ملڪي ناڻي جا مٽاسٽا ذخيرا 1.50 ڪروڙ ڊالر وڌي ويا

ملڪي ناڻي جا مٽاسٽا ذخيرا 1.50 ڪروڙ ڊالر وڌي ويا

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ موجب 13 نومبر تائين ملڪ جا مجموعي سيال پرڏيهي مٽاسٽا ذخيرا 6 ڪروڙ 40 لک ڊالر گهٽجي 26 ارب 77 ڪروڙ ڊالر رهجي ويا. تازن انگن اکرن موجب جائزي هيٺ آيل هفتي دوران ڪمرشل بئنڪن وٽ موجود خالص پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 5 ارب 18 ڪروڙ ڊالر رڪارڊ ڪيا ويا. مرڪزي بئنڪ چيو ته 13 نومبر 2026ع تي ختم ٿيندڙ هفتي دوران اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 15 ملين ڊالر وڌي 21 هزار 587 ملين آمريڪي ڊالر ٿي ويا. ان کان اڳ 6 نومبر 2026ع تي ختم ٿيندڙ هفتي دوران اسٽيٽ بئنڪ وٽ موجود پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 11 ملين ڊالر وڌي 21 ارب 57 ڪروڙ ڊالر ٿيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو