قيمتي پٿرن سان مالامال ڪارونجهر ننڌڻڪو

سجاول بجير
معدني وسيلن سان مالامال ننگرپارڪر مڪمل طور تي ننڌڻڪو بڻجي ويو آهي، حُڪمرانن جي بي ڌياني ۽ وسيلا تين وال ڪرڻ واري پاليسي سبب ڪارونجهر لاوارث بڻجي ويو آهي، ڪارونجهر جي قيمتي پٿر سميت ڪرش سرعام کڻي نيلام ڪئي پئي وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان جبل جو پٿر، ڪرش توڙي ٻي معدنيات کڻڻ تي اسٽي آڊر ڏنل هئڻ جي باوجود بااثر ٺيڪيدار سرعام عدالتي حُڪمن جي لتاڙ ڪندي معدنيات چوري ڪري وڪڻڻ ۾ مصروف آهن، ڪارونجهر جو قيمتي پٿر روڊن جي ڪمن لاءِ سرعام استعمال ٿيندي ڏسڻ باوجود معدنيات کاتي سميت پوليس ڪجھه قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي، مقامي ماڻهن جي هاءِ گهوڙا ۽ ڪوڪن جو به ڪنهن تي اثر ناهي ٿيو، ذريعن موجب ته پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ ۽ پرووانشنل ھاءِ وي ڊويزن، ٿرڊپارٽمينٽن جي ٺھندڙ روڊن جي ڪمن ۾ ڪارونجهر جو پٿر استعمال ڪيو پيو وڃي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد طرفان ڪارونجهر جي ڪنهن به حصي مان پٿر کڻڻ تي مڪمل پابندي لڳل آھي، جڏھن ته حڪومت جي ڪنهن به ٺھندڙ روڊ تي ڪارونجهر جو لوڪل پٿر استعمال نٿو ڪري سگهجي ان باوجود لاڳاپيل کاتن جي مدد سان ڏينهن رات ڪارونجهر جي مختلف حصن مان پٿر کوٽي ڪڍيو پيو وڃي، روزاني وڏي انگ ۾ کيکڙا پٿرن جا ڀري روڊن جي هلندڙ ڪمن جي وڪرو ڪيا وڃن ٿا، جبل جو بهترين ۽ سنگر مرمر جهڙو قيمتي پٿر ڀُڳڙن مُٺ عيوض نيلام ڪرڻ سان گڏ تباهي ڪئي پئي وڃي، روڊن سميت ٺهندڙ ڊيمن تي ڪم ڪندڙ بااثر ٺيڪيدار اسٽيميٽ جي اُبتڙ ڪارونجهر جو پٿر ڪمن ۾ استعمال ڪري لکين رپيا ڪرپشن ڪرڻ ۾ رُڌل آهن، سياحتي ماڳن جي سرعام ٿيندڙ ڀينگ تي به حڪومت مڪمل طور خاموش تماشائي بڻيل آهي. ننگرپارڪر ۾ 40 ورهين کان چائنا ڪلي جا ذخيرا استعمال ٿيڻ بعد هاڻي ختم ٿيڻ جي ويجهو پهچي ويا، ننگر پارڪر ۾ چائنا ڪلي تي 1961ع ۾ جيالاجيڪل سروري آف پاڪستان ۽ 1976ع کان 1979ع تائين پاڪستان منرل ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن (PMDC) سروي ڪيو، جنهن مطابق چائنه ڪلي جا ذخيرا 3.634 ظاهر ڪيا ويا ھئا روزگار تي لڳل لوڪل ماڻھن کي ملڪي قانون مطابق پگهار نه ٿي ڏني وڃي،مزورن کي هر مهيني پگهار ڏيڻ بدران رُلايو ٿو وڃي،اڪثر مزدورن کي پگهار بدران کاڌي پيتي جو سامان ڏيئي قرض ۾ جڪڙيو پيو وڃي،ڊيوٽي 12 ڪلاڪ بدران 18 ڪلاڪ کان وڌيڪ ورتي ٿي وڃي. روزاني هزارين مڻ لوڻ نڪري ٿو،وڏي انگ ۾ لوڻ جون کاڻيون موجود،ليزون من پسندن حوالي،مليل رپورٽن موجب ته اسلام ڪوٽ،مٺي،ڏيپلو ۽ ننگرپارڪر جي مختلف علائقن ۾ 145 لوڻ جي کاڻين تي ڪم هلي پيو،مختلف علائقن جي ڳوٺن ۾ لوڻ جي کاڻي تي سالن کان ڪم هلندڙ آهي،جتان ذريعن موجب روزاني صرف هڪڙي فيڪيٽري تان 400 ٽن لوڻ نڪري ٿو ۽ ٽوٽل هزارين ٽن لوڻ نڪري ٿو،کاڻين جون اڪثر سموريون ليزون غيرمقامي ماڻهن جي حوالي ٿيل آهن،اُتي مقامي مزدورن لاءِ روزگار خواب بڻجي ويون آهي،وڏي تعداد ۾ لوڻ روزاني ڪڍي وڪرو ڪري ڪروڙين روپيا ڪمايا وڃن ٿا پر اُنهن علائقن جي ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ هڪ ٽڪو به خرچ ناهي ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو