ماڇڪو جاگير بدامني ۽ پوليس

ميان عارف گھنڃو
ماڇڪو جيڪو تاريخي طور تي سنڌ جو حصو رهيو آهي جتي اڪثريت ۾ سنڌي ديوان ۽ ٻيون نج سنڌ ذاتيون رهائش پذير آهن ماڇڪو جتي جي اڪثريتي عام ۽ ڪاروباري ٻولي سنڌي آهي ماڇڪو جنهن جي ڪنهن بہ طرف کان زميني سرحد پنجاب سان نہ ٿي لڳي پر پوء بہ چوڌاري سنڌ سان ملندڙ ٻيٽ نما ماڇڪو پنجاب ۾ شامل آهي.ماڇڪو جاگير ماڇڪي جي جنگجو ماڇي سردارن کي نواب آف بهاولپور هڪ جنگ ۾ ڪاميابي کان پوء عطا ڪيو جيڪو بهاولپور اسٽيٽ جي قائم رهڻ تائين جاگير جي حيثيت ۾ رهيو بهاولپور اسٽيٽ جي خاتمي کان پوء هن جاگير کي زبردستي پنجاب ۾ شامل ڪيو ويو ماڇڪي جي ماڇي سردارن کي سولنگي جو خطاب بہ عطا ٿيل آهي جنهن جي پٺيان بہ هڪ ڪهاڻي آهي جيڪا هن ريت آهي تہ ڏهرن جي وڏي سردار جد امجد ڀمڀو خان لاء وڙهندي جڏهن جنگجو ماڇين ڪاميابي جا جهنڊا کوڙيا تہ کين ڀمڀي خان ٻين انعامن ۽ اڪرامن سان گڏ سئو لنگيون عطا ڪيون ۽ کين سئو لنگين وارا ڪري سڏيو ويو جنهن مان سولنگي جڙيو جيڪو خاص جنگجو ماڇي سردارن لاء لقب هيو پر آهستي آهستي سمورن ماڇين سولنگي سڏائڻ شروع ڪيو ماڇڪو جاگير پنجاب جي تسلط ۾ هئڻ باوجود نج سنڌي ريتن رسمن ۽ رواجن جو امين رهيو آهي هتان جا هندو توڙي مسلمان ھميشہ پيار محبت پريت ۽ ڀائيچاري سان رهندا پئي آيا آهن جڏهن تہ ماڇڪي جا ماڇي سردار بہ ھميشہ هندو توڙي مسلمانن لاء ڀرجهلا ۽ سهارو ٿي رهيا آهن پر هن خوبصورت شهر کي الاء ڪنهن جي نظر لڳي آهي جو ڪافي عرصي کان هتان امن جو پکي اڏامي ويو آهي اغوا ڦر ڌاڙا قبائلي جهيڙا هن سڄي علائقي ۾ سرائيت ڪري ويا آهن جنهن جا اثرات ماڇڪي کان ٻاهر مريد شاخ اوباوڙو رونتي ڪشمور گڊو ۽ ان سڄي پکڙيل علائقي تي پئجي رهيا آهن. ماڇڪو جنهن ۾ پنجاب پوليس جو ٿاڻو ۽ پڪٽون بہ قائم آهن پر پنجاب پوليس ڏوهارين کي قابو ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام آهي جنهن جا ڪيترائي سبب آهن پر سڀ کان وڏو سبب جيڪو پوليس ڄاڻائي ٿي سو حد جو تڪرار آ جڏهن بہ ڪو ڏوھ يا واردات ٿيندي آهي تہ پوليس روايتي بي حسي جو مظاهرو ڪندي ھميشہ دير پهچندي آهي ۽ پوء حد جو تڪرار ڄاڻائي ڪاروائي ۾ دير ڪندي آهي تازو ماڇڪي جي حدن ۾ شرن ۽ ماڇين جي هڪ خوني تڪرار تقريبن ٻارنهن انساني جانيون ڳڙڪائي ورتيون آهن ۽ علاقي ۾ خوف جو راڪاس اڃا بہ رقصان آهي هن تڪرار جتي ماڻهن ۾ خوف حراس ۽ دهشت پيدا ڪئي آهي اتي پنجاب پوليس جي پت بہ وائکي ڪري ڇڏي آهي جيڪي پنهنجا ٻہ جوان شهيد ڪرائي موٽي آيا آهن سال اڳ شرن جي ڌر جا ڪجھ ماڻهو پنجاب پوليس مقابلي ۾ مارڻ جي دعوي ڪئي هئي جنهن لاء شرن جو چوڻ هو ته اسان جا اهي ماڻهو ماڇين مخبري ڪري ماريا آهن سو هنن ماڇين کي ڌمڪيون ڏنيون هيو تہ اسان پنهنجو پلاند ڪندا سين جنهن جو پنجاب پوليس کي اطلاع بہ هيو پر پوليس ڪو خاص ڪردار ادا نہ ڪيو سو هاڻي جيئن ئي ڪمند ڪٽجڻ جو سيزن شروع ٿيو تہ ماڇي جن جي زمين ماڇڪي شهر کان مشڪل سان ٻہ ڪلوميٽر پري هوندي اتي ڪمند ڪٽڻ لاء ويا تہ پهريان کان گھات هڻي ويٺل ڌاڙيلن مٿن حملو ڪري ڏنو جنهن ۾ سندن چار ماڻهو هڪ راهگير عورت قتل ٿي ويا ۽ ڪجھ ڌاڙيلن جا ماڻهو بہ مارجي ويا تہ پوليس جا جوان بہ جن جو تعداد ٻارنهن جي لڳ ڀڳ ٻڌايو پيو وڃي ماڇڪي ۾ بدامني جو هڪ ٻيو ۽ وڏو ڪارڻ پنجاب پوليس جي لالچ ڪرپشن ۽ انسان دشمن پاليسي آهي خبرون تہ ايتري تائين بہ آهن جو پنجاب پوليس جي وڏن وڏن اهلڪارن ماڇڪي جي ڪچي واري زمين تي هنن ڏوهارين جي مدد سان ناجائز قبضو ڪيو آهي سندن زمينون کيڙڻ ۽ اپائڻ جو ذمو انهن ڏوهارين تي آهي ساڻن پنجاب پوليس جي اهلڪارن جو دوستيون ۽ يارانه آهن جنهن ڪري کين ڏوهن جي کليل ڇوٽ مليل آهي ماڇڪو پنجاب پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاء سوني جي جهرڪي مثل آهي جتي جي امن کي داء تي هڻي هو پنهنجو ڀڀ ڀرين ٿا ٿاڻن کي ملندڙ بجيٽ ڳڙڪائي عام سپاهين کي ناڪاره هٿيار ۽ بڪتر بند گاڏيون ڏئي سڌو سنئون موت جي منهن ۾ ڌڪن ٿا ماڇڪو جيڪو هڪ وڏو ڪاروباري مرڪز رهيو آهي جتي جنس جي واپار کان وٺي کاڌ ڀاڻ جي ڪاروبار تائين شاهي بازار کان وٺي سونارن جي ڪاروبار تائين سڀ موجود رهيا آهن سو هاڻي ڪنهن اجڙيل ويران مفتوح ۽ لٽيل شهر جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي بدامني سبب ڪيترائي ديوان هتان انڊيا ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويا آهن جڏهن تہ ڪيترائي ڏهرڪي شفٽ ٿي ويا آهن جو هتي نہ سندن جان محفوظ آهي نہ مال ۽ نہ ئي ڪاروبار هي شهر جنهن جي سونهن هتان جا ماڇي ۽ سندن روايتي ٻولي هئي سو پنهنجي سونهن وڃائيندو پيو وڃي هي.
ماڇڪو جيڪو سنڌ جو ۽ سنڌ ۾ هجڻ جي باوجود اٻاڻڪو ننڌڻڪو ۽ لاوارث بڻيل آهي هي جاگير جيڪا ريتن رسمن راوجن تهذيبن ٻولي ۽ خمير ۾ سنڌ آهي تنهن تي پنجاب جي قبضي ۽ پنجاب پوليس جي نااهلي لالچ ڪرپشن ۽ ڌاڙيلن کي ڇوٽ هتان جي ماڻهن لاء جيون جي جستجو کي انتهائي مشڪل ڪري ڇڏيو آهي پنجاب پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ماڇڪي جي ڪچي وارين زمينن ما ججهو ناڻو ڪمائن سان گڏ هندو ۽ ٻين واپارين کي بليڪ ميل ڪري کانئن ڀتا پڻ وٺن ٿا پر جڏهن ڪا ڪاروائي ڪرڻ جو وقت اچي ٿو تہ هٿ مٿي ڪري بيهي رهن ٿا الميو هي آهي تہ ماڇڪي جي سنڌ سان وابستگي سبب هتان جي رهاڪن کي سنڌي هجڻ جي ڪري هر قسم جي ترقي ۽ تحفظ کان محروم رکندي تعصب جو شڪار ڪيو وڃي ٿو ماضي ۾ ماڇي سردارن جي هن جاگير جو امن مثالي رهيو آهي پر هاڻ اتي امن ديواني جو خواب آهي.
ماڇڪي جي جاگرافيائي بيهڪ ۽ تاريخ ماڇڪي کي سنڌ سان ڳنڍي ٿي ان ۾ رهندڙ قبيلن ذاتين ۽ برادرين جا رسم رواج ريتون پڻ هن سموري علائقي جي سنڌي هجڻ جون ساکي آهن پر پنجاب جي ناجائز قبضي ۽ پنجاب پوليس جي ڪرپشن رشوت خوري ۽ ناهلي هن خطي کي ڄڻ تہ نو گو ايريا ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي جتي عام حالات ۾ ساھ کڻڻ مشڪل هجي ماڇڪي ۽ ان جي ڪچي جي حالات جا سڌا سنوان اثر ڀر وارن علائقن تي پون ٿا جن سان سڄي خطي جو امن داء تي لڳل آهي ٻڌڻ ۾ تہ ايتري تائين آيو آهي جو پوليس ڌاڙيلن کي سي پيڪ روڊ تي واردات کان روڪڻ لاء ڳوٺن جو امن تباھ ڪرڻ جو فري لائسنس ڏئي ڇڏيو آهي.
ماڇڪي جو هي خوبصورت علائقو جيڪو سنڌو درياه جي ڪپ تي واقع آهي جتان جا ماڻهون ھميشہ ٻوڏن برساتن ۽ آفتن جا ستايل هوندي بہ محنت ڪش ۽ جفاڪش رهيا آهن هتان جا ماڇي اصل کان جنگجو ۽ جوڌا رهيا آهن جڏهن تہ ديوان هن خطي جي سونهن آهن هن سموري جاگير جي امن آتشي ۽ استحڪام لاء ضروري آهي تہ سنڌ حڪومت ماڇڪي جي مالڪي ڪندي هن جي انتظامي اختيارن کي واپس حاصل ڪرڻ لاء اعلي سطح تي آواز اٿاري تہ جيئن هتان جا ماڻهو نہ صرف پنهنجي ڌرتي ۾ انتظامي طرح شامل ٿين پر امن واري زندگي گذاري سگهن

پهنجو تبصرو موڪليو