سنڌ ۽ پاڻي جا ذريعا

ممتاز ڪنڀر
دنيا ۾ موجود سمنڊ ۽ ان جي ٻيٽن ۾ آباد شهرن کي عالمي سطح تي گرمي جو پڌ وڌي وڃڻ بعد انهن جو مستقبل خطري هيٺ اچي ويو آهي ۽ اتي بدين ڪراچي ۽ ٺٽي جا ساحل جتي هزارين ايڪڙ زمين سمنڊ پنهنجي لپيٽ آڻي چڪو آهي ۽ هي ٽئي شهر پڻ خطري هيٺ آهن ماحولياتي مامرن جي ماهرن هڪ ڀيرو وري ڪراچي، بدين ۽ ٺـٺي کي تباهي بابت پنهنجي راءِ ڏني آهي، سنڌو درياءُ ۾ ڪوٽڙي___ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري مٿي بيان ڪيل ضلعن جي لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي چُڪي آهي ۽ اهو سلسلو هلندڙ آهي. ماهرن موجب 2060ع تائين انهن ضلعن کي وڏا خطرا درپيش آهن ۽ هن وقت تائين سمنڊ جو کارو پاڻي انهن ضلعن جي لکين ايڪڙ زمين ڳهي چڪو آهي ۽ ماڻهن جي معاشي بدحالي جو ڪاٿو لڳائين لاءِ وڏي اسٽڊ ڪرڻ ۽ دل جهلڻ جي ضرورت جهڙن هزارين آبادگارن جون زرعي زمينون ۽ قربن جون ڪهاڻيون هيون، انهن راڄن ڀاڳن ۾ ماسي حليمان ذليخان جهڙا ڪيئي ڪردار هئا، جن پنهنجي مال ڀٽاري جو کير وڪڻڻ اوطاقن تي ايندڙ / ترسندڙ ڏڪار جي مارين ٿري ماڻهن کي پياريو لسيون، ڌونئرا، مکڻ ۽ نج گيهه ڳاڙهن چانورن جي مانين سان گڏ پيش ڪيا. نيشنل انسٽي ٽيوٽ آف اوشنو گرافي پاران اها ڳالهه پارليامينٽ جي فورم تي ڪئي وئي آهي ته سنڌو درياءُ جي پوڇڙ ۾ جيڪڏهن رٿيل مٺو پاڻي سمنڊ اندر نه ڇڏيو ويو ته ايندڙ 35 سالن ۾ ڪراچي، ٺٽو ۽ بدين سمنڊ جي ور چڙهي ميسارجي ويندا اهو پڻ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڪراچي واري ملير واري علائقي ۾ به سمنڊ اڳتي وڌي آيو آهي.هي انهن ڳوٺاڻن مارو ماڻهن جون پڻ ڪهاڻيون آهن جن جو هزارن جي تعداد ۾ مال خاص ڪري مينهون ۽ ڍڳيون ٻڪريون وغيره جن مان نه صرف هي ماڻهو کير حاصل ڪندا هئا پر گڏوگڏ ڏک، سُک ۾ اهو چوپايو مال سندن ڀرجهلو ٿيندو هو. بيمارين ۾ علاج توڙي شارين جي موقن تي پئسي جي ضرورت مهل مال وڪڻي مهل ڪندا هٿئا ۽ شادين، طهرن توڙي ٻين ثقافتي ريتن رسمن ۾ مال ڪهي ڌام ڌوم سان ڀت کارائيندا هئا ۽ گوشت پڻ کارائي خوش ٿيندا هئا ۽ ائين محبتن جي ميلن توڙي نڙ بيٽن جي مهلن جا رنگ نکري ايندا هئا، پاڙي جي موچي، ڪنڀار، ڏاٽا، رنبا ٺاهيندڙ لوهار به ڪچو سيڌو وٺي پنهنجن گهرن ڏانهن خوش خوش موٽندا هئا. مڇي جا تلاءِ رکندڙ شوقين ماڻهو به پنهنجو الهه تلهه وڃائي ويهي رهيا، سندن قسمن قسمن جون مڇيون پالڻ جا شوق، سنگت ساٿ جون دعوتون ڪرڻ تازي تازي مڇي کين پيش ڪرڻ ، مڇي جي پالنا ۽ سنڀال لاءِ رکيل مزدورن جو روزگار پڻ تلائن جي ختم ٿيڻ سان گڏ رُڪجي ويو آهي ۽ هزارين ملاح جيڪي قومي فشريز پاليسي بابت سوچيندا ۽ پُڇندا رهيا جيڪا سندن راءِ خواب ئي رهجي ويئي.ايل بي او ڊي جون تباهه ڪاريون دنيا جي نظرن ميڊيا ذريعي ڏسندي جنهن حيرت جو اظهار ڪيو اهو ڪنهن انساني الميي کان گهٽ ڪونه هو جنهن بابت سهانا خواب ڏيکاريا ويا هئا پر انهي ايل بي او ڊي مقامي آبادين کي معاشي توڙي سماجي حوالي سان برباد ڪري ڇڏيو ۽ اڄ انهن علائقن جون 90 سيڪڙو زمينون سم ۽ ڪلر جي ور چڙهيل آهن ۽ زمين جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي.سنڌودرياء جنهن سان سنڌ جو جياپو آهي گليشرش جي پگهرجندڙ وارو سلسلو تيزي سان وڌي رهيو آھي جنهن سان برهم پترا، ميگهنا، گنگا سان گڏ سنڌودرياءِ به شامل آهن جن تي وڏا اثر پوندا ۽ پاڻي گهٽي ويندو. گڏوگڏ ٻيٽن ۽ تمر جي ٻيلن جي واڍي سبب ماحولياتي بگاڙ پيدا ٿي رهيو آهي، انهن ٻيٽن جو تعداد ڪراچي کان بدين تائين سون ۾ آهي تمر جا وڻ سمنڊ جي ساحل لاءِ ”ڍال“ وانگر آهن ۽ گرمي پد کي گهٽ رکن ٿا. تمر جي وڻ ختم ٿي وڃڻ بابت ماهر وڌيڪ چون ٿا ته ڪراچي جي ماڻهن کي ساهه جون بيماريون پڻ لاحق ٿي سگهن ٿيون. هي ناميان وڻ جن 1960ع ڌاري 8 قسم موجود هئا جڏهن ته هاڻي اهي چند وڃي بچيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو