اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ هڪ ڪيس جي لکت واري فيصلي ۾ منشيات کي امن لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو.جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي تفصيلي فيصلو جاري ڪندي منشيات فروش جي عمر قيد جي سزا خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي.سپريم ڪورٽ چيو آهي ته جيڪڏهن ثبوت آهن ته منشيات جي ڪيسن ۾ ٽيڪنيڪل رڪاوٽون نه اچڻ گهرجن، منشيات جي لعنت سماج ۾ پاڙون پٽي ڇڏيون آهن.فيصلي ۾ چيو ويو ته منشيات پرامن معاشري لاءِ وڏو خطرو آهي، منشيات مان حاصل ٿيندڙ رقم دهشتگردي جي سرگرمين ۾ استعمال ٿيندي آهي.سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته منشيات خاص ڪري نوجوانن جي زندگين کي متاثر ڪري رهي آهي، منشيات وڪرو ڪندڙن جو هٿ روڪڻ لاءِ وڏا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته منشيات جي ڪيسن ۾ غير ضروري شين کي رڪاوٽ نه بڻايو وڃي.
