لنڊن (ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳوڻو اڳواڻ راجا رياض احمد پاڪستان مسلم ليگ ن ۾ شامل ٿي ويو آهي.راجا رياض لنڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڀاءُ شهباز شريف سان ملاقات ڪئي.ملاقات دوران راجا رياض نواز شريف جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي مسلم ليگ ن ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي سينيٽر اسحاق ڊار، ميان ناصر جنجوعه، عطاءُ الله تارڙ، ملڪ احمد خان، اعظم نذير تارڙ ۽ امجد پرويز پڻ موجود هئا.ان کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي راجا رياض چيو آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا، مون عام چونڊن لاءِ 15 فيبروري جي تاريخ ڏني آهي، چونڊون هڪ هفتو اڳ يا ان کان پوءِ ٿينديون.
