عيد خرچي جو چرچو ٿي وڃي

رحمت الله ٻرڙو
اهو انساني سماج جي ٿيل مشاهدي تي چئي سگهجي ٿو ته ڪنهن به وڏي خوشي جي ڏهاڙي تي ننڍن ٻارڙن کي خرچي ٿيندي آھي ۽ وڏن کي تحفا ۽ مٺائي پهچائي خوشيء جو اظھار ڪيو ويندو آھي.
اهڙي ئي نموني ان خرچيء کي توهان گهر جي ڪنهن خوشيء سان ڳنڍي سگهو ٿا.ان خوشيء ۽ خرچيء جو استعمال ثقافتي ۽ مذھبي ڏينهن تي به ٿيندو رهندو آھي.
جنهن کي توهان عيد خرچي به چئي سگهو ٿا.خاص طور اسان جي هن ايشيا کنڊ ۾ مسلمان رمضان شريف جي عيد ۽ قربانيء واري عيد وڏي جوش جذبي سان ملهائيندا آھي.
ايئن ئي هندو مذھب وارا ڏياري،هولي کي وڏي جذبي ۽ عقيدي سان ملهائيندي هڪ ٻئي کي تحفا،مٺايون پهچائيندا ۽ کارائيندا آھن.اھڙي ريت عيسائيت وارا ڪرسمس کي وڏي ڌام ڌوم سان ملهائي ٻارڙن کي خرچيون ۽ رشتيدارن کي تحفا پهچائيندا آھن.
اها ڳالھ روايتي ،ثقافتي ۽ عقيدتن هجي به ان تي ڪو اعتراض ڪرڻ مناسب ڪونه ٿيندو،پر اسان جي هن ايشيا کنڊ ۾ خاص طور برصغير جي تاريخ بيرحم آھي.
اوهان مغلن جي حڪومتي دور کان وٺي انگريز حڪمران دور ۽ هندوستان جي هندو حڪمرانن جي تاريخ کوليندا ته اوهان کي عيد خرچيء جو سرڪاري تصور به ملندو.
مثال طور مغل بادشاھ پنهنجي دور ۾ عيد ڏهاڙن جي عيد خرچي پنهنجي سرڪار جي ماتحتن کان تحفي طور وصول ڪندا هئا.
اهڙي طور انگريز سرڪار جا ڊپٽي ڪليڪٽر،ڪليٽرز ۽ ڪمشنرز آبادگارن ،زميندارن کان عيد خرچيون وٺندا هئا ۽ روينيو آفيسرز ان ڪليڪشن کي گڏ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا هئا ۽ تمام وڏا زميندار توڙي آبادگار کين کي سڌو تحفا ڏيندا هئا ۽ انگريز سرڪار جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جو اهم ذريعو هوندو هئو.
ان سلسلي ۾ جڏهن سنڌ جي حڪومتي ۽ انتظامي عملدارن جي سالن پويان حڪمت عمليء جو جائزو ورتو ويو ته هنن به مجموعي طور ملڪي ۽ ٻين صوبائي حڪمرانن ۽ آفيسر شاهيء وانگر مغل حڪمرانن،انگريز حڪمرانن وانگر عيد خرچيء واري روايت کي بجاء گهٽائڻ جي جمهوريت جي نالي تي وڌيڪ عوام تي بار وجهڻ لاء رمضاالمبارڪ مهيني کي عيد خرچي مهينو ڪري ڀرپور نموني ملهايو ويندو آھي.
ان روايت جو فائدو وٺندي انگريز سرڪار جي ڪليڪٽرز،ڊپٽي ڪليڪٽرز کان ويندي ڪمشنرز کي مات ڏئي ڇڏي آھي.
هڪ ننڍڙو مثال ٽريفڪ پوليس جو آھي ته ڊي آء جي ٽريفڪ پنهنجو بيان جاري ڪندي چيو آھي ته ٽرئفڪ پوليس وارا گاڏين وارن کي شام جي وقت روزن ۾ تنگ نه ڪن ۽ نه ئي گاڏين جو چالان ڪن.
حيرت جي ڳالھ آھي ته جي پنجين وڳي کان ستين وڳي تائين چالان نه ڪندڙ عملدارن صبح سان گاڏين جي وٺ پڪڙ ڪري شام واري ڪسر به ڪڍي ڇڏين ٿا.
هي ننڍڙو مثال ئي ڪافي ناهي،انکان علاوه نئين آيل سنڌ حڪومت جي ڪابينا وزيرن ۽ وزير اعلي اچڻ سان ئي رمضان المبارڪ مهيني کي عيد خرچي گڏ ڪرڻ لاء سيڪريٽريز جون تيزيء سان ٿيل بدليون ۽ مقرريون،سيڪريٽريز پاران پاران پنهنجي ماتحتن کان بريفنگ جي نالي تي عيد خرچيون يا وري بدليون مقرريون ڪرڻ وارا نوان ٽرينڊ عيد خرچيء جو هڪ بهترين جديد نمونو پڻ آھن.
هڪ محتاط اندازي موجب سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽريٽ گروپ جي آفيسرز،سيڪشن آفيسرز،ڪمشنرز،ڊپٽي ڪمشنرز،روينيو آفيسرز،انڪم ٽيڪس آفيسرز،ترقياتي اٿارٽيز جي ڊائريڪٽرز جنرلز،ايڪسائيز ۾ منشيات،۽ غير قانوني پليٽ نمبرز گاڏين کان ويندي فينسي شيشن واري گاڏين جي پڪڙ پڻ عيد خرچيء جو بهانو ٻڌايو وڃي ٿو.جنهن جي عيد خرچي پڻ 2 ارب روپين کان گهٽ نه هوندي..!!
سيڪريٽريٽ گروپ جي آفيسرشاهيء ۽ حڪومتي نمائيندن جي وچ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ذريعي جو چوڻ آھي ته هن عيد خرچي مان صوبائي حڪمرانن وزيرن،صلاحڪارن ۽ تڪ جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جون ۽ سندس بيگمات جون ۽ سيڪريٽريز سطح جي آفيسر شاهيء جي گهرن جون خريداريون۽ دبئي، سعودي عرب ۽ يورپ ياترائون به ٿين ٿيون.
تازو گذريل ڏينهن جي هڪ ڇڙڪائيندڙ خبر آھي ته سڄي سنڌ ۾ ڊسٽرڪٽ آفيسرز اڪائونٽنٽس جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آھن.جنهن ۾ قربان نوناري ۽ شڪيل احمد ٻرڙو کي ٿرپارڪر،عبدالله بجاراڻي کي حيدرآباد ۾ اڪائونٽنٽ مقرر ڪيو ويو،آدم راهپوٽو کي مٽياري،۽ ڪامل مورو کي شهيدبينظر آباد ۾اڪائونٽنٽ ڪري رکيوويو ،اهڙي طرح احسان راهوجو کي جيڪب آباد ،شاهنواز دادو،امان الله جمالي کي ڪشمور ۾ اڪائونٽنٽ طور مقرر ڪيو ويو. ان نموني روزانو جي بنياد تي عيدالفطر جي اچڻ تائين حڪمران حلقا ۽ مٿين آفيسر شاهيء جي اها عيد خرچي گڏ ڪرڻ جي پريڪٽس جاري رهندي.
ان سلسلي ۾ اها به ڄاڻ ملي آھي ته عدالت جا زميوار به گهٽ ڪو نه آھن اهي به مغل سهنشاه ۽ انگريز سرڪار جيان عيد روايت واري خرچي گڏ ڪرڻ ۾ گهٽ ناهن.!!
ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت کان ويندي ٻين صوبائي حڪمرانن ۽ آفيسر شاهيء جو ساڳيو ڪم آھي ڇوته عيد خرچيء طور مشهور مهينو پورو رمضان الشريف جو هنن کي ملي وڃي ٿو.جڏهن ته اها پريڪٽس قربانيء واري عيد تي گهٽ ڏسڻ وٽان ايندي آھي.
ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته بجاء غريب مسڪين ۽ پنهنجي شهريء کي رمضان المبارڪ جهڙي برڪتن ڀري مغفرت واري مهيني ۾ ڪو وڏو ريليف ڏجي پر هتي مهانگائيء جو راڪاس ۽ عيد خرچيء جي نالي ناجائز هٿ کس ۽ پٽ جيئڻ جنجال ڪري وڌو آھي.
گذريل ڏينهن جي ئي هڪ ٻي خبر حيران ڪندڙ نذر مان گذري آھي ته سنڌ ۾ ترقياتي بجيٽ 56 سيڪڙوبه خرچ نه ٿي سگهي!!نوان منصوبا عمل ۾ نه آيا ٻيون رٿائون به متاثر.
مالي سال 2023 ۽ 2024 دوران اي ڊي پي پروگرام لاء رکيل 366 ارب روپين مان سنڌ حڪومت رڳو 160 ارب روپيا خرچ ڪيا!! 10 مهينن ۾ ترقياتي بجيٽ جا 218 ارب روپيا جاري ٿيڻ باوجود مڪمل خرچ نه ٿيا.
ان ڳالھ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جو حڪمران ۽ ڪرپٽ آفيسر شاهي ڪيتري نه نااهل آھي ۽ پنهنجي جيب خرچي يا شاھ خرچين گڏ ڪرڻ تي اچن ٿا ته ڪيئن نه عيد خرچيء جي نالي تي عوام کان ڦرلٽ ڪن ٿا.
انهيء ايڏي وڏي سادي ڳالھ کي سمجهڻ لاء ڪنهن عربي فارسيء کي سمجهڻ جي ضرورت ناهي.
ان ڪري انهيء عيد خرچيء واري ڳالھ مان هڪ محتاط اندازي موجب پوري ملڪ مان گهٽ ۾ گهٽ 15 ارب روپين جي عيد خرچي گڏ ڪري پنهنجا شاهي خرچ ۽ بيگمات جون خريداريون پڻ ڪيو وڃن ٿيون.
جڏهن ته صوبائي بجيٽ جيڪا عوامي ڀلائيء ۾ خرچ ايندي جنهن مان به هنن جي ڪرپشن جو حصو نڪرندو آھي سا کربين روپيا استعمال نه ٿيڻ سبب واپس هلي ٿي وڃي پر ڪرپٽ نااهل ان جو وقت سر جائز استعمال نه ڪري عوام سان ،ادارن سان صوبي سان ڌارين کان بهبدتر سلوڪ روان رکيو ويٺا آھن جنهن جا نتيجا انتهائي ڀيانڪ نڪري سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو