سياسي انائن جي ور چڙهيل سياست، رياست جو ٿيندو؟

حبيب ٽالاڻي
جيڪڏهن اسان دنيا ترقي يافته ملڪن تي نظر ڦيرائي ڏسون ته انهن جي ترقي ۾ مثبت سياست ۽ هڪ سڌريل معاشري جو اهم ڪردار اسان کي نظر ايندو جيڪڏهن دنيا جو ڪو به ملڪ سياسي توڙي سماجي مشڪلاتن يا ڀڃ ڊاهه ڇڙوڇر يا انتشار واري صورتحال ۾ ڦاٿل هوندو ته اهڙي صورتحال ۾ اهڙي ملڪ جو سياسي سماجي توڙي معاشي ترقي ڪرڻ يا ترقيءَ طرف وک کڻي هلي روانو ٿيڻ به ڏاڍو مشڪل هوندو آهي ان جو اهم سبب اهو آهي ته مثبت سياست ۽ سڌريل سماج ٻئي اهڙيون اهم شيون آهن جن جي پختگيءَ کان سواءِ ڪنهن به ملڪ توڙي قومن جي ترقيءَ طرف وڌڻ ناممڪن هوندو آهي جنهنجو ثبوت امريڪا جرمني برطانيه فرانس ڪئنيڊا توڙي اولهه جا ٻيا ملڪ آهن جن جي ترقيءَ ۾ مثبت سياست ۽ سڌريل سماج جو اهم ڪردار آهي جيڪڏهن انهن ملڪن ۾ مثبت سياست ۽ سڌريل سماج واري صورتحال کي صرف ڪجهه سالن لاءِ بگاڙجي ته انهن ملڪن جي معيشت آسمان کان زمين تي ڪري پوندي. ان جو سبب اهو هوندو ته جڏهن سياستدان ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ لاءَ وقت توانائي وسيلا استعمال ڪرڻ بدران اهي شيون پاڻ ۾ وڙهڻ ۽ هڪ ٻئي کي گهٽ يا چور ظاهر ڪرڻ تي صرف ڪندا ۽ هڪ ٻئي جي ڄنڊا پٽ ڪندا ته پوءِ اتي ملڪي ترقي لاءِ ڪم ڪير ڪندو؟ جڏهن سياست اناپرستيءِ طرف ويندي آهي اتي ان جا اثر سماج تي پڻ پوندا جنهن سان سماج اندر اختلاف ۽ نفرتون پيدا ٿينديون جنهن سبب آهستي آهستي ملڪ يا معاشري اندر عدم برداشت سبب حالتون انتهائي خرابيءَ طرف هلي وينديون پوءِ اهڙي صورتحال ۾ اهو ممڪن ئي ناهين ته ڪو به ملڪ ترقي ڪري سگهي. بدقسمتيءَ اسان جي ملڪ ۾ سياسي توڙي سماجي صورتحال ڪجهه اهڙي ريت ئي آهي اسان پنهجي ملڪ ۾ مثبت سياست توڙي سڌريل سماج کي ڪوهين پنڌ پري بيٺي ڏسڻ کان به قاصر آهيون اسان جي سياستدانن سياست کي اناپرستيءَ جي ورچاڙهي سياست کي نفرت ۾ بدلائي ڇڏيو آهي سياست ۾ ان نفرت واري عنصر جي ڪري اسان جي ملڪ ۾ سماجي ويڇا پڻ وڌي ويا آهن اسان جو سماج جنهن جوڳڻپ اڳ ۾ ئي دنيا جي ڪمزور ۽ گهڻو پٺ تي پيل سماجن ۾ ٿيندو آهي اتي ڪجهه سالن ۾ سياست جي ڪري پيدا ٿيل ويڇن ۽ نفرتن سبب اسان جو سماج مثبت لاڙن کان هٽي ڪري عدم برداشت ۽ تشدد طرف هليوويو آهي اڄ اسان جي ملڪ ۾ سماجي صورتحال اها آهي ته عام ماڻهو پنهنجي ڪنهن به غلط عمل توڙي فيصلي کي هر حال ۾ صحيح ۽ ٻئي جي صحيح فيصلي کي غلط سمجهي ٿو جنهن جا ذميوار اسان جي ملڪ جا ڪجهه سياستدان آهن جن سياسي مفادن خاطر اسانجي ملڪ جي سياست سان گڏو گڏ سماج جي پاڙن کي به ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي ان سياسي توڙي سماجي اڻ پخگتيءَ ۽ ٽوڙ ڦوڙ جي ڪري ئي اڄ اسان جو ملڪ معاشي طور تي ڪمزور ٿي چڪو آهي اسان جي ملڪ جي معيشت وينٽيليٽر تي آهي جتي ان کي مصنوئي آڪسيجن لڳائي زندا رکڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ملڪ هلائڻ لاءِ آئي ايم ايف توڙي ٻين دوست ملڪن کان قرض وٺي ملڪ هلايو پيو وڃي پر سوال اهو آهي آخر ڪيس تائين ملڪ کي قرضن تي هلايو ويندو؟هي هڪ اهڙو سوال آهي جنهن جو جواب ڪنهن وٽ به ناهين اسان جي حڪومت چوي پئي ته اسان هاڻي ڪشڪول ٽوڙي ڇڏيو آهي جڏهن ته ٻئي پاسي وري آئي ايم ايف کان قرض وٺڻ لاءِ ڏينهن رات هٿ پير هڻندي نظر اچي پئي اسان جو وزير اعظم چوي پيو ته اسان کي ايڊ نه ٽريڊ گهرجي پر سوال اهو ته ڇا اسان جي ملڪ ۾ حالتون اهڙيون آهن جو پرڏيهي سيڙپڪار دنيا جي ٻين ملڪن کي ڇڏي اچي اسان وٽ سيڙپ ڪن؟ بلڪل ئي نه اسان جي ملڪ ۾ اهڙيون حالتون آهن ئي ڪو نه جو پرڏيهي سيڙپڪار هتي اچي سيڙپ ڪن جيڪڏهن ڪي دوست ملڪ هتي اچي سيڙپ ڪندا به ته حڪومت تبديل ٿيندي ئي هنن کي ايڏو سوڙهو ڪيو ويندو جو اهي پاڻ ته ڀڄي ويندا پر ٻين کي ڏس ڏيندا ته بلي ان پاسي پاسي نه وڃو ان جو سبب اسانجو سبب ملڪي سياست آهي. اسان جي ملڪ سياسي حالتون اهڙيون آهن جنهن تي ڪير به اعتبار نه ٿو ڪري سگهي ته ويجهي مستقل ۾ ملڪ ڪهڙي پاسي هليو وڃي ڪهڙيون حالتون پيدا ٿي پون؟ هن وقت ملڪ ۾ پي ٽي آئي اسٽيبلشمنٽ پي ٽي آئي حڪومت عدليا اسٽيبلشمنٽ توڙي حڪومت وچ ۾الڳ سان ڇڪتاڻ آهي جيڪڏهن حالتون ڪنٽرول ۾ نه ڪيون ويون ته ملڪ جون سياسي ۽ معاشي حالتون وڌيڪ خرابيءَ طرف هلي وينديون ۽ ملڪ خطرناڪ معاشي مسئلن جي ور چڙهي ويندو جڏهن ڪنهن به ملڪ ۾معاشي حالتون بلڪل خراب ٿي وڃن ته اتي ڪنهن به ملڪ جي بقا کي قائم رکڻ ڏاڍو مشڪل ڪم هوندو آهي اسان جا سياستدانن توڙي سياست کي ڪنٽرول ڪندڙ ڌرين جا اناپرستيءَ ۾ڪيل فيصلا ملڪ کي تيزيءَ سان ان طرف وٺي وڃي رهيا آهن. هن وقت اسان جو ملڪ سياسي عدم استحڪام ڪمزور معيشت ۽ دهشتگرديءَ جهڙن سنگين مشڪلاتن ۾ ڦاٿل آهي امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي هتي پرڏيهين کي ٽارگيٽ بڻايو پيو وڃي افغانستان دهشتگرديءَ جو ڳڙهه بڻجي ويو آهي جتي دهشتگرد ويهي اسان ملڪ خلاف دهشتگردي ڪن پيا. ڇا پوءِ اهڙي صورتحال ۾اهو ممڪن آهي ته موجودا سياسي حالتن ۾اسانجو ملڪ معاشي توڙي سماجي مسئلن مان ٻاهر نڪري سگهي؟ بلڪل نه جيڪڏهن اسان جا حڪمران سياسي پارٽيون توڙي اسٽيبلشمنٽ ملڪ کي موجودا حالتن مان ٻاهرڪڍڻ چاهن ٿا ته پوءِ ملڪ بچائڻ لاءِ اسانجي سياستدانن ۽اسٽيبلشمنٽ کي اناپرستيءَ واري سياست توڙي ڪردار مان ٻاهر نڪرڻو پوندو جيئن پي ٽي آئي جي دور حڪومت ۾ پي ٽي آئي حڪومت پنهنجي حڪومتي عرصي ۾ سڄو ڌيان پيپلزپارٽي ۽ نوازليگ قيادت کي چور ظاهر ڪرڻ ۽ جيلن ۾ قيد ڪرڻ تي ڏنو بلڪل هاڻي وري هي حڪومت ساڳئي طرح سان عمران خان کي چور ۽ ڪرپٽ ظاهر ڪرڻ لاءِ حڪومتي وصيلا پيا خرچ پئي ڪري هڪ پاسي عمران خان آهي جيڪو پنهنجي ڪيل سياسي غلطين تي ٻه وک اڳ تي وڌي غلطي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهين ته اتي وري اسٽيبلشمنٽ ۽ موجودا سياسي حڪومت دل وڏي ڪري عمران خان لاءِ ڪجهه نرميون پيدا ڪرڻ لاءِ به تيارناهن جنهن ڪري اسان جي ملڪ جي سياست غير يقيني واري صورتحال ۾ ڦاٿل آهي حڪومت هر حال ۾عمران خان کي جيل ۾رکڻ چاهي ٿي اسٽيبلشمنٽ عمران خان جي معافي کان ڪجهه گهٽ تي راضي ٿيڻ لاءِ تيار ناهين عمران پنهنجي ضد تي قائم آهي لوڙي عوام توڙي ملڪ پيو باقي سياستدان سڀئي اقتداري مفادن پويان پيا ڊوڙن. عمران خان مولانا فضل الرحمن محمود خان اچڪزئي اختر ميگنل ۽ ڪجهه ٻيون تنّظيمون هڪڙي پاسي آهن ته پ پ نواز ليگ ايم ڪيو ايم ۽ ڪجهه ٻيون پارٽيون هڪڙي پاسي آهن سڀني پارٽين وٽ اوليت اقتدار جي آهي اقتداري ڌر اقتدار بچائڻ لاءِ پريشان ته اقتدار کان ٻاهر ويٺل ڌريون اقتدار لاءِ پريشان آهن ڪنهن کي ملڪ توڙي عوام جو حقيقي طرح سان فڪر ئي ناهين سياسدانن ذاتي اقتداري مفادن واري ويڙهه جتي اسان جي سماج ۾ ويڇا پيدا ڪيا آهن اتي ملڪي معيشت کي پڻ تباهه ڪري ملڪ کي سنگين خطرن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي پر هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن سڀئي ملڪي سياسي پارٽيون اهي دعوا ڪن ٿيون ته اسان ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون ته پوءِ ملڪ ۽ قوم خاطر پنهنجي اناپرستيءَ واري سياست کي ختم ڪري مثبت ۽ برداشت واري سياست طرف وک ڇو نه ٿا وڌائن؟ ڇو عمران خان 9 مئي وارن واقعن تي نرمي ڏيکارڻ لاءِ تيار ناهي؟ ۽ ڇو وري اسٽيبلشمنٽ انهن واقعن کي وساري ملڪ کي اڳتي وٺي هلڻ کان قاصر آهي؟ ۽ ڇو وري پيپلزپارٽي پارٽي توڙي نوازليگ اسٽيبلشمنٽ کي عمران خان بابت نرم پاليسي واري پاسي آڻڻ کان لوائن پيون؟ موجودا سياسي صورتحال جيس تائين بهتري طرف نه ويندو ان مهل تائين ملڪ جو معاشي مسئلن مان ٻاهر نڪرڻ آسان نه هوندو ملڪ جوموجودا سياسي ڇڪتاڻ مان ٻاهر نڪرڻ انتهائي ضروري آهي ملڪ کي معاشي توڙي سماجي طور تي ترقي ڏيارڻ ۽ دهشتگرديءَ جي لعنت کان پاڪ ڪرڻ لاءِ اسانجي سڀني سياستدانن توڙي اسٽيبلشمنٽ کي انا پرستيءَ واري دٻڻ مان ٻاهر نڪرڻ گهرجي هڪ ٻئي کي چورچور چئي وقت وڃائڻ بدران مسئلن جو حل ڳولهيو وڃي جيڪڏهن اسان جا سياستدانن ۽ اسٽيبلشمنٽ هاڻي به انا ۽ ضد کي نه ڇڏيو ته پوءِ ٿي سگهي ٿو ملڪ اهڙي طرف هليو وڃي جتان واپس ٿيڻ جيڪڏهن مشڪل نه هوندو ته آسان به ڪو نه هوندو اسان جي سياستدانن توڙي اسٽيبلشمنٽ کي هاڻي اناپرستيءَ مان ٻاهر نڪري سياست بدران رياست جو سوچڻ گهرجي

پهنجو تبصرو موڪليو