فرحت،مشتاق ۽ داوڙ پاران پرڏيهين جي واپسي خلاف درخواست داخل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ مان پرڏيهين جي بي دخلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 3/184 جي درخواست فرحٽ الله بابر، سينيٽر مشتاق ۽ محسن داوڙ داخل ڪئي، جنهن ۾ وفاق، صوبن، نادرا، پرڏيهي ۽ گهرو وزارت کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته نگران حڪومت جو وڏي انگ ۾ ماڻهن جي بي دخلي جو فيصلو غير قانوني قرار ڏنو وڃي، جن جي پيدائش پاڪستان ۾ ٿي، شهريت انهن جو حق آهي. درخواستگذارن موجب جن شهرين وٽ قانوني دستاويز آهي، انهن جي بي دخلي غير قانوني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو