رضوانه تشدد ڪيس، صوميا عاصم جي ضمانت واري درخواست منظور

رضوانه تشدد ڪيس، صوميا عاصم جي ضمانت واري درخواست منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اسلام آباد جي مقامي عدالت رضوانه تشدد ڪيس ۾ جوابدار صوميه عاصم جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ ايڊيشنل سيشن جج محمد هارون جي عدالت ۾ رضوانه تشدد ڪيس ۾ جوابدار صائمه عاصم جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت ۾ جاچ آفيسر، پراسيڪيوٽر، وڪيل صفائي غلام دستگير ۽ مدعي جو وڪيل فيصل جٽ پيش ٿيا، جڏهن ته رضوانه جو گهروارو به عدالت ۾ موجود هو.وڪيل صفي غلام دستگير عدالت ۾ رضوانه جون تصويرون ڏيکاريندي چيو ته تصويرن ۾ رضوانه کي پنهنجي مالڪن سوميه عاصم سان گڏ ڏسي سگهجي ٿو، رضوانه جوابدار جي ڪٽنب سان گڏ اترين علائقن ۾ وئي هئي، رضوانه جا پراڻا زخم موجود آهن. درخواستگذار جي وڪيل فيصل جٽ جوابدار صوميا عاصم جي ضمانت واري درخواست جي مخالفت ڪئي. عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ محفوظ فيصلو ٻڌائيندي سومرا عاصم جي هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو