شڪارپور (ڊر) شڪارپور ۾ فائرنگ، نوجوان قتل۔ شڪارپور شهر جي نيو فوجداري ٿاڻي جي حد منير آباد ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ نوجوان قتل ٿي ويو، منير آباد واري علائقي ۾ ون ٽو فاءِو (125) موٽر سائيڪل تي سوار ٽي هٿياربند جوابدارن حاڪم علي ولد سرور شر تي سندس گهر ٻاهران اوچتو فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو، جڏهن ته جوابدار واردات کان پوءِ هوائي فائرنگ ڪندا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. زخمي حاڪم علي کي فوري طور تي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ويو. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاچ (انڪوائري) شروع ڪري ڇڏي آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا آهن.










