روزگار جا پائيدار موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ رابطن ذريعي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ آھي:باقر

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) نگران سنڌ جي وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سي پيڪ-يونيٽو جي ٽيئن بيلٽ اينڊ روڊ فورم کي خطاب ڪندي چيو تھ 2 بلين ڊالرز جي لاڳت سان ڪراچي سرڪلر ريلوي رڳو ٽريڪس ۽ اسٽيشنز جو قيام ناھيپر ان جو بنيادي مقصد واپار ۽ صنعت کي وڌ ۾ وڌ ھٿي ڏيڻ آھي ۽ روزگار جا پائيدار موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ رابطن ذريعي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ آھي ۽ معاشي فائدن کي ڪراچي شھر کان پاڪستان جي اھم ترين شھرن تائين پکيڙيو ويندو. اھاڳالھھ ھن بيجنگ ۾ نيشنل ڪنوينشن سينٽر ۾ رٿيل ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم فار انٽرنيشنل ڪوآپريشن کي خطاب ڪندي ڪئي. شروع نگران سنڌ جي وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چين جي صدر مسٽر شي جن پنگ پاران ھڪ پائيدار پليٽ فارم جي فراھميءَ تي سندس ٿورا مڃيا. جسٽس (ر) مقبول باقر چيو تھ دي بيلٽ اينڊ روڊ ڪوآپريشن ھڪ وسيع ۽ جامع رٿا آھي جن سان قومن وچ ۾ واپاري رابطا ۽ ھڪ ٻئي سان سھڪار وڌائڻ واري طريقيڪار ۾ جدت ايندي جيڪا ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا جي کنڊن جي رياستن سان گڏجي شھرن جي وسيع تر ترقي بابت چيني قيادت جي پائيدار عزم جي عڪاسي ڪري رھي آھي. نگران وڏي وزير چيو تھ بيلٽ اينڊ روڊ ڪوآپريشن سڄي دنيا ۾ بنيادي ڊانچي جي ترقي، واپار، عوام وچ ۾ مضبوط لاڳاپن، معاشي ترقي، علائقائي ويجھڙائپ، ثقافتي مٽا سٽا ۽ محولياتي جي بھتري کي ھٿي ڏيڻ جي ڪوشش آھي تھ جيئن سھولتون حاصل ڪندڙ ماڻھن ۽ پوئتي پيل ماڻھن جي زندگي واري معيار کي بھتر بڻائي سگھجي خاص طور تي ترقي ڪندڙ ملڪن جي شھرن کي مستحڪم بڻائڻ شامل آھي. جسٽس (ر) مقبول باقر چيو تھ جيئن تھ اسان ڄاڻون ٿا تھ سموري دنيا ۾ شھري آبادي ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿي رھيو آھي ڇاڪاڻ تھ ماڻھو ۾ پنھنجي ۽ سندن ايندڙ نسل کي بھتر زندگي ڏيڻ لاءِ شھرن جو رخ ڪرڻ واري رجحان ۾ لڳاتار واڌ ٿي رھي آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ شھر ڪنھن بھ ملڪ جي معاشي ۽ سماجي روين ۾ تبديليءَ جي صلاحيت رکندا آھن، اھو نھ رڳو ملڪ جي محروم طبقي جي زندگي کي بھتر بڻائيندا آھن بلڪھ شھري علائقا غربت ۾ گھٽتائي جو سبب پڻ بڻجندا آھن ۽ جيڪڏھن مناسب انتظام ۽ مناسب وسيلن جي فراھمي نھ ڪئي وڃي تھ اھا شھري غربت ۽ انفرااسٽيڪچر جي تباھي جو سبب بڻجي سگھن ٿا. پائيدار شھري نظام جي واڌاري لاءِ پاليسي سازن شھري ترقي جي جامع منصوبن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي جنھن سان پائيدار شھري ترقي لاءِ اھم ڪردار ٿيندو. نگران وڏي وزير چيو تھ جامع رٿابندي بنا شھري آبادي ۾ واڌ معاشري لاءِ خطري جو سبب بڻجي سگھي ٿو ۽ آبادي جو بنا ڪنھن منصوبي جي نئين شھري علائقن ڏانھن وڌڻ سماجي غربت کي جنم ڏئي سگھي ٿو. پائيدا ۽ جامع شھري ترقي جي ضمانت جو مطلب اھو آھي تھ ٻين فڪرن کان سواءِ عوام جو اچڻ وڃڻ سولائيءَ سان ٿئي ۽ ان جي ذريعي اھم موقعا / سرگرمين کي سولائيءَ سان اپنائي سگھجي. معاشري جي ھر ھڪ فرد لاءِ منزل تي پھچڻ وارو عمل منصفاڻو ۽ يقيني بڻائڻ آھي. ھن چيو تھ سماجي ڀائيواري ۽ اڻ برابري جي خاتمي لاءِ ٽرانسپورٽ جو نظام انتھائي اھم آھي. نگران وڏي وزير چيو تھ سندس پڙھڻ سان ڄاڻ ملي تھ ھر سال شھرن ۾ بيمارين جو وڏو سبب گاڏين مان خارج ٿيندڙ دونھون آھي ۽ ٽريفڪ حادثن ۾ سبب فوتگين جي وڏي شرح سامھون ايندي آھي ۽ ھزارين ماڻھن جون زندگيون ختم ٿي وينديون آھن. ان سان اقتصادي ترقي بھ متاثر ٿيندي آھي ۽ گڏوگڏ ٻين ماڻھن جي زندگي پڻ متاثر ٿيندي آھي. نگران وڏي وزير سوال واري انداز ۾ چيو تھ تھ پوءِ اسان اھڙو پائيدار ٽرانسپورٽ سسٽم ڪيئن بڻائي سگھون ٿا جيڪو مستقبل جي معاشي، ماحولياتي ۽ ثقافتي مفادن ۽ عام آبادي جي بھتري ۽ ڀلائيءَ جو ضامن ٿئي؟. تازو ئي ترقي ڪندڙ ملڪن جي پاليسي سازن روزگار سان گڏوگڏ معياري تعليم ۽ صحت جي سارسنڀال کي يقيني بڻائڻ لاءِ شھرن جي جامع ترقي جي جوڙجڪ ۾ ٽرانسپورٽ واري بنيادي ڪردار کي سمجھڻ شروع ڪيو آھي جيڪو سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ ڏانھن وڌي پيو ۽ برابريءَ وارن معاشرن جي قيام جو سبب بڻجي ٿو. جسٽس (ر) مقبول باقر چيو تھ چرپر جو مطلب رڳو لفظ الف کان ب تائين پھچڻ نھ آھي پر اھو ماڻھن کي سماجي طور تي پڻ مضبوط ڪندو آھي تنھن ڪري شھري مسئلن ۾ گھٽتائي آڻڻ لاءِ ٽرانسپورٽ واري نظام کي بھتر ڪرڻ لازمي آھي. نگران وڏي وزير چيو تھ سنڌ جي گاديءَ وارو شھر ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب آھي جيڪو اٽڪل 3780 چورس ڪلوميٽر تي پکڙيل 2 ڪروڙ کان وڌيڪ آباديءَ شھر آھي جتي واپار، ٽرانسپورٽ ۽ رابطن جو وڏو نيٽورڪ موجود آھي، پوءِ بھ روزاني لکين ماڻھو بنا ڪنھن مناسب ۽ محفوظ پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽم جي سفر ڪندا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ ڪيترن ئي مختلف ٽريفڪ پول تي وڌيڪ خانگي گاڏين جو غلبو آھي جن ۾ وڌيڪ گاڏيون مرمت جي حوالي سان خراب حالت ۾ آھن، جنھن سان شھرين جي سفر ڪرڻ ۾ گھٽتائي کان سواءِ ٽريفڪ ۽ ماحولياتي خطرن ۾ واڌ ٿي رھي آھي. جسٽس (ر) مقبول باقر جي چيو تھ ھاڻوڪن سالن ۾ سنڌ حڪومت ميگا سٽي ۾ عوامي چرپر جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ خاطر خواھھ اڳڀرائي ڪئي آھي جنھن ۾ سنڌ حڪومت پنھنجي بجيٽ وارن وسيلن پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ وفاقي حڪومت جي سھڪار سان ھڪ پرجوش ماس ٽرانزٽ رٿا شروع ڪئي آھي ۽ ان کان سواءِ ان رٿا کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڊونرز جھڙوڪ ورلڊ بينڪ ۽ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ پڻ ڀرپور سھڪار ڪيو آھي. ٽرانسپورٽ انفراسٽيڪچر جي اھميت کي سمجھندي سنڌ حڪومت ميگا سٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ لاءِ ڪيترائي اھم منصوبا شروع ڪيا آھن جيئن بس ريپڊ ٽرانزٽ سسٽم جو ھڪ مربوط نيٽ ورڪ بشمول بس لين، جديد اسٽيشن ۽ ايڪو فرينڊلي بسن جو سسٽم متعارف ڪرايو آھي. ڪراچيءَ لاءِ ست بي آر ٽيز جي رٿابندي ڪئي وئي، جن مان ٻھ رٿائون مڪمل ڪيون ويون آھن جڏھن تھ ٻھ تعمير ھيٺ آھن. نگران وڏي وزير چيو تھ سنڌ جي وڏي شھر ڪراچي وانگر ٻين ننڍن شھرن ۾ مڪس ٽريفڪ موڊ تحت پبلڪ بسن کي متعارف ڪرائي رھيا آھيون ۽ عورتن لاءِ محفوط ۽ قابل اعتماد ٽرانسپورٽ آپشن جي فراھمي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. نگران وڏي وزير ڪراچيءَ جي ھڪ مرڪزي ۽ ٽرانسفارميٽيو چرپر جي حوالي سان فورم کي ٻڌايو تھ اهو اسان جي قوم کي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل ويزن ۾ متحد ڪندو يعني چائنا پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور (سي پيڪ) تحت ڪراچي سرڪل ريلوي (ڪي سي آر) رٿا کي ھٿي ملندي.ڪراچي شھر جي ٽرانسپوٽيشن نيٽورڪ کي جديد بڻائڻ لاءِ ڪي سي آر رٿا اھم سنگ ميل ثابت ٿيندي. نگران وڏي وزير چيو تھ اھو وسيع ريلوي نيٽ ورڪ 2 بلين ڊالرز جي سيڙپڪاري سان عمل ۾ آندو ويندو، جيڪو شھر جي ٽرانسپورٽ ۾ واڌ سان گڏ معاشي ترقي کي ھٿي ملڻ سان گڏ ان جي پائيدار اھميت کي واضح ڪري ٿو. ڪي سي آر 43 ڪلوميٽر ايراضيءَ تي پکڙيل ھئڻ سان گڏ شھر جي اھم علائقن کي گنڍڻ کان سواءِ بي آر ٽيز سان ضم ڪرڻ جي حوالي سان بھ ڊزائن ڪيو ويو آھي. اھڙي طرح ھڪ پائيدار، قابل يقين ۽ موئثر ٽرانسپورٽ وارو نظام فراھم ڪندو. ڪراچي سرڪلر ريلوي سان ماڻھن جي اچڻ وڃڻ ۽ سامان پھچائڻ لاءِ سولائي پيدا ٿيندي، ٽريفڪ جي رڇ کي گھٽ ڪرڻ ۽ پيداواري صلاحيت وڌائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندو ۽ آخر ڪار ڪراچي جي رھائشين جي زندگي پڻ بھتر ٿيندي. نگران وڏي وزير چيو تھ ڪي سي آر جي پائيداري سندس اھميت کي پاڻ ئي اجاگر ڪندي، ان اٿا سان روزاني ساڍا ڇھھ لک ماڻھو سفر ڪري سگھندا ۽ اھا ھڪ قابل اعتماد عوامي ٽرانسپورٽ نظام جي عڪاسي آھي ۽ شھري گھرجن کي پورو ڪرڻ بابت ٽرانسپورٽ جو بھترين ذريعو ثابت ٿيندو. جسٽس (ر) مقبول باقر چيو تھ ڪي سي آر رڳو پٽڙين ۽ اسٽيشنز جي تعمير جو نالو ناھي بلڪھ ان جو بنيادي مقصد واپار ۽ صنعت کي وڌ کان وڌ ھٿي ڏيڻ آھي ۽ روزگار جا پائيدار موقعا فراھم ڪرڻ لاءِ رابطن جي ذريعن کي وڌيڪ موئثر بڻائڻ آھن. اھا رٿا ملازمت جا وسيع تر موقعا فراھم ڪندو ۽ معاشي فائدا ڪراچي شھر کان ملڪ جي ھر ھڪ شھر تائين پھچندا. انفرااسٽيڪچر جي ترقي ۾ چين جي مھارت ۽ تجربي مان فائدو وٺندي گڏيل ڪوششن سان سوڀ جو سفر سولائيءَ سان حاصل ڪري سگھجي ٿو. نگران وڏي وزير وڌيڪ چيو تھ اسان جي قوم ۾ شراڪت، اميد ۽ ترقي جو جذبو موجود آھي ۽ ان ڀائيواري ۽ نظريي سان گڏيل ترقي ۽ خوشحالي واري جذبي کي وڌيڪ ھٿي ملندي. ھن چيو تھ سندس حڪومت سيفٽي، ڪارڪردگي ۽ پائيداريءَ جي اعليٰ ترين معيارن تي عمل ڪندي ان رٿا کي بنا ڪنھن رنڊڪ جي مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ اسان جو مقصد ھڪ ماڊل اربن ريلوي سسٽم بڻائڻ آھي جيڪو جدت ۽ ترقي جي علامت ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو