ماني نٿي ملي ته ڪيڪ کائو

طفيل مگسي
بک کان تڙپندڙ ماڻھو جڏھن فرانس جي راڻيء جي محلات جي ٻاهريان گڏ ٿي ويا ۽ فرياد ڪرڻ لڳا ته راڻي غلام.کان پڇيو ته اهو ڳوڙ ڇاجو آھي؟غلام وراڻي ڏيندي چيس ته راڻي صاحبه اهي محل جي ٻاهران گڏ ٿيل ماڻھو بک کان تڙپندي ماني نه ملڻ جي شڪايت ڪري رهيا آھن.جنهن تي راڻي صاحبه نهايت سادگي ۽ تعجب وچان وراڻي“ماني نٿي ملين ته ڪيڪ کائي گذارو ڇو نٿا ڪن؟“راڻيء جو اهو“تاريخي جملو“انقلاب فرانس جو ڪارڻ بڻيو.راڻيء “اهو سونهري مشورو ان ڪري ڏنو ته هوء راڻي هئي.جيڪا عاليشان محل ۾ رهندي هئي.هيرن وجواهرن سان چٽيل ڪپڙا پائيندي هئي.نهايت ئي نازڪ بيڊن تي سمهندي هئي.هن جي مانيء جي ميز تي اڪيچار قسم جا کاڌا صرهئف هن جي چکڻ جي اوسيئڙي ۾ ھوندا هئا.راڻي جي ذائقي جي لاء تتر.ٻٽر.هرڻ ۽ نيريون ڳئون ائين شڪار ٿينديون هيون ڃڻ مکيون و مڇر هجن.
اميرن ۽ عام.ماڻھن ۾َاهو فرق هوندو آھي ته عام ماڻهو مزدرو بڻجي ڪري پنهنجي محنت کان جيڪي شيون پيدا ڪندو آھي.امير فقط انهن کي استعال ڪندو آھي.پر انهن کي ڪهڙي پروڙ ته نرم.چادر.نرم بستر ۽ نرم بيڊ سندن آرام.وارن ڪمرن ۾ جيڪي رکيل آھن انهن کي ان سطح تائين آڻڻ ۾ مزدرو ن جو ڪيترو پگهر ۽ رت شامل هوندو آھي.تاريخ جا ڪتاب ڀريا پيا آھن ته وري يا پوء اهي ڪهڙي ريت عوام جي طاقت جي اڳيان نه صرف گوڏا کوڙي ويٺا بلڪ پنهنجو سڀ ڪجه ڇڏي ڪري فرار ٿيڻ تي پڻ مجبور ٿيا.
ڇا اڄ پنهنجي پياري وطن جون جيڪي حالتون آھن.ڪنهن به ريت راڻي جي ڪهاڻي کان مختلف ناهن بلڪل ساڳئي صورتحال آھي يعني امير ڏينهن رات ٿڌن ڪمرن ۾ سمورين سهوليتن سان منور آھن.وڏيون وڏيون ڊگهيون ڳاڏيون سندن سڪون واري سفر جي لاء انتظار ۾ رهن ٿيون ته صاحبان اسان جي اندر داخل ٿي ڪري لطف حاصل ڪندا؟ڪنهن به آفيس ۾ ھليا وڃو.عوام جي ٽيڪسن جي پئسن تي ان قدر عيائشيون آھن ته ڇا چئجي؟۽ اھي سموريون سهوليتون کين کي بلڪل مفت ۾ مليل آھن.ٻيئي پاسي ويچار عوام تيز لڱن کي ساريندڙ گرمي ۾ هڪ ئي پکو هلائين ٿا ته بل سندن جي سموري مهيني جي پگهار وٺي وڃي ٿو.راڻي جي هڪ جملي عوام جي گڏيل ڪيفيت تبديل ڪري ڇڏي ۽ فرانس جو مقدر بدلجي ويو.ڇا اسان وٽاڄ اهڙيون حالتون ناهن ؟حڪمران اقتدار کان لهندي ئي لنڊن وڃي ويٺا آھن ۽ وري کان موزون وقت جي اوسيئڙي ۾ آھن ته حالتون بدلبيون ته غريب عوام جو رتچوسڻ ۽ ماس پٽڻ جي لاء موٽي اينداسين.جڏھن اهي لنڊن ۾ اڳ اقتدار ۾ هئا ۽ پوء وري جڏھن ساڳئي ريت لنڊن پڄي ويا.اهي ئي چوندا هئا ته علي بابا ۽ چاليهن ڇورن جون ڳچيون ورتيون وينديون ۽ انهن جا پيٽ چيري ڪري ڦريل دولت آڻڻ جون دعوائون ڪيون ٿي ويون هيون.
انهن ئي علي بابا ۽ چاليهن چورن کي پنهنجن مفادن جي خاطر ڇاتي سان لائي نه صرف پنهنجا ڪيس ختم ڪرايا بلڪ ملڪ ۽ عوام جو ٻيڙو ٻوڙي لنڊن راهي ٿيا.جن کي گهٽين ۽ بازارن ۾ گهلڻ جو ارادو کڻي يا پڪو په ڪري ۽ ڦريل دولت واپس ڪرڻ جي اميد ٻڌائي ڪري نعرن جا دڪان سنواريا ويا.ملڪ ۾ بجلي ناهي.گئس ناهي.پيئڻ جو پاڻي ناهي.اٽو ناهي.کنڊ مهانگي آھي.ايستائين ته هرشيء غريب جي پهچ کان پري ٿي چڪي آھي.۽ غريب جو اهو عالم آھي ته اگهاڙا بکيا عوام جن جو مسئلو صرف ٻن وقتن جي ماني جي حاصلات آھي.اهي خودڪشيون ۽ بلن جي پئسن جو بندوبست نه ڪري سگهڻ تي پنهنجي جگر جي ٽڪرن کي سقراط جيان زهر پياري رهيا آھن.هڪ علائقي جي رهواسي ۽ ٽن ٻارن جي محنت ڪش پيء صرف بجلي جا بل نه ڏئي سگهن جي سبب موت سان ڀاڪر پاتو.هڪ عورت پنهنجي مڙس جي طرف کان بجلي جي بل جي ادائيگي جي لاء رقم نه ڏيڻ تي پنهنجن ٻچڙن کي زهر ڏئي ڇڏيو.گند جي ڍير ۾ ڪاغذ يا ٻيون شيون تلاش ڪري ڀيٽ جو دوزخ اجهائڻ وارن تعجب ۽ مايوسي جي عالم ۾َقوم.جي ڏک ۾ واڳن جيان ڳوڙھا ڳاڙڻڻ وارن کي جڏھن سويٽ ڊش کائيندي ڏٺو ته انهن جي سمجه ۾ آيو ته امير ڪهڙي ريت غريب عوام سان دوکا ڪن ٿا.ان سڙيل ڳريل سسٽم ٻه ڪلاس پيدا ڪيا.هڪ Have ۽ ٻيو . Have not هڪ فرانس جي راڻي جو ڪلاس آھي ته ٻئي پاسي بدحال.مجبور ۽ بدنصيب عوام جنهن کي ماني نه ميسر ٿيڻ تي ڪيڪ کائڻ جو پيارو مشورو ڏنو ويو هو.هڪ ڪلاس مختلف قسم.جا کاڌا ۽ سويٽ ڊش کائيندي ڏيک ڏين ٿا ۽ ٻيا تعب.نراسائي ۽ حسرت و مايوسي کان انهن کي ڏسن ٿا.
اسان وٽ صرف ٻه طبقا آھن .هڪ ستائڻ وارو طبقو جيڪي انگ ۾ تمام گهٽ آھي.ليڪن ستائڻ وارن سمورن اوزارن سان هٿياربند آھن ۽ انهن کي ستائڻ جا لامدود اختيار به آھن ۽ انهن جي اختيارن کي چئلينج ڪرڻ جو مطلب پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ مشڪلات ۾ پجهڻ جي برابر آھي.اهي سڀ ڏسڻ ۾ نهايت ئي مهذب.تعليم يافته.۽ شعور ڀريا ڏيک ڏين ٿا.ليڪن اصل ۾ اندر کان ظالم .وحشي ۽ فرعون آھن۽ جڏھن ڪنهن جي پٺيان پئجي وڃن ٿا ته انهن جو ڪم پورو ڪري ئي ساه کڻين ٿا.ٻيو طبقو ستائلين تي مشتمل آھي.جن ۾ اسان سڀ شامل آھيون.انهن مظلومن.ويچارن .بيوس ۽ مصيبت جي ماريلن جي باري ۾ جيترو به لکيو وڃي تمام گهٽ آھي.جن جي ويجهو زندگي جو مقصد ۽ مطلب صرف مصيبتون کڻڻ.تڪليفون برداشت ڪرڻ آھون ڀرڻ.دانهون ڪوڪون ڪرڻ .تڙپڻ ۽ ستائڻ وارن جا ظلم وستم سهڻ رهجي ويو آھي.جيڪي نٿا چاهين ته خوش ٿين.خواهشيون پوريون ڪن.عيش و آرام جي ننڊ جن.مرڪن ۽ بي فڪري ڪهڙين بلائن جو نانء آھي.جيڪڏھن اوهان کي انهن ڳالهين تي يقين نه ايندو هجي ته اوهان بک ۽ بدحالي کان تڙپندڙ ماڻھن کي ڏسي سگهو ٿا.هاڻي عوام.کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڪير آھن.جيڪي هن ملڪ کي هلڻ نٿا ڏين.انهن جو گهيراء ڪرڻو پوندو ۽ انهن سان اهوئي سلوڪ ڪرڻو پوندو.جنهن جا اهي حقدار آھن ؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو