ تمام جلد سمورن واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو