حيرتن جو هڪ عجيب طوفان اُٿيل آهي. ماڻهو جيڪي نيوز چئنلن کان بنهه بور ٿي چُڪا هُئا، اُنهن جون اکيون ٽي وي اسڪرين تي ڄمي ويون آهن ۽ اُهي حيرت مان نيوز ڪاسٽر کي ٻُڌڻ سان گڏوگڏ ٽڪر به غور سان پڙهي رهيا آهن. مُلڪ جي تاريخ ۾ اِئين پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو ڪنهن ڊڪٽيٽر کي اسلام آباد جي خصوصي عدالت پاران سزا ٻُڌائي وئي آهي. جمهوري ڌرين جا حامي سڀئي ماڻهو اِن فيصلي تي سرهائي محسوس ڪري رهيا آهن ۽ اُن کي تاريخي فيصلو قرار ڏئي رهيا آهن. ٻئي طرف پاڪستاني فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جنرل پريز مشرف ڪنهن صورت ۾ به غدار نٿو ٿي سگهي ۽ ان خصوصي عدالت جي فيصلي تي پاڪ فوج ۾ شديد غم غصو ۽ اضطراب آهي.
جيتوڻيڪ مُلڪ جو هر عام خاص اِهائي ڳالهه ڪري ٿو ته انهيءَ فيصلي تي عمل گهڻي ڀاڱي ممڪن ناهي، پر جيڪو شخص پاڻ کي پنهنجي دروِ حڪومت ۾ سڀ کان وڌيڪ سگهارو تصور ڪندو هو، اُن خلاف اِهڙو فيصلو اچڻ حقيقي جمهوريت ڏانهن هڪ وِک ضرور چئي سگهجي ٿو ۽ ممڪن آهي ته ڪالهوڪو ڏينهن يعني 17 ڊسمبر پاڪستان جي تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو وڃي. انهيءَ فيصلي تي ڪي چند ڌريون ۽ فرد ڇڏي، باقي اڪثريت اُن کي بهتر قرار ڏئي رهي آهي. ايستائين جو پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري، پرويز مشرف جي خلاف سزاءِ موت تي ردعمل جو اظهار ڪندي لکيو ته، جمهوريت بهترين انتقام آهي. مسلم ليگ (ن) جي احسن اقبال فيصلي تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته پاڪستان ۾ ٿوري ٿوري عرصي کان پوءِ آئين سان کيڏ کيڏيو ويندو هو. پرويز مشرف 2 ڀيرا آئين ٽوڙيو. مسلم ليگ (ن) پهريون ڀيرو آمر جي خلاف قانوني چاره جوئي جو فيصلو ڪيو. پريز مشرف بيماريءَ جو بهانو ڪندي مُلڪ مان فرار ٿيو ۽ واپس نه آيو. سندس چوڻ هو ته فيصلي سان مستقبل ۾ آئين ٽوڙڻ واري روايت ختم ٿيندي. هُن جو اِهو به چوڻ هو ته اهڙو فيصلو جيڪڏهن 50 سال اڳ ٻُڌايو وڃي ها ته مُلڪ ۾ مارشل لا جهڙي مصيبت مسلط نه ٿئي ها.
واضح هُجي ته مسلم ليگ (ن) 2013 ۾ پرويز مشرف جي خلاف آئين ٽوڙڻ جو ڪيس داخل ڪرايو هو. ملزم پرويز مشرف خصوصي عدالت جي سامهون پيش ٿيڻ کان لنوائيندو رهيو ۽ صرف هڪ ڀيرو ئي پيش ٿيو. عدالت 31 مارچ 2014ع کي اُن تي غداري جي فرد جرم عائد ڪيو. 2016ع تي هو طبي بنيادن تي علاج جي لاءِ ٻاهر هليو ويو، جنهن کانپوءِ هو وطن واپس ناهي آيو. عدالت پرويز مشرف جي مسلسل غير حاضري ۽ پيش نه ٿيڻ تي هُن کي اشتهاري قرار ڏئي مُلڪ ۾ موجود هُن جا سمورا اثاثا ضبط ڪري ڇڏيا، جنهن کان ڪالهه 17 ڊسمبر 2019 تي هُن کي سزاءِ موت ٻُڌائي وئي.
اِها حقيقت آهي جيڪڏهن مُلڪ جي وجود ۾ اچڻ وقت ئي آئين جي ڀڃڪڙيءَ کي روايت نه بڻايو وڃي ها، جمهوريت کي فروغ ڏنو وڃي ها ته هوند اڄ مُلڪ جون حالتون ٻيون هُجن ها. اڄ جڏهن اسين پنهنجي ڪُک مان ڇڄي ڌار ٿيل بنگلاديش جون حالتون ڏسون ٿا ته اُهي گهڻي قدر پنهنجي حالتن کان بهتر لڳن ٿيون. اُن لاءِ جو اُتي جمهوريت کي هٿي وٺرائي وئي ۽ اسان وٽ جمهوريت کي لويو ويو، بلڪه سياست جهڙي سماجي علم کي اهڙي نموني پيش ڪيو ويو جو ماڻهو سياسي ڳالهه ڪرڻ به گوارا نه ڪندا هُئا. ساڳي مشق ويجهي ماضيءَ ۾ به ڏسڻ ۾ آئي. لڳ ڀڳ سڀني وڏين پارٽين جي قيادتن کي عوام آڏو منفي انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جيئن نون چهرن کي موقعو وٺرائي سگهجي. پر نوان چهرا اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ بحرانن اهڙو ته مُنهن ڪڍيو آهي جو اُهي ختم ٿيڻ جو نانءُ ئي نه ٿا وٺن. اُنهن بحرانن ۾ هيءَ صورتحال ويتر ڳڻتيءَ ۾ اضافي جو سبب بڻبي.
هاڻ ڪجهه فيصلي واري ڪارروائيءَ بابت. ڪالهه مُلڪ جي گاديءَ واري هنڌ موجود خصوصي عدالت ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس وقار احمد سيٺ جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نذر اڪبر ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم تي مشتمل ٽي رُڪني بينچ، اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻُڌڻي ڪئي. عدالت ۾ ٻُڌڻي کان پوءِ ٽي رُڪني بينچ ٻه- هڪ جي اڪثريت سان فيصلو ٻُڌائيندي اڳوڻي فوجي آمر جنرل (ر) پرويز مشرف کي غداريءَ جو مرتڪب قرار ڏيندي هُن کي سزاءِ موت جو حڪم ڏنو. جيتوڻيڪ گذريل ٻُڌڻيءَ تي خصوصي عدالت پاران اهو اعلان ڪيو ويو هو ته اُها ڪيس جو فيصلو 17 ڊسمبر تي ٻُڌائيندي، پر اُن جي باوجود حڪومتي پراسيڪيوٽر ايڊووڪيٽ علي ضيا باجوه عدالت کي ٻُڌايو ته هُن اڄ 3 درخواستون دائر ڪيون آهن. حڪومت پاران سنگين غداري ڪيس ۾ وڌيڪ ماڻهن کي ملزم بڻائڻ جي درخواست ڏني وئي ۽ چيو ويو ته حڪومت شوڪت عزيز، عبدالحميد ڊوگر ۽ زاهد حامد کي ملزم بڻائڻ چاهي ٿي. درخواست گذار پاران چيو ويو ته پرويز مشرف جي سهولتڪارن ۽ ساٿين کي به ملزم بڻائڻ چاهيون ٿا، ڇو ته سڀني ملزمن جو ٽرائل گڏ ٿيڻ ضروري آهي. اُن تي جسٽس شاهد ڪريم ريمارڪس ڏنا ته ساڍن ٽن سالن کانپوءِ اهڙي درخواست اچڻ جو مطلب آهي ته حڪومت جي نيت ٺيڪ ناهي. اڄ ڪيس حتمي دليلن جي لاءِ مقرر هو ته نئين درخواست اچي وئي. گڏوگڏ جسٽس نذر اڪبر چيو ته تحقيق ۽ شاهدين جو مرحلو گذري چُڪو آهي. جن کي ملزم ٺاهڻ چاهيو ٿا، اُنهن خلاف ڪهڙيون شاهديون آهن؟ ڇا شريڪ ملزمن جي خلاف نئين تحقيق ٿي آهي؟ جنهن تي پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته شڪايت درج ٿيڻ کان پوءِ ئي تحقيق ٿي سگهي ٿي. سيپٽمبر 2014 جي درخواست مطابق شوڪت عزيز، مشرف کي ايمرجنسي لڳائڻ جو چيو هو. اُن تي جسٽس نذر اڪبر چيو ته اوهان مشرف جي درخواست جو حوالو ڏئي رهيا آهيو، جنهن تي فيصلو به ٿي چُڪو. گڏوگڏ جسٽس شاهد ڪريم اهي ريمارڪس ڏنا ته مشرف جي شريڪ ملزمن جي درخواست تي سپريم ڪورٽ به فيصلو ڏئي چُڪي آهي. بعد ۾ عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻُڌائيندي جنرل (ر) پرويز مشرف کي سزاءِ موت ڏيڻ جو حڪم نو. خصوصي عدالت پاران اهو فيصلو ٻه هڪ جي اڪثريت سان ٻُڌايو ويو، جنهن ۾ بينچ جي ٻن ججن سزائي موت، جڏهن ته هڪ جج اُن تي اعتراض ڪيو. خاص عدالت جي ڏنل انهيءَ فيصلي تي پرويز مشرف جي قانوني ٽيم سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري سگهي، پر جيڪڏهن عدالت عظميٰ به خصوصي عدالت جي فيصلي کي برقرار رکي ٿي ته آئين جي آرٽيڪل 45 تحت صدر مملڪت کي اهو اختيار حاصل آهي ته هو ڏوهاريءَ جي سزا کي معاف ڪري سگهي.
حقيقت ۾ هيءُ فيصلو موجوده حڪومت لاءِ وڏو چئلينج آهي ته اُها پاڻ کي ڪهڙي پاسي بيهاري ٿي. جيڪڏهن اُن پرويز مشرف کي بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ته عوام سندن جمهوري چهرن کان واقف ٿي ويندو ۽ مخالف ڌر جي پارٽين کي به سندن خلاف وڏو مواد هٿ اچي ويندو، پر جيڪڏهن هُو اِن مامري ۾ پاڻ کي اڻڌريو ڪري بيهارين ٿا ته اُن سان سندن بيساکين جي کسڪڻ جو خطرو آهي. تنهنڪري ڏسڻو اِهو آهي ته عمران خان پاڻ کي ڪهڙي جاءِ تي بيهاري ٿو.
خبر ناهي ته قدرت هِن رياست تي مهربان آهي يا عوام جو ڀاڳ وريو آهي جو هڪ ئي وقت ۾ ڪيترائي اهڙا مثال قائم ٿيا آهن، جن تي جيڪڏهن ٿڌيءَ دل ۽ دماغ سان سوچيو وڃي ته هوند زندگي بهتر نموني گذاري سگهجي ٿي. هڪ مثال گُهمنڊ، هٺ ۽ وڏائيءَ جي پَستي آهي، جيڪا پرويز مشرف کي هوندي هُئي، جيڪو سدائين مخالفن کي مُڪا ڏيکاري ڊيڄاريندو هو، اڄ هُن تي جيڪي ڪيس داخل ٿيا آهن يا جنهن حالت ۾ هُو آهي، سا سوچڻ وارن لاءِ وڏو سبق آهي. اُن کان علاوه ڪراچي ۽ حيدرآباد کي هڪ اشاري سان بند ڪرڻ واري شخص جو جيڪو حشر ڏسي رهيا آهيون سو پڻ مومنن لاءِ وڏو مثال آهي ته بيگناهن ماڻهن جي قتل ۾ هٿ رڱيندڙن سان وقت ڪهڙي حالت ڪري ٿو. گڏوگڏ اِهو پڻ مثال قائم ٿي رهيو آهي ته پنهنجا نوازي ۽ اقرباپرويءَ ۾ وڏا دماغ هاڻ سُڪڙجڻ لڳا آهن. ڇا انهيءَ صورتحال مان اسان جا حڪمران يا طاقتور ڌريون ڪجهه پرائڻ لاءِ تيار آهن؟