دوستي ماضي حال جي نظر ۾……..!!!»

گل سيوھاڻي
لفظ «دوست» مان دوستي نڪتل آھي «دوست» لفظ جي لفظي معني آھي دو معني ٻہ ست معني طاقت يعني ٻن ماڻھن جي طاقت کي دوست چئبو آھي،جئين سنڌيء ۾ چواڻي آھي ٻہ تہ ٻارنھن يعني جيڪا ٻڌي آھي اھا ٻارنھن ماڻھن جي برابر ھوندي آھي،اھڙي قسم جي جيڪڏھن ٻن انسانن ۾ جيڪڏھن ڪا ويجھڙائي واري قربت ھوندي آھي انکي دوستي چئبو آھي جيڪا ڪنھن زماني ۾ ڀائرن جي رشتي کان بہ وڌيڪ عزيز ھوندي ھئي جنھن لاء ڪنھن ڏاھي جو قول آھي تہ جيڪڏھن ڀاء دوست ٿي پوي تہ ان جھڙو ڀاء دنيان ۾ ڪون لڀندو پر جي ساڳيو ڀاء دشمن ٿي پوي تہ پوء ان جھڙو جاني دشمن ڀاء ڪٿي بہ ڪون ملندو،ھاڻي اچون ٿا ان دوستيء واري مباحثي تي تہ اھا دوستي ڪيڏانھن وئي جنھن لاء ھي سڀ ڪجھ چواڻيون مشھور ھونديون ھيون ۽ ھي خوبصورت لفظن جي ڀيٽا ان دوستيء کي ڏني ويندي ھئي،جڏھن تہ ڏينھن بہ ساڳيان آھن راتيون بہ ساڳيون آھن قبلہ بہ ساڳيا آھن تہ مندون بہ ساڳيون آھن اڄ بہ سج اوڀر کان اڀري ۽ اولھ کان لھي پيو اڄ بہ اٽي کير جو ساڳيو اڇو رنگ آھي اڄ بہ اھوئي انسان آھي جيڪو آدم عليہ السلام جي نسل ۾ ھيو اڄ بہ ان انسان ۾ اھي ئي انسانن واريون نشانيون آھن ٻہ اکيون،ھڪ نڪ ٻہ ڪن ھڪ زبان ٻہ چپ ٻہ ڳل ھڪ مٿو ٻہ ٻانھون ٻہ ٽنگون ساڳيون آھن پوء اڄ جي انسان ۽ ڪالھ جي انسان ۾ فرق ڇو آھي ڪالھ جو انسان سچ ڳالھائيندو ھيو ۽ ڪوڙ کان پاسو ڪندو ھيو کيس وڏڙن کان وڌل اھو ڊپ سامھون ايندو ھيو جنھن ۾ وڏڙن کيس نصيحت ڪئي ھئي تہ جيڪو بہ انسان ڪوڙ ڳالھائيندو ان جي عمر گھٽجي ويندي يا اھو تڪڙو مري ويندو ٻيو درسي ڪتابن ۾ بہ پڙھيو ھوندو تہ ڪوڙ جي منھن ۾ ڌوڙ ھوندي آھي شايد ان نصيحتن جي ڪري ڪالھوڪو انسان ڪوڙ ڳالھائڻ کان پاسو ڪندو ھيو ڪالھوڪو انسان ايماندار ۽ محنتي ھوندو ھيو ڪالھوڪو انسان خالص کاڌا کائيندو ھيو ڪالھوڪو انسان ننگي ھوندو ھيو ڪالھوڪو انسان عورت جو احترام ڪندو ھيو ۽ نياڻيء کي ست قرآن شريفن جي برابر سمجھندو ھيو ڪنھن جي امانت ۾ خيانت ڪون ڪندو ڪالھوڪو انسان سخن جو سچو واعدي جو پڪو ھوندو ھيو گھٽ تعليم ھوندي يا اڻپڙھيل ھوندي بہ وڏي ادب اخلاق وارو ننگي انسان ھوندو ھيو مٿي اگھاڙي کي وڏو عيب سمجھندو ھيو ۽ وڏي آواز سان ڳالھائڻ واري کي بيوقوف چوندو ھيو مھمان نواز اوطاقي ۽ وڏو محبتي انسان ھوندو ھيو آئي جو آڌرڀاء ڪرڻ وارو ۽ وڃڻ واري کي خدا حافظ چوڻ وارو انسان ھوندو ان انسان جي ڳولا ۾ آھيان تہ اھو ڪيڏانھن ويو جنھن ۾ جيڪي خوبيون ھونديون ھيون اھي اڄ جي انسان ۾ ڇو ناھن جڏھن تہ سموريون جسماني نشانيون بہ ھڪ جھڙيون آھن جيڪڏھن فرق آيو آھي تہ ايمان جي پختگيء ۾ آيو آھي جيڪڏھن فرق آيو آھي تہ سخن ۽ سچائيء ۾ آيو آھي جيڪڏھن فرق آيو آھي ڪوڙ ٺڳي ۽ منافقيء ۾ آيو آھي جيڪڏھن فرق آيو آھي منافہ خوريء ۾ آيو آھي ڇو تہ فرق آيو آھي تہ ملاوٽ ۽ ذخيرہ اندوزي ۾ آيو آھي ھتي مونکي ھڪ بيمان ھڪ فلور مل جو قصو ياد ٿو اچي جيڪو پنج وقت نماز روزا رکي تسبي ھٿ ۾ کڻي دنيان کي ڏيکاريندو ھيو تہ ھو حج بہ ڪري حاجي بڻيون آھي ۽ سارو ڏينھن عبادت ۾ گذاري ٿو ھن جي فلور مل تان جيڪو اٽو ملندو اھو بلڪل خالص ھوندو مون جڏھن ھڪ ايف ايم ريڊيو وسيلي ان فلور مل واري مالڪ حاجي صاحب جي گفتگوء ٻڌي جيڪا ھو ڪوٽڙيء جي ڪنھن فوڊ کاتي جي عملدار سان سڙيل ڪڻڪ جي ڊيل ڪري رھيو ھيو تاريخ ۽ سودو طئي ٿيو ان تاريخ جو انتظار ڪري جڏھن ٽرالر فلور مل تي لٿو تہ مان بہ اتي پھچي ويس ڇا ڏسان ڪڻڪ جي ٻورين ۾ جيڪا ڪڻڪ ڀريل ھئي ان ۾ ڪڻڪ جي داڻي جو نالو نشان بہ ڪون ھيو ساري ڪڻڪ اڏوھي ۽ سري جي کاڌل ھئي جيڪا اڳ ۾ ئي جيتن پيسائي ڪري ڇڏي ھئي اھڙي غليض ۽ صحت لاء نقصان ڪار ڪڻڪ اھا اسان جي عوام کي سپلائي ٿيئڻي ھئي مون جڏھن اھا ڪڻڪ جي لپ ڀري ان فلور مل مالڪ حاجي صاحب کي ڏيکاري ۽ پڇيو حاجي صاحب ھيء آھي اوھان جي ايمانداري جيڪا اوھان پنج وقت نماز ادا ڪري ۽ تسبي ھٿ ۾ کڻي ماڻھن کي ڏيکاريندا آھيو سچ پڇو تہ ان فلور مل مالڪ شرم کان ڪنڌ ھيٺ ڪري ويھي رھيو ڄڻ کيس ڪو نانگ ڏنگي ويو ھجي ھن واعدو ڪيو تہ ھيء ڪڻڪ ھو عوام کي پيسايي ڪري ڪون ڏيندو،ھاڻي ٻڌايو اھڙا جي بيمان انسان ھوندا جيڪي منھن ۾ ملان اندر ۾ ابليس تہ پوء ڪنھن کي معيار ڏجي اھڙا منافہ خور ملاوٽ ڪري مال تہ ٺاھيندا مگر جيڪا انساني حياتين کي گھٽائن ٿا ان جو انکي اندازو بہ نہ ھيو اھيو ئي سبب آھي جو ماڻھن جي ايمان کي زنگ لڳي ويو آھي،ڪالھوڪي دور ۾ مسجدون ڪچيون ۽ ايمان پڪا ھوندا ھيا ۽ اڄوڪي دور ۾ مسجدون پڪيون ۽ ايمان ڪچا آھن ڪالھ ڪوڙ ٺڳي ۽ منافقيء کي وڏو گنسھ ۽ عيب يعني انتھائي ڪريل عمل سمجھيو ويندو ھيو مگر ان سڀ ڪجھ ٻہ نمبر ڪم ۽ عمل کي اڄ جو انسان وري روزي رزق ۾ برقت سمجي پيو ڪالھ کير ۾ پاڻي وڌو ويندو ھيو تہ ماڻھن جو کير وارو جانور مري ويندو ھيو اڄ کير بدران پاڻيء ۾ کير وجھي وڪرو ڪيو پيو وڃي ۽ مصنوعي ڪيميڪل وارو انسان دشمن کير ٺاھي اڄ جي انسانن کي وڪرو ڪري ڏنو پيو وڃي جنھن جي ڪري اڪثر معصوم ٻارڙا ۽ پيرسن مرد عورتون ان ڪيميڪل کير واپرائڻ جي ڪري صحت کان ھٿ ڌويو ويٺا آھن ھر گھر ۾ گھر جو ٻيو ڀاتي موذي مرضن ۾ ورتل ھجي ٿو مطلب جڏھين کان منافہ خورن ھر شئي ۾ ملاوٽ شروع ڪري پنھنجي ذات لاء فائدو حاصل ڪيو آھي ان ڏينھن کان رشتن ۾ ڏار پوندا ويا ۽ مفادن جي جنگ ڇڙجي وئي آھي ھرڪو پنھنجي مفاد ۾ ھڪٻئي جو پتو ڪٽي اڳ ڪڍڻ جي چڪر ۾ ھڪ ٻئي جو ويري بڻجي ويو آھي بس اھيوئي سبب آھي جيڪا ڪالھ دوستي ھوندي ھئي ان ۾ ملاوٽ اچي وئي ماضيء ۾ غريب جي امير سان دوستي ھوندي ھئي تہ معاشري ۾ ان جو ڪو غلط مقصد ڪون ڪڍيو ويندو ھيو ڇو تہ ماضيء ۾ انسان ۾ انسانيت ھوندي ھئي ۽ اڄ انسان تہ ساڳيو آھي مگر ان ۾ انسانيت جي جاء حيوانيت ۽ وحشيت اچي وئي آھي اھيو ئي سبب آھي جو ڀاء ڀاء جو ويري بڻجي ويو آھي پٽ پيء جو ۽ پيء پٽ جو ويري بڻجي ويو آھي چئن عظيم رشتن ۾ جيڪو خال پيدا ٿي ويو آھي اھا بہ ھڪڙي قسم جي قيامت جي نشاني آھي اھي عظيم رشتا آھن ماء ۽ پيء ڀيڻ ۽ ڀاء ماضيء ۾ ھن چئني رشتن ۾ جيڪا بي تاشا محبت ھوندي ھئي ان کي ياد ڪندي اڄ ساڳين چئن رشتن جي چر پر کي ڏسجي ٿو ائين لڳي ٿو ڄڻ ھي حقيقي رشتا آھن ئي ڪون بس سھڻي لطيف جون سھڻيون سٽون آھن تہ سرمو صفيديء جو جڙي پاتو جن تڏھين ڏٺي تن اڇائي عالم جي(شاھ)شال سرمو صفيديء جو اڄ جي انسان کي ملي وڃي جيڪو ھو اکين ۾ وجھي تہ ڪا سچائي ڏسي باقي جيسين ڪارا شيشا اکين تي ھوندا تيستن اڄ جو انسان ڀلي پاڻ کي ماڊرن انسان سمجھي مگر اسان جي نظر ۾ ھو اھو جانور آھي جيڪو نہ بيضا ڏئي نڪي ٻچا ڏئي،اڄ جو انسان دوستيء جي قابل ئي ناھي رھيو اڄ جي انسان کي دوست جي معني مفھوم جي خبر ئي ناھي سي دوستيء جو ڪھڙو قدر ڪندا بس اڄ جي دوستي چانھ جي ڪپ واري دوستي آھي ھڪڙي ڏينھن مون پياري ٻئي ڏينھن چانھ نہ پياريم تہ دوستي ختم خدارا دوستيء جو قدر ڪيو جيڪا رت جي رشتن کان بہ وڌيڪ اھم آھي،

پهنجو تبصرو موڪليو