روزو بيمارين کان نجات حاصل ڪرڻ واري عبادت

اعجاز ممنائي
روزن جي عبادت ۽ اھميت کي سمجھڻ جي ضرورت آھي ڇوته روزن جي عبادت الله تعالي طرفان فرض ڪيل عبادتن منجھان ھڪ خاموش عبادت آھي۔روزن جي عبادت اڳ وارين قومن تي به فرض ڪيل ھئي۔حضرت آدم عه جي امت تي بيض جا روزا يعني مھيني جي 13.14.15 تاريخن تي روزا رکڻ فرض ڪيل ھيا۔ حضرت موسيٰ عه جي قوم تي ھر ڇنڇر جو روزو فرض ڪيل ھيو۔ نصارن تي رمضان المبارڪ جا روزا فرض ڪيل ھئا، ليڪن گرميء ۾ ھجڻ سببان وري ربيع الاول مھيني ۾ 30 روزن بجا۽ 50 روزا رکندا ھئا۔ جڏهن ته امت محمدي تي روزا 02 ھجريء ۾ فرض ڪيا ويا ۔انھيء لا۽ قرآن پاڪ جي سوره البقره آيت 183 ۾ حڪم آھي۔اي مومنو فرض ڪيو اوھان تي روزو رکڻ جئين فرض ڪيو ويو تن مٿي جي اوھان کان اڳ ھئا ته مانَ اوھين پرھيزگاري ڪريو۔
الله تعاليٰ جي حڪم موجب روزن جي عبادت اسان جي پرھيزگاريء لا۽ فرض ڪيل آھي۔پرھيزگاريء مان مراد اسانجي جسماني ۽روحاني پرھيزگاري ھجڻ گھرجي۔جسماني پرھيزگاريء مان مراد صرف بک ۽ اڃ کي برداشت ڪرڻ کي سمجھڻ اڻپورو ۽ نامناسب سمجھڻ گھرجي۔دراصل جسم جي سڀني عضون کي جھڙوڪ وات,ھٿن,پيرن ڪنن ۽ اکين کي به پرھيزگاري ڪرڻي آھي۔ته جئين الله سائينء جي رضا خاطر ۽ فرمانبرداريء ۾ غليظ ڳالھين ۽ گناھه وارن ڪمن کان پرھيز ڪندڙ رھن ۽ وڌيڪ بھتر ٿيندو ته اسانجا جسماني عضوا ھر ھڪ انسانن جي ڀلائي ۽ نيڪي جي ڪمن ڏانھن راغب ھجن۔ساڳيء طرح اسانجو روح ۽ نفس به الله تعاليٰ جي رضا ۽ اطاعت طرف مائل ھجي ته جئين روزن دوران اسانجون دليون برين ڳالھين ۽ گناھن جي سوچن کان خالي،الله تعاليٰ جي رضا ۽اطاعت ۾ خشوع ۽ خضوع سان مائل ھجن ته جئين عبادتن ۽ نيڪ عملن ۾ تسلسل ۽ يڪسانيت برقرار رھي سگھي۔
روزي کي ھڪ خاص عبادت جو درجو به مليل آھي۔جئين روزيدار طرفان سندس جسم ۽ روح جي پرھيزگاري ڪري ان جي شھوت تي ضابطو رھي ٿو،جنھن ڪري شيطان انھيء روزيدار جي جسم ۾ داخل ٿي نٿو سڳھي۔روزي واري عبادت انسان لا۽ ان جي حياتيء ۾ دين ۽دنيا جي ڪمن ۾ پڻ فائدي واري آھي۔انسان روزا رکڻ جي ڪري جسماني طور مضبوط ٿئي ٿو۔
حڪمت واري لحاظ سان انسان جي جسم جا ڪافي بيمارين وارا جزا ختم ٿي وڃن ٿا ۽ جسم سگھارو ٿئي ٿو بک ۽ اڃ جي برداشت انسان جي قوت برداشت واري سگھه کي منظم ۽طاقتور ڪري ٿي۔ روحاني طور پرھيزگاريء سبب روزيدار انسان جي الله تعاليٰ ڏانھن رغبت ۾ واڌارو اچي ٿو ۽ روحاني پاڪيزگيء سبب عبادتن ۾ خشوع ۽ خضوع پيدا ٿئي ٿو جيڪو عبادتن کي مسنجاب ڪرائڻ لا۽ وڏو ۽ بھتر سبب پڻ آھي۔
مختلف قومن جي ماهرين جي چوڻ مطابق کاڌو کائڻ ۾ ڊگهي وقفي ڪرڻ سان جسم تي مثبت ۽ ديرپا اثرات مرتب ٿين ٿا. ماهرن مطابق جيڪر هڪ مهيني ۾ پنج ڀيرا جسم کي ڏيڻ واري ڪيلريز جو اڌ مقدار استعمال ڪيو وڃي ته ڪينسر، شوگر ۽ دل جي مرض جي خطري ۾ گهڻي گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. روزو رکڻ سان دل، دل جي بيمارين ۽ ڪينسر کان سواء ڪيترن ئي ننڍڙين بيمارين کان پڻ محفوظ رهي سگهجي ٿو.
وزن ۽ سڻڀ ۾ گهٽتائي: ڪيترائي اداڪار ۽ رانديگر هفتي ۾ هڪ ٻه ڀيرا فاقو ڪن ٿا يا رڳو پاڻي تي گزارو ڪن ٿا جنهن سان وزن ۾ گهٽتائي ۽ جسم ۾ سڻڀ گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي.
انسولين جي حساسيت ۾ بهتري: فاقو ڪرڻ سان جسم ۾ انسولين جي حساسيت ۾ بهتري اچي اٿي. ازانسواءِ هاضمي جي نظام ۾ پڻ بهتري اچي اٿي ۽ جسم جي حالت (ميٽابولزم) جو عمل به بهتر ٿئي ٿو.
روزي سان ڄمار ۾ اضافو: مختلف تهذيب ۽ معاشري جو اڀياس ڪيو ويو آهي جنهن کان پوء اهو انڪشاف ٿيو آهي ته گهٽ کائڻ سان هڪ ته ڪراڙپ جو عمل سست ٿئي ٿو ۽ ٻيو هي ته فاقو ڪندڙ افراد جي ڄمار وڌي ٿي. ان جو سبب اهو آهي ته گهٽ کائڻ سان هاضمي واري نظام تي زور نٿو پوي ۽ خلين ۾ ٽوڙ ڦوڙ وارو عمل سست ٿئي ٿو.
روزو سان دماغي صلاحيت ۾ بهتري: ماهرين جو چوڻ آهي ته فاقي سان دماغي افعال ۾ گهڻي بهتري پيدا ٿئي ٿي. روزو رکڻ سان دماغ ۾ ‘بي ڊي ايف ‘ نالي هڪ پروٽين جي پيدائش وڌي وڃي ٿي. ان سان دماغ ۾ نوان خيال پيدا ٿين ٿا ۽ دماغ لاء فائديمند ڪيميڪلز جي پيداوار ۾ اضافو ٿئي ٿو. ازانسواء ‘پارڪنسن’ ۽ ‘الزائيمر’ جهڙن مرضن جو رستاروڪ ٿئي ٿو.
فاقي سان ڪينسر ۽ شوگر ۾ گهٽتائي: يونيورسٽي آف سدرن ڪيليفورنيا جي ماهرن ڄاتو آهي ته جيڪر هڪ مهيني ۾ پنج ڏينهن فاقي واري ڪيفيت مان گذريو وڃي يا کاڌ خوراڪ ۾ ڪيليريز جي مقدار اڌ ڪئي وڃي ته ان سان ڪينسر ۽ شوگر جهڙن موذي مرضن جو خطرو گهٽ ڪري سگهجي ٿو.
ماهرن ٽن مهيني تائين رضاڪارن کي ان پروگرام تي عمل ڪرائڻ بعد اهو جائزو ورتو ته ان سان دل جي بيمارين، ڪينسر ۽ وڏي عمر جا اثرات گهٽ ڏٺو ويو ماهرن جو خيال آهي ته ان جو ڪارڻ هاضمي جي نظام کي آرام ڏيڻ سان جسم ۾ ڪيتريون اهم تبديليون واقع ٿين ٿيون جيڪي ڪيترن ئي بيمارين کان بچائن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو