ٽيڪنالاجي صحافت جا پئمانا ئي تبديل ڪري ڇڏيا آهن

دلشاد ڀٽو
ھاڻ ڊجيٽل اخبار ۽ ايڇ ڊي سافٽ ويئر.ويب ٽي وي جو دور اچي ويو آھي۔ان کان تيز سوشل ميڊيا آھي۔جنھن ۾ نہ گھڻو اسٽاف گھرجي.نہ گھڻي سرمائي جي سيڙپ ۽ نہ وري گھڻا رپورٽر گھرجن۔ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا گھڻيون خبرون سوشل ميڊيا تان کڻي ٿي ۔ٽويٽر خبر جو وڏو ذريعو آھي باقي خبرون نيوز ايجنسيون ڏين ٿيون۔باقي سٽي رپورٽر ۽ گھٽي رپورٽر ڏاند جي چوري۔پريمي جوڙن۔ڇوڪرين جي گھران ٽن ڪپڙن ۾ نڪرڻ۔طلاق۔گھرو ۽ قبائلي جھيڙن جو خبرون يا وري سياستدان ۽ ڪامورن جي تعريفن جون خبرون موڪليندا۔جنھنجي ھاڻ ڪا ضرورت نہ رھي آھي ڇاڪاڻ تہ ھر ماڻھو وٽ سوشل ميڊيا جي ايڪسري مشين ۽ دوربيني لڳي پئي آھي۔ھاڻ جديد صحافت صرف تحقيقاتي خبرن ۽ عوام جي حقيقي مسئلن جي اپٽار تي ھلندي ڇاڪاڻ تہ ڪاپي پيسٽ خبرون صبح کان ٻئي صبح تائين ھر بليٽن ۽ ھر اخبار ۾ ساڳي واقعاتي خبر پڙھي ۽ ڏسي ماڻھو بيزار ٿي پيا آھن۔ٻيو چٽ پٽي۔مصالحہ دار ۽ اينگلنگ جنھن ۾ صحافتي بي ايماني ھوندي ۔انجو خاتمو ٿيندو۔وقت جي گھرجن موجب آھستي آھستي پراڻا قدر مدي خارج ٿيندا ۔ بي ايماني ۽ حرامخوري جا ڌنڌا وقت سان گڏ ٻاڙا ٿي ويندا۔جيئن ھاڻ صحافين ۽ ادارن جو ڌنڌو بند ٿيو آھي تہ سڀني جون رڙيون نڪري ويون آھن۔سوال ٿو پيدا ٿئي تہ ڇا ايترا سال جيڪا صحافت ٿي۔ اھا تہ Yellow journalism جي زمري ۾ بہ نٿي آئي۔مطلب صحافي ٿيڻ ۽ ميڊيا ادارو کولڻ لاء ڪا ميرٽ نہ ھئي۔کيسو خالي ھمراھ چينل ۽ اخبارون پيا کولين۔سرڪار جو انڌير اھڙو جو ڪنھن کان پڇن نہ پيا تہ لائسنس يا ڊڪلريشن وٺڻ کانپوء ادارو ھلندو ڪيئن۔پگھارون ڪٿان ڏيندا ؟ڪا سيڙپ ۽ سرمايو تہ ڏيکاريو ؟جڏھن ميڊيا ادارا سرڪار ۽ الله جي آسري تي کلندا ۽ ھلندا تہ پوء آزاد صحافت جو تصور ختم ٿي وڃي ٿو۔سوشل ميڊيا جي اچڻ سان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اھميت ئي ختم ٿي وئي آھي .سوشل ميڊيا جا سماج تي ناڪاري ۽ ھاڪاري فائدہ ۽ نقصان بہ آھن پر سوشل ميڊيا ذرائع ابلاغ ۽ تبادلہ خيال جو برق رفتار ذريعو آھي.توڙي جو اظھار خيال لاء ھر طرح جي آزادي آھي پر ھر ڪمپني پنھنجي استعمال ڪندڙ گراھڪ لاء قانون ۽ ضابطہ ٺاھيا آھن غلط استعمال ڪندڙ کي ھر ڪمپبي پنھنجن قائدن قانون موجب سزا ڏئي ٿي.جيئن اڪائونٽ بلاڪ.معطل يا ٻيون ٻيون سزائون وغيرہ.

پهنجو تبصرو موڪليو