دنيا جو پهريون اڏامندڙ اليڪٽرڪ سامونڊي جهاز

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)دنيا جي پهرين اڏامندڙ سامونڊي جهاز آزمائشي مرحلن کي مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ ايندڙ سال ان کي متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي. اها اليڪٽرڪ فلائنگ پيسنجر شپ سويڊن جي هڪ ڪمپني Candela ٽيڪنالوجي اي بي تيار ڪئي آهي. ان کي Candela پي 12 جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪو 12 ميٽر ڊگھو آهي. ان ۾ هڪ ئي وقت 30 مسافر سفر ڪري سگھن ٿا. ڪمپني موجب Candela پي 12 پاڻي ۾ 29 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏامي سگھي ٿو. ڪمپني وڌيڪ ٻڌايو ته اها سواري پاڻين ۾ سفر جي انداز کي تبديل ڪري ڇڏيندي. اهو جهاز اڏام لاءِ هائڊروجن فوائلز کي استعمال ڪري ٿو جنهن سان پاڻي ۾ موجود ان جو هيٺيون حصو پاڻي جي سطح کان مٿي اٿي وڃي ٿو. اهو روايتي ٻيڙين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيز سفر ڪري ٿو.ڪمپني موجب ان ۾ 2 انجڻ استعمال ڪيون ويون آهن جن کي 252 ڪلو واٽ جي بيٽري پاور فراهم ڪري ٿي جڏهن ته ان جو ڊجيٽل فلائيت ڪنٽرول سسٽم لهرن، هوا ۽ پاڻي ۾ موجود اليڪٽروڊ کي نظر ۾ رکندي هائڊرو فوائلز کي ايڊجسٽ ڪري ٿو. ڪمپني طرفان ان جي قيمت ناهي ٻڌائي وئي پر ڪمپني جو چوڻ هو ته 2024ع کان اها اليڪٽرڪ سواري سويڊن جي 2 شهرن جي وچ ۾ هلائيندي، جنهن سان 55 منٽن جو سفر 25 منٽن ۾ طئي ٿي سگھندو.

پهنجو تبصرو موڪليو