هرديپ سنگهه نجر قتل ڪيس ۾ 3 ڀارتي گرفتار

اوٽاوا (ويب ڊيسڪ)هرديپ سنگهه نجر جي قتل ڪيس ۾ ڪينيڊا مان گرفتاريون ڪيون ويون آهن.ڪينيڊين پوليس موجب هٽ اسڪواڊ کي ڀارتي حڪومت مارڻ جي هدايت ڪئي هئي. گرفتار 3 ڀارتين جون تصويرون جاري ڪيون ويون آهن جن تي شڪي طور تي هڪ ئي اسڪواڊ جو حصو آهي.ڪينيڊين پوليس موجب 22 ورهين جو ڪرن برار، 22 ورهين جو ڪمل پريت سنگهه ۽ 28 ورهين جو ڪرن پريت سنگهه ڪيترن ئي سالن کان البرٽا صوبي ۾ رهائش پذير هئا.ميڊيا رپورٽن موجب جوابدارن تي فرسٽ ڊگري قتل ۽ سازش جو الزام آهي.ميڊيا رپورٽن موجب هرديپ سنگهه نگر کي گذريل سال جون ۾ گرو نانڪ گوردواريءَ جي دروازي تي قتل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو