سنڌ ۾ ترقيءَ جو ڦيٿو بيٺل ڇو آهي؟

نصير ميمڻ
گذريل هفتي هڪ عالمي اداري جي وفد ۽ هڪ پرڏيهي سفير سنڌ جي وڏي وزير سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن بابت اخبارن ۾ رسمي خبرون ڇپيون پر انهن ملاقاتن جا اندروني تفصيل پڌرا نه ٿيا. انهن ملاقاتن ۾ در حقيقت ٻنهي ڌرين پاران وڏي وزير اڳيان ترقياتي رٿائن تي ڪم جي سست رفتاريءَ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. پرڏيهي سفير وڏي وزير کي ٻڌايو ته اسان جي ملڪ جا سيڙپڪار سنڌ ۾ نه رڳو وڌيڪ سيڙپڪاريءَ کان جواب ڏيئي رهيا آهن پر هلندڙ سيڙپڪاري به ختم ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا. سفير وڏي وزير کي بنا رک رکاءَ جي ٻڌايو ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال، پاليسين ۾ تسلسل نه هجڻ، سرڪاري آفيسرن جي روين ۽ ٻين سببن جي ڪري اسان جا سيڙپڪار دل لاهي چڪا آهن. ان ملڪ پاران سنڌ کي ٻوڏ بحاليءَ جي حوالي سان ڏنل امداد (قرض نه) وارين رٿائن تي ڪم جي سستيءَ بابت به شڪايت ڪئي. ساڳي طرح عالمي اداري جي وفد به سندن فنڊ تي هلندڙ رٿائن جي رفتار يا معيار بابت شڪايت ڪئي. اندازو لڳايو ته هڪ پاسي سنڌ وٽ ترقياتي رٿائن لاءِ پئسن جي کوٽ آهي ته ٻئي پاسي عالمي ادارن وٽان کنيل قرض ۽ ڪجهه مهربان ملڪن پاران ملندڙ انساني سهائتا خرچ ڪرڻ جي صلاحيت نه آهي. اها ته رڳو گذريل هفتي جي ٻن ملاقاتن جي خبر آهي، ان کانسواءِ اهڙيون ٻيون ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿينديون هونديون، جن ۾ سنڌ جي وڏي وزير کي اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻيون پونديون هونديون. ان صورتحال جو ڪارڻ سنڌ ۾ لڳايل اها انتظاميا آهي، جنهن جون واڳون هڪ ئي وقت ڪيترا ماڻهو الڳ الڳ ڇڪي رهيا آهن. سنڌ جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ ۾ هڪ وڏي رنڊڪ اڌ درجن کان وڌيڪ پاور سينٽرز جو هجڻ آهي. ايئن سمجهو ته سنڌ ۾ هڪ ئي وقت ڪيترائي وڏا وزير صوبو هلائي رهيا آهن. انهن وٽ سنڌ جي ترقي ته ڇڏيو، پنهنجي پنهنجي کاتن جي ڪارڪردگيءَ لاءِ به ڪي ڊگھي مدي وارا هدف ۽ رٿابندي ناهي. سڄو زور کاتن ۾ ماڻهن جي مقررين، بدلين، ٺيڪن ۽ خريداريءَ واري ڪم تي آهي. جڏهن هيڏو سارو صوبو ايئن ايڊهاڪ بنيادن تي هلندو ته عوامي سهولتن جي ڍانچي جي بربادي ان جي لازمي نتيجي طور نظر ايندي.
سنڌ سرڪار وٽ صوبي جي مجموعي ترقي ۽ ان حساب سان مختلف کاتن لاءِ ڪارڪردگيءَ جا هدف ئي مقرر ناهن ڪيل. هر سال هڪ فرمائشي ترقياتي پروگرام سالياني بجيٽ هيٺ منظور ڪيو وڃي ٿو. اهو ترقياتي پروگرام ڇڙ وڇڙ، اڻ ڳانڍاپيل رٿائن جو انبار هوندو آهي، جنهن ۾ وزيرن، ٺيڪيدارن ۽ پارٽي اڳواڻن جي رٿائن کي شامل ڪيو ويندو آهي. ان ترقياتي پروگرام جي پٺيان سنڌ جي ترقيءَ جو ڪو ويزن يا عوام جون زندگيون بدلائڻ وارو پروگرام ناهي هوندو. اهو ئي سبب آهي جو هر سال ساڳي ئي قسم جون روايتي رٿائون ورجايون وينديون آهن. ان نوعيت جي ترقياتي رٿائن سان سنڌ هڪ هزار سالن تائين ترقي نه ڪري سگهندي. ان حقيقت کي سمجهڻ لاءِ هلندڙ مالي سال جي سالياني ترقياتي پروگرام جو مٿاڇرو جائزو وٺڻ ئي ڪافي آهي.
بجيٽ دستاويزن ۾ سالياني ترقياتي پروگرام جي دستاويز ۾ ڄاڻايل آهي ته صوبي جي 48 کاتن ۾ هن وقت به 3311 رٿائون هلندڙ آهن، جن لاءِ هن سال ۾ 291.74 ارب رپيا رکيا ويا هئا. گذريل سال هلندڙ رٿائن جو انگ 2506 هو. ان دستاويز موجب هن وقت سنڌ ۾ هلندڙ سمورين رٿائن لاءِ مجموعي طور 1125 ارب رپيا گهربل آهن. ان رقم کي فنانس جي ٻوليءَ ۾ ‘ٿرو فارورڊ’ چيو ويندو آهي. هر سال وڌندڙ مهانگائي ۽ قيمتن ۾ واڌ سبب ‘ٿرو فارورڊ’ جي رقم وڌندي رهندي آهي. ياد رهي ته گذريل مال سال (23-2022) 893 ارب رپيا هئي، يعني هڪ سال اندر ان رقم ۾ 233 ارب رپين جي واڌ ٿي آهي.
انهن سمورن کاتن جي سمورين رٿائن کي ڏسندا وڃو، انهن ۾ ڊگهي مدي واري ڪنهن معاشي يا سماجي ڇال ڏيڻ واري رٿا اوهان کي ڳولئي نه ملندي. سالياني ترقياتي پروگرام ۾ ٻهراڙين اندر صنعتڪاري، معاشي زون قائم ڪرڻ، نئون بندرگاهه ٺاهڻ، ميگا انفرااسٽرڪچر، زراعت کي جدت ڏيڻ، ايگرو پراسيسنگ انڊسٽري وغيره جهڙيون رٿائون ايڪڙ ٻيڪڙ به مس ملنديون.
وري اچو اهي رٿائون ۽ روز مره جي انتظامي معاملن هلائڻ وارن آفيسرن پاسي. سنڌ ۾ کاتن جي سيڪريٽرين، ڊپٽي ڪمشنرن، ڪمشنرن ۽ ايس ايس پيز جي پوسٽنگ سراسري طور تي هڪ سال به نه هوندي آهي. ان حالت ۾ انهن کاتن اندر ڪهڙا سڌارا اچي سگهندا، ڪهڙي پاليسي پلاننگ ٿي سگهندي ۽ انهن پاليسين جو ڪهڙو تسلسل هوندو؟ هتي اڃان آفيسرن جي اهليت ۽ سندن پوسٽنگ لاءِ معيار ۽ ڏيتي ليتيءَ جي تفصيلن ۾ نٿا وڃون. انهن وڏن عهدن کان سواءِ هيٺين سطح تي به بدلين ۽ مقررين جو اهو ڪاروبار لڳاتار جاري رهي ٿو. ڊونر ادارا مس ڪنهن آفيسر کي ڳالهه سمجهائي گهر ٿا پهچن ته همراهه جي بدلي ٿيو وڃي. ان صورتحال ۾ نه آفيسر ڪم کي سيريس ٿا وٺن ۽ نه سندن عملو کين سيريس ٿو وٺي. صوبي اندر عوامي ترقيءَ جي کاتن ۾ پاليسيون ڪهڙيون ٺهنديون ۽ انهن تي عمل ڪهڙو ٿيندو! صوبي ۾ ڊگهي مدي واري ترقيءَ جي رٿابنديءَ لاءِ هيٺيان عنصر گهربل آهن:

(1) صوبي لاءِ ترقي جا پنج/ڏهه سالن جا هدف مقرر ڪرڻ (مثال طور: غربت جو سيڪڙو گهٽائڻ، روزگار جا هدف، پرڏيهه مان آمدنيءَ جا هدف، زراعت ۽ صنعت جي پيداوار جا هدف وغيره).

(2) سمورن کاتن لاءِ سيڪٽورل هدف مقرر ڪرڻ (مثال طور: خواندگي شرح وڌائڻ، مائرن ۽ ٻارن جا موت گهٽائڻ، آباديءَ جي شرح گهٽائڻ، عورتن جي ليبر ۾ شموليت وڌائڻ).

(3) هر کاتي لاءِ ريسرچ آڌار سيڪٽورل پلان ٺاهڻ (هر کاتي جي ڊگهي مدي وارا هدف حاصل ڪرڻ جا ساليانه هدف، گهربل رقم ۽ ٻين سهولتن جا هدف، ان لاءِ گهربل انساني ۽ مادي وسيلن جو تعين ڪرڻ وغيره).

(4) پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي ۾ کاتن جي ڪارڪردگي ۽ هدف حاصل ڪرڻ جي رفتار جي لڳاتار چڪاس ۽ نظرداريءَ جو نظام.

(5) ميڪرو ڊولپمينٽ جون رٿائون جوڙڻ، جيڪي ڊگهي مدي وارا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ راهون سنئيون ڪن.

(6) ان سموري وهنوار بابت ڄاڻ صوبي جي عوام تائين لڳاتار پهچائڻ جي حڪمت عملي.

هونئن ته سمورا کاتا عوامي زندگين سان لاڳاپيل آهن پر ڪجهه کاتا عوامي زندگين سان روز مره جي حوالي سان وڌيڪ لاڳاپيل آهن، جن کي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. انهن کاتن ۾ تعليم، صحت، مڪاني ادارا، آبپاشي، گهرو کاتو شامل آهن. هنن کاتن جي مجموعي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رهي آهي ۽ ان جي ڪري سنڌ ۾ انساني ترقيءَ جا اهڃاڻ پٺتي پيل آهن.

اهي سمورا قدم کڻڻ سان صوبي اندر ترقياتي رٿابنديءَ جي عمل کي سائنسي بنيادن تي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. پر اهو سڀ ڪجهه حڪومت جي سياسي نيت کان سواءِ نٿو ٿي سگهي. بدقسمتيءَ سان سنڌ کي جديد دور جي گهرجن آهر ترقي ڏيارڻ بابت نيت جي کوٽ آهي، نه ته اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهڻ نا ممڪن ناهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي سنڌ جي ترقيءَ بابت ٿوري به سنجيدگي رکي ٿي ته پارٽي قيادت کي پنهنجا طور طريقا بدلائڻا پوندا. فيصلي سازيءَ جو مرڪز ڪنهن هڪ آفيس کي بڻايو وڃي. ان آفيس مان جيڪي به فيصلا ٿين، سڄي پارٽي ۽ حڪومتي وزير ۽ سندن کاتا ان جا پابند هجن. ٻيو ته اهم عهدن تي آفيسرن کي ٻه ٽي سال رهڻ ڏنو وڃي. سندن ڪارڪردگيءَ لاءِ کين چٽا هدف ڏنا وڃن ۽ سندن ڪارڪردگيءَ کي ان ڌار پرکيو وڃي. فرمائشي بنيادن تي آفيسرن جون بدليون مقرر ڪرڻ وارو سلسلو بند ڪري کين ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي. انهن سڀني ڪمن کان اڳ سنڌ ۾ مجموعي ترقي ۽ مختلف شعبن جا هدف مقرر ڪري هر شعبي جي لاءِ الڳ ترقياتي رٿابندي ڪئي وڃي. هن وقت رڳو رٿائون آهن، مجموعي ترقيءَ جو ڪو ويزن نه آهي، جنهن هيٺ ترقياتي عمل کي اڳتي وڌائجي. صوبي مٿان لڳاتار چوٿون ڀيرو حڪمراني ڪندڙ ڌر کي گهرجي ته ماضيءَ جي روايتي طور طريقن بجاءِ سنڌ واسين جي زندگين مان عذاب ختم نه ته به ڪجهه گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪا اڳڀرائي ڪري. ڇهه ڪروڙ ماڻهن جي زندگين کي انساني سطح تي آڻڻ جي ضرورت آهي.

هي آرٽيڪل روزاني پنهنجي اخبار جي ٿورن سان پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو

پهنجو تبصرو موڪليو