نور جي برسات جو مهينو ربيع الاول

عبدالسميع سومرو
ربيع الاول هجري سال جو ٽيون نمبر مهينو آهي، ربيع الاول مهيني جي اهميت ڇو وڌيڪ آهي ان ڪري جو ان ۾ رحمت اللعالمين، خاتم الانبياء، افضل البشر حضرت محمد ﷺ جي ولادت باسعادت ٿي، مورخين جا ڪجهه مختلف رايا آهن، ڪجهه چون ٿا ته سهڻو ڪريم ﷺ 8 ربيع الاول تي پيدا ٿيا ته ڪجهه جو خيال آهي ته 12 ربيع الاول تي نور جو ظهور ٿيو، پاڻ سڳورن ﷺ پيدائش جو ڏينهن سومر آهي ۽ انگريزي 20 اپريل 571ع ۽ ان وقت ايران ۾ نوشيروان عادل جي حڪومت هئي.
يهودي ڇنڇر ۽ عيسائي آچر ڏينهن کي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيو هيو، ان ڪري الله پاڪ انهن ٻنهي جي نسبت کان هٽي ڪري پنهنجي محبوب ﷺکي سومر ڏينهن پيدا ڪيو، سومر ڏينهن الله جي رسول ﷺ کي ڏاڍو پيارو هيو جو پاڻ سڳوراﷺ هر سومر تي نفلي روزو پڻ رکندا هئا ۽ نبي پاڪ ﷺ کي هر سومر تي ملائڪ سڄي ڪائنات جي مسلمانن پاران درود سلام سندس روضي مبارڪ ۾ پهچايا ويندا آهن.
حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ڄمڻ کان اڳ ۾ سڄي دنيا ۾ ڪيپيٽل ازم، ٻڌمت جا پوئلڳ عام جام هئا، سڄي ڪائنات ڪفر، شرڪ ۽ جهالت جي اونداهي ۾ غرق هئي، تهذيب ۽ تمدن جو نالو نشان نه هيو، قيصر ۽ ڪسريٰ ۾ ڪيپيٽل ازم نافذ هيو، عربستان ۾ غلط رسومات ۽ جهالت جي اونڌاهي ٻاٽ ڇانيل هئي، ماڻهو پنهنجين نياڻين کي زنده دفن ڪندا هئا، اتان جا سردار عام ماڻهو کي پاڻ جهڙو نه سمجهندا هئا، جيڪو ڏاڍو سو گابو واري هلت هلندي هئي.
حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ولادت سان سڄي ڪائنات ۾ نور روشن ٿي پيو، قيصر ۽ ڪسريٰ جي محلات جا ڪونگرا ڪري پٽ پيا، ظالمن ۽ جابرن جون رڙيون نڪري ويون، هر طرف نور جي روشني ۽ هٻڪار محسوس ٿيڻ لڳي،گلن کي خوشبو ملي، انسانن اتساهه مليو، هر طرف نور ۽ بهار ڇانئجي وئي.
نور جي معيٰ آهي روشني، اونڌاهي جو ضد روشني آهي، پاڻ سڳورن ﷺ جي پيدا ٿيڻ سان ئي ان ڪمري سميت سڄي ڪائنات ۾ نور واري روشني ڇانئجي وئي، ڪفر جا ڪارا ڪوٽ ڪري پٽ پيا.پاڻ سڳورن ﷺ جي بابرڪت ولادت جي وقت قدرت جو اهڙو عجيب نظارو ٿيو جيڪو دنيا ۾ ڪڏهن نه ٿيو هو، بي زبان جانورن انساني زبان ۾ اوهان جي خوشخبري ٻڌائي، وڻن مان آواز آيا، بت پرستن بتن کان اوهان جي خوشخبري ٻڌي، دنيا جي ٻن وڏين بادشاهتن يعني شاهِ فارس ۽ شاهِ روم کي خواب جي ذريعي اوهان جي عظمت ۽ رفعت جي آگاهي ڏني وئي ۽ اهو به ٻڌايو ويو ته شان وشوڪت اڳيان نه رڳو قيصر ۽ ڪسريٰ پر سڄي دنيا جون رونقون جهڪائي ڇڏيون وينديون. الله رب العالمين پنهنجي محبوب حضرت محمد ﷺ کي رحمت اللعالمين جو ٽائيٽل ڏئي دنيا تي واضع ڪيو ته جهڙي طرح مان الله رب العزت پنهنجي مڃيندڙن ۽ نه مڃيندڙن کي روزي رزق عطا ڪريان ٿو اهڙي طرح حضرت محمد ﷺ پڻ سڄي ڪائنات کي پنهنجي رحمت واري چادر ۾ اوڍي ڇڏيوآهي، قيامت تائين اهو سلسلو هلندو رهندو، جيڪو ماڻهو الله کي اڪيلو معبود ۽ محمد کي آخري رسول ﷺ ڪري مڃيندو انهن لاءِ انعام ۽ اڪرام جي خوشخبري مليل آهي، اهي جنت جي باغن ۾ هميشه هميشه لاءِ رهندا ۽ جيڪي انڪار ڪندڙ هوندا انهن جو ٺڪاڻو هميشه هميشه لاءِ جهنم هوندو.
الله تعاليٰ اسان کي شرڪ کان محفوظ رکي، حضرت محمد ‏ﷺ جي سچي غلامي نصيب ڪري ۽ نبي پاڪ ﷺ جي سچي تعبيداري نصيب ڪري ان سان گڏوگڏ بدعات ۽ فضول رسومات کان محفوظ رکي. (آمين ثم آمين) .
و احسن منک لم ترقط عيني
يارسول الله ﷺ اوهان جهڙو حسين منهنجي اکين ڏٺو ئي ناهي
و اجمل منک لم تلد النساءُ
۽ ڏسندي به ڪيئن اوهان ﷺ جهڙو حسين ۽ جميل ڪنهن ماءٌ پيدائي نه ڪيوآهي
خلقت مبرءَ من کل عيبِ
اوهان ﷺ کي هر عيب کا پاڪ ڪري پيدا ڪيو ويو آهي
کانک قد خلقت کما تشاءُ
ڄڻ ته اوهان ﷺ کي ايئن پيدا ڪيو ويو آهي جيئن اوهان پاڻ چاهيو پيا.
شاعر حضرت حسان بن ثابت رضي الله

پهنجو تبصرو موڪليو