اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) دهشتگردن جي مالي مدد جي الزام هيٺ پي ٽي آءِ اڳواڻ علي وزير کي 3 ڏينهن لاءِ پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي.دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ڊيوٽي جج راجا جواد عباس دهشتگردن جي مالي مدد جي الزام هيٺ پي ٽي ايم اڳواڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ علي وزير عدالت جي آڏو پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر طرفان جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو ته علي وزير جو پهريون ريمانڊ آهي. دهشتگردن جي مالي مدد ڪئي وئي. ان بابت جاچ ڪرڻي آهي. پراسيڪيوٽر طرفان عدالت ۾ علي وزير خلاف داخل ايف آءِ آر جو متن پڙهيو ويو. جج پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته رياست مخالف بيانيو ڇا آهي؟ اهو ته ٻڌايو؟ علي وزير عدالت ۾ پيشي دوران چيو ته منهنجي عمر 47 سال آهي. اڄ تائين ڀوڳي رهيو آهيان. دنيا ڪٿي کان ڪٿي پهچي چڪي آهي. هتي اڃان تائين ٽارگيٽ ڪلنگ ٿي رهي آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا ان جو فيصلو اوهان ڪندو يا رياست؟ جنهن تي علي وزير چيو ته رياست فيصلو ڪندي پر اسان فرياد ڪري رهيا آهيون.جج ريمارڪس ڏنا ته مان ته اي ٽي سي ناهيان ڏسندو اڄڪلهه مان نارڪوٽيڪس ڏسندو آهيان جيڪڏهن نارڪوٽيڪس جو ڪيس بڻجي ته ٻڌي وٺنداسين. علي وزير جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ علي وزير 2 سال جيل ۾ گذاريا. پي ٽي ايم اڳواڻ چيو ته اسان جي فنڊنگ جو طريقيڪار آهي. اسان پنهنجن ماڻهن کي فنڊنگ لاءِ چوندا آهيون. جج راجا جواد عباس مسڪرائيندي ريمارڪس ڏنا ته مون کي ڪڍي ڇڏيو مان فنڊنگ ڏيندس يا بل ڏيندس. علي وزير چيو ته اهو ثابت ڪري ڏيکاريو وڃي ته اسان غلط طريقي سان فنڊنگ ڪئي آهي. جنهن کان پوءِ دهشتگردي جي انت واري عدالت جي ڊيوٽي جج پي ٽي ايم اڳواڻ علي وزير جو 3 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪندي کيس 3 ڏينهن جي لاءِ پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.
